عطا محمد ڀنڀرو
سنڌ جي ساڃاهه ۽ شعور
جويو سارنگ
سائين عطا محمد ڀنڀري،
سائين محمد بخش ڀنڀري جي گهر ۾ ۱ فيبروري ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي
تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ بچل ڀنڀري مان حاصل ڪئي، خيرپور ضلعي ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو اهو واحد
ڳوٺ آهي، جنهن جي تعليم جو ريشو ۹۰ سيڪڙو آهي، جتان جا ڪيترا ئي نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون
پوري سنڌ سان گڏ پوري دنيا ۾ سُٺي مقام تي پُهتل آهن.
سائين عطا محمد ڀنڀري
سنڌ جي جڳ مشهور تعليمدان، بئريسٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ ۴ مارچ جي هيري حسن علي عبدالرحمان وٽان
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان وڪالت پڻ سکي.
