; سنڌي شخصيتون: ديدار بلوچ، ماڪن شاھ رضوي،
Showing posts with label ديدار بلوچ، ماڪن شاھ رضوي،. Show all posts
Showing posts with label ديدار بلوچ، ماڪن شاھ رضوي،. Show all posts

16 August, 2019

ديدار بلوچ


ديدار بلوچ
تو وڇوڙيا سوين اي زمانا
ماڪن شاھ رضوي
نئين سال جي پهرئين مهيني سنڌي ادب کان املهه هار جو هڪ قيمتي موتي ڇني ورتو، اهڙو موتي، جنهن جي وڃڻ جي اڃان ويل ڪانه هئي. تمام گهٽ اهڙا انسان هوندا آهن، جيڪي سچ منهن تي ان انداز ۾ چئي سگهن، جو ڪنهن کي ڪنهن پر ڪاوڙ نه اچي ۽ هو پاڻ به مرڪي پوي. ٻن ڪتابن جي ليکڪ شاعر ۽ نثر نويس ديدار بلوچ ۾ اها خوبي اُتم هوندي هئي. بيحد حساس دل رکندڙ، سونهن پرست ديدار جون اهي مرڪندڙ ڳالهيون آخري دم تائين نه رڳو جاري رهيون، پر دل ڪتاب تي هميشه لاءِ لکجي به ويون. ”چُميا چنڊ گلاب“ هن جي پهرين شعري ڪتاب جو عنوان هو، ان ڪتاب جي مهورت تن ڏينهن حيدرآباد جي ان دور واري مشهور ”فٽاز“ هوٽل ۾ ٿي هئي. هن تقريب ۾ ڪيترن ئي شاعرن توڙي اديبن ويچار ونڊيا هئا، هڪ تمام خوبصورت ليکڪه پنهنجي تبصري ۾ چيو ”هي دور جوش ۽ جذبي جو آهي، جڏهن ته ديدار جي شاعري اداس آهي.“ ديدار پنهنجي جوابي تقرير ۾ سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو هو ته، ”هڪ محترمه چيو ته، ديدار جي شاعري اداس آهي، ان کي عرض ڪندس ته جنهن دور ۾ ماٺيڻي اوٺي جهڙو محبوب شاعر عشق جي آڙاهه ۾ پچندي ”سنڌو“ سان لانئون لهي وڃي، (تن ڏينهن ويجهڙائي ۾ نوجوان شاعر ماٺيڻي اوٺي تازو خودڪشي ڪئي هئي) بخشڻ مهراڻوي جهڙو ڪلاڪار درديلا گيت ڳائيندي آپگهات جون ڳالهيون ڪري، ۽ اسان جون محبوبائون وڏي ڪار تي هرکجي هليون وڃن، اتي اسين اداس شاعري نه ڪنداسين ته ٻيو ڪهڙا ڦاڙها مارينداسين؟