ڊاڪٽر پروفيسر بلقيس ملڪ
اسين ھن مسيحا صفت عورت
کي ڇا ڏنو
ذوالفقار قادري
ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ۲۰ فيبروري ۱۹۲۹ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. بنيادي طور
هن جي خاندان جو تعلق سيالڪوٽ جي هڪ اعليٰ فيملي سان آھي. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ۱۹۵۸ع ۾، ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد، ايف سي پي ايس ۽
ايف آر سي ايس لا۽ رائل ميڊيڪل ڪاليج لنڊن هلي وئي اتان ماسٽرس ڪرڻ بعد ايڊوانس ڪورسز
لا۽ آمريڪا وئي ۽ ۱۹۷۲ع ۾ جڏھن پاڪستان واپس آئي ته پشاور
هڪ ميڊيڪل پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ وئي ۽ واپسي تي اسلام آباد ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر بيگم
اشرف عباسي سان ٿي جيڪا سندس ساهيڙي هئي. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کي ڀٽو صاحب خواتين
جي مخصوص نشست تي قومي اسمبلي جو ميمبر بڻايو هو ۽ پوءِ کيس ڀٽو صاحب قومي اسمبلي
جو ڊپٽي اسپيڪر به چونڊرايو. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪرائي. ڀٽو صاحب کيس چيو ته؛ سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليج صرف ڪراچي
۽ حيدرآباد ۾ آھن. منهنجي خواهش آھي ته هڪ ميڊيڪل ڪاليج، اتر سنڌ ۾ به هئڻ کپي. ان
سان نه صرف اتر سنڌ بلڪ بلوچستان جي ماڻھن کي به فائدو ٿيندو. ان لاءِ منهنجي
خواهش آھي ته اوهان نئين قائم ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليج ۾ عورتن واري شعبي کي سنڀاليو.
بقول ڊاڪٽر بلقيس جي ته سندس لاءِ اها حيران ڪندڙ ڳالهه هئي. هڪ ته مون زندگي ۾ ڪڏھن
لاڙڪاڻو ڏٺو ئي ڪو نه هو، ٻيو مان غير شادي شده هئس. پر ڀٽو صاحب سان انڪار نه ڪري
سگهيس. مون ڀٽو صاحب سان ها ڪري ڇڏي.
اها خبر جڏھن سندس گهر وارن کي
پئي ته هو سندس مٿان ناراض ٿيا. پر هوءَ وعدي مطابق لاڙڪاڻي اچي پهتي. انهن ڏينهن
۾ سنڌ جو وزير صحت، عبدالوحيد ڪٽپر ۽ سيڪريٽري هيلٿ، علي محمد انصاري هو. جڏھن ته
لاڙڪاڻي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ھو. سيڪريٽري هيلٿ، احمد علي انصاريءَ
سندس نوڪري جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
