سيما عباسي صاحبه
استاد لغاري
محترمه سيما عباسي
صاحبه جو جنم، ۱۸ اپريل ۱۹۷۳ع تي، لعل محمد عباسي صاحب جي گھر، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. تعليمي مرحلن مان گذرڻ کان
پوءِ، جڏهن عملي ۽ شعوري زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿي، ته پنهنجي آس پاس انيڪ انيائن،
اهنجن، پيڙائن، مظلوميت ۽ ٻين مسئلن جو مهاساگر موجون ماريندو ڏسي ٿي. انساني
اُمنگن ۽ آدرشن جو سرِ عام قتلِ عام ٿيندو ڏسي، انهن جي خلاف پنهنجي مقدس قلم کي
جنبش ۾ آڻي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجن جذبن ۽ ڪيفيتن کي، ڪوري ڪاغذ تي
اُتارڻ جي لاءِ، سڀ کان پهريان شاعريءَ جو سهارو ورتو. آئون هن وقت ڪيترا ئي
رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون اٿلائي ڏسان ٿو، ته انهن ۾ محترمه سيما عباسي صاحبه جون
تحريرون مون کي ڀليڪار ڪن ٿيون. خاص ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب “لفظن ڀوڳيو آ
بنواس” جي مطالعي کان پوءِ، اها ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي، ته “آدمي هر دم دُکي آهي سڄڻ!”.
