حاجي نظر محمد بلوچ
مدثر نظر بلوچ
انسان جي زندگي ۾ ڪافي
لاها چاڙها ايندا آهن، جن سان ان کي زندگيءَ جي اصل روح کي پرکڻ جي سُڌ ملندي آهي،
پر انهي زندگي جي آغاز ۾ دنيا جي رنگينين، سُٺاين، خرابين بابت آگاهي انسان جي
پنهنجي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج ۾ ملندي آهي، ماءُ جي هنج انسان جي پهرين درسگاهه
ضرور آهي پر ان درسگاهه جو بنياد والد هوندو آهي، والد جيڪو پنهنجي ننڍڙين ننڍڙين
خُوشين کي پنهنجي اولاد جي فرمائشن ۽ خواهشن لاءِ اندر ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيندو آهي.
ماءُ جي پيرن هيٺان جيڪڏهن پالڻهار جنت رکي آهي ته ان جنت جي دروازي جي ڪُنجي والد
جي فرمانبداري سان ئي ملي سگهي ٿي.
