سيد موٽڻ شاھ
ڀلوڙ صوفي راڳي
خادم رند
سچل سرمست جي درگاھ سان لاڳاپيل سنڌ جو مشهور ۽ ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪندڙ ڳائڻو
سيد موٽڻ شاھ هينئر اسان ۾ نه رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان شگر، ساھ جي تڪليف ۽ فالج
جهڙن موذي مرضن سان جهيڙيندي ڇنڇر ۲۷ جولاءِ تي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ۷۳ سالن
جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ راھوجا آڻي سوين آلين
اکين جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
