الاهي بخش سومرو
قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ سينئر سياستدان جو انٽرويو
انٽرويو؛ سارنگ منير سومرو
سوال: ابتدائي زندگي بابت ڪجهه
ٻڌائيندا؟
جواب: آءُ ۱۵ مئي ۱۹۲۶
تي سنڌ جي ارڏي سياستدان خانبهادر حاجي مولابخش سومرو جي گهر ۾پيدا ٿيس. شروعاتي
تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ سول ۾ انجنئرنگ ڪئي پيشي جي لحاظ کان سول
انجنيئر آهيان سکر بئراج ۾ سول انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن کانپوءِ لنڊن
۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر رهيس، جڏهن سياست سڏ ڏنو
ته وري سياست جا ٿي وياسين ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين سياست جا رهنداسين.
سوال: اوهان جو سياست
۾ ڪيئن اچڻ ٿيو اتفاق هو يا ڪنهن پري پلان تحت سياست ۾ آيا؟
جواب: سياست ته پوري
خاندان ۾ هئي پر منهنجو سياست ۾اچڻ هڪ اتفاق به هو. جڏهن ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏني وئي
هئي ته منهنجي والد مولابخش سومرو وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي. ڪجهه وقت
کانپوءِ جڏهن نئين ڪابينا جوڙي وئي ته منهنجي بابا کي چيو ويو ته اوهان وفاقي وزير
لاءِ ڪنهن جو نالو ڏيو. ان کانپوءِ بابا مونکي فون ڪئي ته اوهان سياست ڪرڻ چاهيو ٿا
ته ٻڌايو مان اوهان جو وفاقي وزير لاءِ نالو ڏيان جنهن تي مون بابا کي چيو بابا جيڪا
اوهان جي مرضي انهيءَ کانپوءِ بابا منهنجو نالو ڏنو ۽ مان سياست جي شروعات ڪئي
۱۴جنوري ۱۹۷۸ تي پهريون ڀيرو وفاقي وزير طور حلف کنيو.
