; سنڌي شخصيتون: سيد عبدالرحمان شاهه، جاويد احمد پنهور،
Showing posts with label سيد عبدالرحمان شاهه، جاويد احمد پنهور،. Show all posts
Showing posts with label سيد عبدالرحمان شاهه، جاويد احمد پنهور،. Show all posts

03 August, 2019

سيد عبدالرحمان شاهه - جاويد احمد پنهور


سيد عبدالرحمان شاهه
فرشته صفت انسان
جاويد احمد پنهور
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي ته ”بيشڪ مون انسان کي سهڻي تقويم ۾ پيدا ڪيو آهي،“ ڪڏهن ڪڏهن ڪي انسان ڄمندي ڄام هوندا آهن ڪي وري تدريسي طور پنهنجي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري پنهنجي منزل ۽ مقام تي پهچندا آهن. اڄوڪيون سٽون هڪ اهڙي ئي فرشته صفت انسان ۽ بي مثال شخصيت لاءِ جنهن جهڙا انسان صدين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن اها بلڪل هڪ چئي حقيقت آهي ته هن سائين جو مزاج ئي نرالو هو، سيد عبدالرحمان شاهه جو جنم دادو ضلعي جي ڳوٺ پياري ڳوٺ ۾ سيد جان محمد شاهه جي گهر ۾ ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۱ع تي ٿيو. پرائمري تعليم پيارو ڳوٺ ۾ محمد يعقوب پنهور ۽ محمد ادريس پنهور وٽ حاصل ڪئي، (محمد يعقوب پنهور جو ذڪر ايم ايڇ پنهور زرعي ماهر اسڪالر پنهنجي سوانح حيات ۾ ڪيو آهي ته منهنجي استادن ۾ هي هڪ بهترين استاد هيو)، محمد ادريس پنهور (شمس العلماءِ دائود پوٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هن استاد جو ذڪر ڪيو آهي). عبدالرحمان شاهه جي تعليمي تربيت جي شروعات اهڙن استادن کان ٿي، جن جي نگراني ۾ فائنل جو امتحان ڏنو، ۱۹۴۹ ۾ پرائمري استاد ٿيو، پهرين پوسٽنگ تعلقي جوهي ۾ ٿيس. بي اي ۽ بي ٽي ۱۹۶۲ع ڪيائين، انگريزي ۽ اسلامي تعليم ميهڙ جي سيد علي اڪبر شاهه جي قائم ڪيل جامع عربيه اسڪول تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ان تعليم کي اڳتي وڌائيندي يونيورسٽي آف سنڌ مان ايم اي عربي ۾ ڪيائين ۽ چند سالن بعد اردو ۾ پڻ ايم. اي ڪئي. اعلى نمبرن ۾ پاس ٿيڻ سبب پرنسپال سيد جلال الدين شاهه کين اتي ئي انسٽرڪٽر ڪري رکيو، جنهن سبب جي ڪري سندن هم عمر استاد به سندن شاگرد ٿي پيا ۽ سڀئي کين استاد سڏڻ لڳا.