استاد لعل بخش
اوِرچُ انسان
ستار پيرزادو
مامي
الهه بخش کي چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون. انهن چئني پٽن مان وڏو پٽ لعل بخش هوس. هن
تي پنهنجي پڙ ڏاڏي جو نانءُ رکيل هو. سندس ڄم اصل ۾ اسان جي هن ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ
۾ ۷ نومبر ۱۹۳۷ع ۾ ٿيو هو. مامي الهه بخش جي گھر
واري خليفي محمود جي ڌيئڙي هئي، خليفي محمود کي جيئن ته پٽيلو اولاد ڪو نه هو، تنهن
ڪري هن مامي الهه بخش کي گھر ڄاٽو ڪري رکيو هو. مامو الهه بخش جيئن ته ان وقت جي
مطابق پرائيمري تعليم ۾ فائينل پاس هو، تنهن ڪري کيس انگريز نامدار جي حڪومت ۾
پرائمري ماستري ملي وئي هئي. انڪري هن به پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيورن سان سينگاريو.
سندس چار ئي پٽ انگريزي تعليم حاصل ڪري، سرڪاري نوڪري ڪندي، ٽي پٽ پنهنجي عمر گذاري،
ڌڻيءَ جي سڏ کي اونائي، اجل ڏانهن راهي ٿي ويا. باقي سندس ننڍو پٽ شمس الدين اڃا
قيدِ حيات ۾ آهي. سندس ٻئي نياڻيون، پنج درجا سنڌي ۽ قرآن شريف پڙهيل هيون، سي به هاڻ
هن جهان ۾ ناهن رهيون.
