; سنڌي شخصيتون: ظفر اڄڻ، نعيم ملڪ،
Showing posts with label ظفر اڄڻ، نعيم ملڪ،. Show all posts
Showing posts with label ظفر اڄڻ، نعيم ملڪ،. Show all posts

31 August, 2019

ظفر اڄڻ


سندس وڇوڙي تي
نعيم ملڪ
هڪ طرف سڄي دنيا نئين سال جون خوشيون ملهائي رهي هئي، ٻه پيار ڪندڙ دليون نئين سال جي شروعات نون واعدن ۽ وفائن جي لاءِ قسم کڻي رهيون هيون. انهيءَ سمي پنهنجي وقت جون ٻه پيار ڪندڙ دليون جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي عظيم شاعره فهميده رياض ۽ سياسي ڪارڪن ۽ ادبي لڏي جو پانڌيئڙو ظفر اڄڻ به انهن مان هئا. جيڪي گڏ رهڻ جي باوجود به نئين سال ۾ گڏ رهڻ جا وچن ڪندا هئا، فهميده رياض جي ۲۰۱۸ع ۾ وڇوڙي جيتوڻيڪ ظفر اڄڻ جي زندگي مان رنگ ۽ رومانس ئي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ هو هڪ هلندڙ گهمندڙ انسان بدران بس ساهه کڻندڙ هڪ مٽيءَ جو پتلو وڃي رهيو هو. هڪ عظيم محبوبا جي وڇُڙي جا وڍ اڳ ئي کيس اڌ مئو بڻائي رهيا هئا. ويتر جو نئين سال جي آمد جي موقعي تي هڪ هر پل فهميده کي ياد ڪري هن ڇٽي ويل سمورا زخم ساوا ڪري ڇڏيا هئا. هر سال جي آخري ڏينهن تي گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ وارا ڪيل واعدا هڪ طوفان بڻجي ظفر اڄڻ جي دماغ ۾ گهمڻ لڳا، جنهن جي سٽ نه سهندي پهريان کيس پنهنجي زندهه رهڻ جي مٿان آيل ڪاوڙ هو، پاڻ کي ئي کائڻ لڳو هو ۽ فالج جي حملي جو شڪار ٿي ويو، نئين سال جي آمد جي موقعي تي هن گڏ رهڻ واري فهميده رياض جيڪا هن سان گڏ جيئڻ جو واعدو ساهه جو سڳو ٽٽڻ جي ڪري نڀائي ته نه سگهي پر ظفر هن سان گڏ مرڻ وارو سور سانڍيندي نئين سال ۾ اڳ جيان مرڻ وارو واعدو نڀائيندي پنهنجي محبوبا ڏانهن اڏامي هليو ويو..!!.