; سنڌي شخصيتون: صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي، مختيار ملاح،
Showing posts with label صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي، مختيار ملاح،. Show all posts
Showing posts with label صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي، مختيار ملاح،. Show all posts

31 August, 2019

صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي


صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي
مختيار ملاح
صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ (۱۸۶۸_۱۹۳۱ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ۱۸۹۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر رهيو. ۱۹۱۷ کان ۱۹۲۷ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. عورتن جي تعليم لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيائين ۽ پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏياريائين.
ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ٽي ڪتاب: ”بلوکوکر“ (ناول ۱۹۳۰ع)، ”تارن جو اڀياس“ (ناول ۱۹۳۰ع) ۽ ”سيل پري“ (قصو) اهم آهن.