ڊاڪٽر عاشق بدوي
محمد علي محمدي
ائين لڳي
ٿو ته ڪالھ جي ڳالھ آھي. منھنجي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ۱۹۶۹ع ۾ داخلا ٿي، ڪمري نمبر
۱۳ ابن سينا ۾ ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ جيڪو تازو آخري سال جو شاگرد هو جي ڪمري ۾ اچي
سامان رکيو.
۱۳ ابن سينا
۾، هڪ روسٽرم به رکيل ھوندو ھو. شام جو ڪيترائي دوست ان ڪمري ۾ ايندا هئا. علمي فڪري
بحث ڇڙندا هئا. انهي ساڳي هاسٽل ۾ ڪامن روم جي ڀرسان وارو ڪمرو هڪ ڊگهي قد وارو،
مشڪي رنگ، اکين ۾ بلا جي ذهانت . ڊاڪٽر ممتاز جو ڪلاس ميٽ مونکان چار سال سينئر.