رام ڄيٺملاڻي ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو. هن ۱۳ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۷ سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري
ورتي. جيئن ته ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد ۲۱ سال هئي، پر هن جي ڪري هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو
ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌ جو سڀ کان ننڍو وڪيل بڻجي ويو.
نئين دهلي(نيوز ڊيسڪ)
سنڌ ڄائو ڀارت جو چوٽي جو وڪيل رام جيٺ ملاڻي ديهانت ڪري ويو. هن نئين دهلي ۾
پنهنجي رهائشگاهه تي ۹۵ ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. رام جيٺملاڻي ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ ڄائو هو. هن ڪراچي
جي ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن پريڪٽس به ڪراچي ۾ ئي
شروع ڪئي. شڪارپور ڄائي پنهنجي دوست اَي ڪي بروهي سان گڏ هڪ آفيس کولي هئي. رام جيٺ
ملاڻي ورهاڱي وقت سنڌ ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي کي ڇڏڻ نه چاهيو هو پر حالتون
خراب ٿيڻ بعد پنهنجي دوست اَي ڪي بروهي تحفظ خاطر کيس هندستان لڏي وڃڻ جي صلاح ڏني
۽ کيس راضي ڪيو، جنهن بعد هو هندستان لڏي ويو. رام جيٺملاڻي کي ويجها مائٽ ۽ دوست
”دادا“ ڪوٺيندا هئا. ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جَي پي) سان واسطو رکندڙ رام جيٺملاڻي
اٽل بهاري واجپائي جي حڪومتي دور ۾ قانون ۽ ٻهراڙي جي ترقي وارو وزير به رهي چڪو
هو. تازو ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ تي رام جيٺ ملاڻي واضح موقف اختيار ڪيو هو ته
رياستي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ڪشمير جي حيثيت تبديل نه ٿي ڪري سگهجي. رام جيٺ
ملاڻي درگا ۽ رتنا نالي عورتن سان شاديون ڪيون هيون. هو رواني سان سنڌي ڳالهائيندو
هو ۽ هو سدائين ڪراچي ۽ شڪارپور سميت پنهنجي جنم ڀومي سنڌ کي بهترين لفظن ۾ ياد ڪندو
رهيو.رام ڄيٺملاڻي
سنڌ هن پٽ تي هر دور ۾
فخر ڪندي رهندي
حسيب ناياب منگي
مون جڏهن به کيس ٻڌو
يا سندس ڪو انٽرويو مون جي نظر کان گذريو هن شڪارپور کي نه ساراهيو هجي يا شڪارپور
جي ڳالهه نه ڪئي هجي اهو ممڪن ئي نه آهي. شڪارپور هن جي دل ۾ سمايل هئي. وقت هن کي
شڪارپور کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو پر شاهي باغ, لکيدر جي رونق, سڪپل, هندو مسلم ايڪتا
۽ شڪارپور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي هن کان وسري نه سگهي هئي. شڪارپور سان گڏوگڏ هن
کي پنهنجي سنڌي ٻولي, سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو تمام گهڻو خيال هو. پنهنجي جيون ۾ هن ٻولي
جي بچاءَ سان گڏوگڏ هندستان ۾ آباد سنڌين جي به تمام گهڻي پرگهور لڌي ۽ وقت به وقت
هر ڏکي معاملي ۾ هر مصيبت ۾ هو سنڌين جو آواز ثابت ٿيو.
هن جي شخصيت هند
هجي يا سنڌ ۾ منفرد ۽ نرالي حيثيت جي حامل هئي. هو نهايت هوشيار هئڻ ڪري نه صرف وڪالت
۾ سڀني کان زور هو پر هر هڪ ڪيس کٽڻ هن جي عادت بڻجي وئي هئي. هندستان ۾ دنيا جو وڏي
۾ وڏو وڪيل ثابت ٿيو. سنڌ کي پنهنجي هن پٽ جي قابليت تي هر دور ۾ ناز رهندو.
هن جو شمار هندستان
۾ قانوني ماهر ۽ سياستدانن ۾ ٿيندو هو. پاڻ پنهنجي ذات ۾ منفرد مقام جو مالڪ هو.
دبئي تائين دنيا ۾ وسندڙ سنڌي هن کي مان ڏيندا هئا.
رام ڄيٺملاڻيءَ،
پنهنجي پتا بُولچند گُرمُکداس ڄيٺملاڻيءَ جي گهر، جيڪو شڪارپور جي لکيدر تي واقع
هو ۾، ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي جنم ورتو. ننڍپڻ کان وٺي هو ڏاڍو لائق ۽ سلڇڻو ٻار هو. ابتدائي تعليم
هن پنهنجي محنت سان ۸ سالن جي عمر ۾ پاس ڪئي. سندس ماتا ”پاروَتي بُولچند“ جو مٿس تمام گهڻو ڌيان
رهندو هو. رام ڄيٺملاڻي جو شمار شڪارپور جي انهن سڌورن ٻارڙن ۾ ٿيندو هو جيڪي راند
روند سان گڏ پڙهڻ کي به اهميت ڏيندا هئا. سو هن ٻارڙي جڏهن ۱۳ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته
سڀ حيران ٿي ويا. ايترو ئي نه پر هن ته ۱۷ سالن جي ننڍيءَ وهي ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي هئي.
مون هڪ انٽرويو ۾ ٻڌو ته سندس ڏهاڙن ۾ ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد ۲۱ سال هئي، پر هي اهو نوجوان هو جنهن جي ڪري
هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ وهي ۾ ئي وڪيل بڻجي ويو هو.
هندستان جي ورهاڱي
کان اڳ هي قابل شخص ڪراچي ۾ رهڻ لڳو جتي هڪ فرم جو بنياد وجهي وڪالت جي حوالي سان
اڳتي اچي رهيو هو ورهاڱو ٿي ويو. رام ڄيٺملاڻي به هندستان ڏانهن اسهيو ۽ بمبئي ۾ وڃي
رهڻ لڳو. کيس پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان گهڻو چاهه هو سنڌ ۾ به هو پڙهائڻ کي ترجيح ڏيندو
هو. سو بمبئي ۾ به هو گورنمينٽ لا ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو. پنهنجي محنت سبب هن شاگردن
کي علم ڏيندي نانءُ پيدا ڪيو. بعد ۾ ته هو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ليڪچر ڏيندو هو.
شروعاتي ڏينهن کان
وڪالت ۾ هوشيار ۽ قانوني معاملن کي سنجيدگي سان جاچڻ سندس عادت هئي. بار ڪائونسل
سان وابستگي ٿيڻ کانپو هو چار ڀيرا هندستان جي بار ڪائونسل جو چيئرمين به بڻيو هو.
اسان سندس جيوني ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۷ع تائين هندستان ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ جي دور ۾
ڀارت جي بار ائسوسيئيشن جو صدر هو. سپريم ڪورٽ انڊيا جي بار ايسوسيئيشن جو صدر رهڻ
سان گڏوگڏ سنڌ جي هن ڏاهي ۽ قابل شخص توڙي ماهر قانوندان کي عالمي بار ائسوسيئيشن
جو ميمبر ٿي رهڻ جو اعزاز حاصل آهي.
قانوني حوالي سان
هندستان ۾ سندس نالو سڀني کان مٿانهون تسليم ڪيو ويندو هو. هن جي آڏو ڪو ڪيس
هارائي وڃڻ ايترو آسان نه هو.
شڪارپور ۾ ئي هن جي
اهڙي تربيت ٿي هئي جو هو راند روند ۽ علم ۾ به سڀ کان اڳتي هو اهڙي طرح هندستان ۾
وڃي رهيو ته وڪالت سان گڏ سياست ۾ به دلچسپي ڏيکارڻ لڳو. جنتا پارٽي جي مدد سان يا
آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ هن ۱۹۷۱ع ڌاري اليڪشن وڙهي پر سوڀ حاصل ڪانه ٿيس. عوامي خدمت جي
جذبي تحت بمبئي اتر اولهه واري تڪ تان ۱۹۸۰ع ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين.
۱۹۸۸ع ۾ به راجيه سڀا جو ميمبر ٿيو هو، اهڙي طرح ڏسجي ته ۱۹۹۶ع ۾ اٽل بهاري واجپائيءَ جي دؤر حڪومت ۾ رام
ڄيٺملاڻي کي قانون جو وزير بڻايو ويو ان کان پو هن کي اربن ڊيولپمينٽ کاتي جو
قلمدان به مليو. ۱۹۹۸ع ۾ وري به وزارت ماڻيائين. ۲۰۰۴ع ۾ هن لکنوءَ مان چونڊ وڙهي پر اٽل بهاري واجپائي سان
مقابلو ڪندي هارائي ويو. ۲۰۱۰ع ۾ راجسٿان رياست مان اليڪشن کٽي هئي. ملڪ جي گهڻن ئي ڪاميٽن
جو چيئرمين هو. سندس ذهانت ۽ عملي قدمن سان مسئلن جا حل حاصل ٿي ويندا هئا.
هو وقت به وقت حڪومت
تي تنقيد به ڪندو هو ته غلط فيصلن جي نشاندهي ڪندي تڪليفن کي به برداشت ڪندو هو. حڪومت
اهڙي قسم جي تنقيد تي کيس جيل به موڪليو هو. جتان نڪرڻ کان پو هي ڪجهه وقت جي لاءِ
ڪئناڊا هليو ويو هو. دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ڪيائين.
رام ڄيٺملاڻيءَ کي
هندستان سرڪار انٽرنيشنل جيوريسٽ’اوارڊ‘، ’ورلڊ پيس ٿرو لا ايوارڊ’۽ هيومن رائيٽس
ايوارڊ ( فلپائين ۾ آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي) توڙي لاتعداد ميڊل, سندون ۽ سرٽيفڪيٽ
سماجي ۽ ملڪي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنا آهن.
هن پنهنجي حياتي ۾ ٻه
شاديون ڪيون جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون.
شڪارپور ۾ رام ڄيٺملاڻي
جو گهراڻو تمام گهڻو سکيو ۽ ستابو هو سندس وڏا نه صرف سيٺيون هئا پر ميرن جي دور ۾
سندس تڙ ڏاڏو ڄيٺمل شڪارپور جو گورنر هو. پر وقت اهو به آيو جو نه چاهيندي به جڏهن
هُن کي سنڌ ڇڏڻي پئي ته ان وقت وٽس هڪ پيسي جو سِڪو هو، جنهن ساڻ هن بمبئيءَ جي
مهاجر ڪيمپ ۾ ڪيترا ڏينهن گُذاريا هئا. مستقل مزاجي ۽ اڻ ٿڪ محنت سان هن دنيا جي
سنڌين ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو. هندستان ۾ سنڌي علمي ادبي ادارن جي قيام سان گڏوگڏ
سنڌين سميت گهڻن ئي ڏکايلن جي وقت به وقت مدد ڪندي هن ثابت ڪيو ته سنڌين کي
انسانيت جو درس اخلاق ۽ محنت جي سبق سان گڏ سيکاريو ويندو آهي.
هو قلمڪار به هو
سندس قانوني صلاحون ۽ مشورا ڳالهيون ۽ رايا ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس پنجن
انگريزي ڪتابن: (۱) ’بِگ ايگُوز سمال مين’(وڏيُون انائُون ـ ننڍڙا ماڻهُو) (۲) ’ڪانفلڪٽ آف لاز’(قانُونن جو ٽڪراءُ) (۳) ’ڪانشنس آف ميويرڪ’(رولُوءَ جو ضمير) (۴) ’جسٽس: سوويت اسٽائل’(سوويت طرز جو انصاف) (۵) ’مَيويرڪ: اَن چينجڊ، اَن رپيٽنٽ’(رولُو: اڻ
مَٽيل، پڇتاءَ کان آجو) تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪئي. اسان اگر رام ڄيٺملاڻي جي زندگي
جي حالات ۽ واقعات مان واقف ٿيڻ چاهيون ٿا يا سندس ڪارنامن ۽ جدوجهد جي اڻٿڪ سفر
تي نظر وجهي پنهنجي راه هموار ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ’نالينا گيرا’جي لکيل
انگريزي ڪتاب ”رام ڄيٺملاڻي: دي آٿورائيزڊ بايوگرافي“ ۽ ’سُوزن ايڊيلمن’جي ڇپيل ڪتاب
”ريبيل: اي بايوگرافي آف رام ڄيٺملاڻي“ جو مطالعو ڪري سگهون ٿا.
شڪارپور ڄائو سماج
جو هڪ قابل, هڏڏوکي ۽ مهربان شخص علمي ۽ قانوني ماڻهو ۸سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي هندستان ۾ ديهانت ڪيو.
رام ڄيٺملاڻي جي
زندگي ۽ ان جون ڪوششون توڙي ڪاميابيون سنڌ ۽ هندستان ۾ رهندڙ سنڌين جي لاءِ هڪ
مثال آهي.
(ھفتي وار سنڌي
مئگزين ھندواسي ممبئي، ھندستان ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
پاڪستاني شهرين ڏانهن هڪ
خط
رام ڄيٺ ملاڻي
(نوٽ: رام ڄيٺ
ملاڻي ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ۱۸ سالن جي عمر ۾ قانون جي سند حاصل
ڪيائين ۽ باقاعدي قانون جي پرئڪٽس کانپوءِ پنهنجي قانون واري ڪيريئر جو آغاز ڪيائين.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ رام ڄيٺ انڊيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ ممبئي شهر ۾ رهائش
پذير ٿيو. پنهنجي قانون واري ڪيريئر سان گڏ موصوف کوڙ سارن وڏن عهدن تي به فائز ٿيندو
رهيو آهي. کيس ڀارتيا جنتا پارٽيءَ جي ٽيڪٽ تان ۶هين ۽ ۷هين لوڪ سڀا ۾ بطور
پارليامينٽ جو ميمبر ڪري چونڊيو به ويو، پاڻ انڊيا جي قانون وارو وزير به رهيو ته
اٽل بِهاري واجپائيءَ واري وزارت اعظميٰ دوران اربن ڊولپمينٽ واري وزارت جو قلمدان
به کيس سونپيو ويو. ۲۰۱۰ع تي بي جي پي جي ٽڪيٽ تي راجستان مان چونڊ پڄاڻان راجيا سڀا
(جيڪو انڊيا جو اپر هائوس آهي) جي ميمبر طور ڪاميابي ماڻيائين. ۷ مئي ۲۰۱۰ع تي کيس
انڊيا جي سپريم ڪورٽ جي بار ايسوسيئيشن جو صدر به چونڊيو ويو. کيس ٻن شادين منجهان
ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي، جن مان ٻه ڄڻا مهيش ڄيٺ ملاڻي ۽ راڻي ڄيٺ ملاڻي
معروف وڪيل طور به سڃاڻپ رکن ٿا. واضح رهي ته رام ڄيٺ ملاڻي هن وقت تائين انڊيا جو
مهانگو ترين وڪيل آهي.)
خط:
مون سنڌ ۾ جنم
ورتو. اڄ تائين پاڪستان جي انيڪ مسلمانن سان منهنجي دلي وابستگي رهي آهي، ورهاڱي
تائين مرحوم الله بخش بروهي ۽ مون گڏجي پرئڪٽس به ڪئي.
پاڪستان کي الوداع
چوڻ وقت ۽ دوستن کان جدا ٿيندي مان لڙڪن سان ٽمٽار هئس ۽ انتهائي غمگين به. انڊيا
۾ پناهگير ڪئمپ ۾ رهڻ دوران مون مضبوط فيصلو ڪري ورتو ته انڊيا ۽ پاڪستان کي ورهاڱي
جا وڍ وسارڻ گهرجن ۽ امن پيار ۽ گڏيل تعلق تحت پنهنجي لاڳاپن کي ڳنڍين. اِهو ئي عزم
آهي، جنهن لاءِ آئون پنهنجي سياسي ميدان ۾ لڳاتار ڪوششون وٺندو رهيو آهيان.
ائين فقط سنڌ ۾ ئي
آهي ته مسلمان ۽ هندو گڏ رهندي امن جا رستا هموار ڪندا رهيا آهن. ڳچ عرصو گذرڻ
باوجود هر سال انڊيا جا ڪجهه سنڌي سنڌ جي ياترا تي ايندا رهن ٿا ۽ مسلمان صوفين ۽
ولين جي مزارن تي حاضريون ڀرين ٿا. اسان ته اڃا تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي
به نه وساريو آهي.
وڏي بدنصيبي اِها
آهي جو منهنجو خواب ساڀيان نه ماڻي سگهيو آهي، ڇو ته دوست هئڻ ته ٺهيو، پر اسان هڪ
کان وڌيڪ ڀيرا جنگ جو رُخ ڪيو آهي ۽ دهشتگرديءَ جو ديوُ معصوم ماڻهن جو رت چوسي
رهيو آهي. اسان جا لاڳاپا بهتر رُخ ڏانهن نه پيا وڃن. آئون واضح طور تي ڏسان پيو
ته پاڪستان اهڙي غير سازگار ماحول ڪري گهڻو نقصان کائي رهيو آهي. گذريل سال جي
جولاءِ واري مهيني ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ڀيانڪ واقعو ٿي گذريو ۽
ذري گهٽ ٻنهي ملڪن جا ناتا ڀڃ ڊاهه جو به شڪار ٿيڻ وڃي رهيا هئا. ۱ آگسٽ ۲۰۱۰ع تي
سنڊي گارڊين ۾ لکندي مون پنهنجي پرڏيهي معاملن واري وزير کي آگاهه ڪيو هو ته
پنهنجي همعصر سان ڪيئن ورتاءُ رکي. مون کيس چيو ته، ”توهان کي پنهنجي وڏي ڀاءُ انڊيا
تي يقين رکڻ گهرجي، اسين توهان سان مڪمل طور تي امن ۽ گڏيل سهڪار واري فضا جوڙڻ
گهرون ٿا. خاص ڪري توهان جا وڏا مسئلا حل ڪرڻ واري مد ۾.“ مون اِهو پڻ چيو ته،
”اسان کي پاڪستان کي پڪ ڏيارڻ گهرجي ته انڊيا ڪڏهن به پاڻي مامري تي زور نه ڀريندو.“
اِهو سڀ چئي ڪري آئون گانڌي واري نظريي کي ئي پاڻي ڏيئي رهيو هئس.
انڊيا جي سپريم ڪورٽ
جي بار ايسوسيئيشن جي صدر هئڻ جي ناتي مون پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي ۱۳۰ وڪيلن جي
وفد جي ميزباني ڪئي. اُن وفد جي اڳواڻي عاصمه جهانگير ڪري رهي هئي، جيڪا ايڏي وڏي
ايسوسيئيشن جي پهرين عورت صدر هئڻ وارو اعزاز به رکي ٿي. اسان بنا ڪنهن اعتراض جي
گڏيل طور ڪجهه قراردادون به ٺاهيون، جنهن ۾ اِهو وچن پاڙڻ به هو ته ”جنگ، انتشار ۽
دهشتگردي نه گهرجي“ ۽ اِن تي به عزم قائم ڪيوسين ته سڀئي ننڍا توڙي وڏا مسئلا ڳالهين
ذريعي يا عالمي انصاف واري عدالت سان مشاورت ۾ اچي حل ڪنداسين. آئون گرم جوشيءَ
سان اعتماد رکان ٿو ته اُنهن قراردادن جو پيغام ٻنهي قومن کي امن ۽ ڀائيچاري واري
دڳ تي هلڻ جو توفيق عطا ڪندو.
جيڪو ڪجهه اوهان جي
ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، اُهو اسلام جي بنيادي اصولن تحت نه پيو ٿئي. قرآن مجيد ڪٿي به ڪنهن
ملڪ جي تباهي ۽ کين ڌمڪائڻ جو درس نه ٿو ڏي. عظيم پيغمبر ﷺ پنهنجي پيروڪارن کي ڄاڻ
۽ علم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. اِهو عظيم پيغمبر ﷺ ئي آهي، جنهن کليل لفظن ۾ چيو
ته، ”عالم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ عظمت رکندڙ آهي.“ مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي
منظر ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڇا اِن سان عظيم پيغمبر ﷺ جي قول جي انحرافي نه ٿي ٿئي.
آئون پيغمبر محمد ﷺ جن جو دل سان احترام ڪيان ٿو ۽ سندن ٿورائتو به آهيان.
سرڳواسي رام ڄيٺملاڻي
مشهور قانوندان
حسيب ناياب منگي
رام ڄيٺملاڻي سنڌ
جي سرزمين تي جنم وٺي، هند سنڌ ۾ پنهنجي نيڪ ناميءَ ۽ ناماچار جي لحاظ کان اڀرندڙ
اهو مشهور ڪردار هو، جيڪو نه رڳو هندوستان جي آئيني ۽ قانوني تاريخ ۾ هڪ شاندار
باب لکي ويو، پر پنهنجي جرئت، صداقت ۽ بي خوف فڪرَ سان سنڌ ۽ سنڌين جو ڳاٽ سڄيءَ
دنيا ۾ فخر سان بلند ڪري ويو. هن پنهنجي ٻاجهاري طبيعت سان نه رُڳو مثالي سماجي
خدمت انجام ڏني، پر پنهنجي سچائيءَ ۽ حق تي ثابت قدم بيهڻ ڪري دنيا جي سنڌي ماڻهن
جي دلين تي حڪمراني پڻ ڪئي. شڪارپور جي سَنهيُن ۽ سوڙهين گهٽين مان نڪرندڙ هن ڇوڪري،
پنهنجي علمَ، ذهانت ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيتن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. رام ڄيٺملاڻيءَ
جي اکين ۾ امن ۽ انصاف جو خواب هو. هن چاهيو ٿي ته مظلومن جي داد رسي ٿئي ۽ بي پهچ
ماڻهن کي انصاف ملي. ان سان ئي سچ جي فتح ٿيندي، تڏهن ئي ته هن ننڍپڻ ۾ ئي قانون
جي سکيا حاصل ڪرڻ جو نه صرف ارادو ڪيو هو، پر ۱۷ ورهين جي نؤخيز وهيءَ ۾ ئي وڪالت جي دنيا ۾
قدم به رکيو. اها ڪا عام ڳالهه نه هئي، پر رام ڄيٺملاڻيءَ لاءِ قانون جهڙي شعبي ۾
وقت کان اڳ پختگيءَ ۽ پنهنجي مقصد سان سچو ٿي رهڻ جو چٽو ثبوت هو.
رام ڄيٺملاڻي شڪارپور
۾ بُولچند گُرمک داس ڄيٺملاڻيءَ جي گهر ۾ ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي پيدا ٿيو. هُو شڪارپور ۽ ڪراچيءَ مان تعليمَ حاصل ڪري
وڪالت جي ڪرت سان جُنبجي ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱو ٿيو
ته ورهاڱي سان رڳو هڪ سرزمينَ جا ٻه ٽُڪرَ نه ٿيا، بلڪه هزارين دليون به ورهائجي
ويون. ان سانحي ۾ هزارين هندن ۽ مسلمانن سان گڏجي رام ڄيٺملاڻيءَ به پنهنجي آڪَھِه
سميت هجرت ڪئي. شڪارپور جهڙي سهڻي شهر کي ڇڏڻ، پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ کان الڳ ٿيڻ رام ڄيٺملاڻيءَ
لاءِ سواءِ پيڙا جي ٻيو ڇا هو!؟ سچ پچ ته رام لاءِ اها جسماني هجرت نه هئي، پر ان
عمل سان سندس روح به زخمي ٿي پيو. هنَ نه ته ڪڏهن سنڌ وسارِي، نه ئي شڪارپور کي
ياد ڪرڻ ڇڏيائين! شڪارپور سميت سنڌ جُون يادون، شڪارپور جا ماڻهو، ريتون رسمون،
شهر جُون گهٽيون ۽ وڻج واپار سميت کاڌي پيتي جي سوادن کي هميشه بيان ڪري ڄڻ ته فخر
سان ٻڌائيندو رهيو ته “مون دنيا گهمي ڏٺي آهي، پر شڪارپور جي ڳالھه ئي ڪا ٻي آهي”!
سندس محبوب شهر شڪارپور
هميشه سندس سوچن ۾ رهيو. شڪارپور ۽ سنڌ کي ساريندي رام رڳو روئندو نه هو، پر سندس
ادا ڪيل لفظن ۽ ڪيفيت مان صاف ظاهر ٿيندو هو ته هُو پنهنجي جنم ڀوميءَ لاءِ ڪيڏو
نه تڙپي ٿو. هو شڪارپور کان ڪراچيءَ ۽ ڪراچيءَ کان بمبئيءَ ويو ته سندس هٿ خالي
هئا، پر ساڻس علم جي دولت ساڻ هئي. همت جي طاقت ۽ هڪ اڻٿڪ ارادي جي روشنيءَ سان هن
نئين سر پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، هندوستان جي سڀ کان وڏن وڪِيلن
۾ شمار ٿيڻ لڳو. لڏپلاڻَ کانپوءِ بمبئيءَ جي لا ڪاليج ۾ پروفيسر به ٿيو ۽ ڪجهه
عرصو قانون پڙهايائين به! هندوستان ۾ بار ڪائونسل جو چار ڀيرا چيئرمين به ٿي رهيو.
پر سندس پهريون مقصد هو ته قانون رڳو هڪ پيشو نه پر انسانيت جِي خدمت جو ذريعو بڻجي
۽ ان مقصد لاءِ هن پنهنجي سڄي ڄمارَ وقف ڪري ڇڏي.
رام ڄيٺملاڻي ڪڏهن
به ڪنهن طاقت آڏو نه جُهڪيو. هو عدالتن ۾ اهڙا ڪيس وڙهيو، جن تي ٻيا وڪيلَ ڳالهائڻ
کان به ڪيٻائيندا هئا. هو ڏوهيءَ لاءِ نه، پر قانون لاءِ وڙهندو هو. هن جي دليلن ۾
فقط لفظَ نه هوندا هئا، پر احساس ۽ اصولَ به شامل هوندا هئا. جيڪي سچ کي نروار ڪري
ڇڏيندا هئا. هو چوندو هو ته قانون جو ڪم رڳو سزا ڏيڻ ناهي، پر سمجهڻ، رحم ۽ حق جي
تلاش ڪرڻ آهي. ڪيترن ئي اهم ڪيسن ۾، جڏهن سڄو هندوستاني سماج خاموش هوندو هو، تڏهن
انهن مامرن تي اڪيلي رامَ جو بي باڪ آواز ئي گونجندو هو، سندس دانهَن عدالتَ ۾ واڄَٽَ
ڪندِي هئي ۽ سندس دليلَ قانوني ڪتابن جي نازڪ نڪتن جي نئين تشريح ڪندا هئا، جن جو
مفهُوم عام ماڻهن جي حق ۽ حمايت ۾ نڪرندو هو. اِها ئي سندس اُها رَوِش هئي، جيڪا سڌِي
سنئي عوامَ جي دلين ۾ سندس احترام واري جاءِ ٺاهيندي وئي.
قانون سان گڏوگڏ
سياست جي کيتر ۾ به رام ڄيٺملاڻيءَ پاڻ ملهايو ۽ ‘راج نيتيءَ’ کي به هن عام ماڻهن
جِي خدمت جو هڪ ذريعو سمجهيو، جنهن سان هو وڏيءَ سطح تي عوام جي خدمت ڪري سگهيو.
هن مختلف وقتن تي هندوستان جي وفاقي حڪومت ۾ منتريءَ (وزير) طور ڪم ڪيو، پر ڪڏهن
به پنهنجن اصولن جي سوديبازي نه ڪيائين. جڏهن جڏهن سندس سرڪار سچ جي خلاف ٿي بيٺِي،
ته هو بنا ڊپ جي پنهنجي ئي حڪومت جي خلاف ٿي بيٺو ۽ تيستائين پنهنجي ساٿي ‘نيتائن’
(سياستدانن) کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو، جيسين عوام جي حق ۾ مطالبا نه مڃرائي
ورتائين. ڀارت ۾ سندس سياسي حريفن ۾ به اهو مشهور هو ته رام ڄيٺملاڻيءَ جي قول ۽
فعل ۾ ڪوبه تضاد نه آهي، منجهس اهڙي بيباڪي بدرجهء اُتم موجود هئي، جيڪا ڪڏهن به
حق جي ڳالھه ڪرڻ کان کيس روڪي ڪانه سگهندي هئي. اهو به سندس ئي چوڻ هو ته “لوڪ سڀا
۾ اچڻ جو مقصد اقتدار نه، پر ضمير جي ترجماني آهي”. هو اقتدار لاءِ نه، پر اصولن
لاءِ سياست ڪندو رهيو. هن جو ضمير وڪامڻ لاءِ نه هو ۽ نه ئي هُو ڪنهن جي خواهش يا
فرمائش تي ماٺ رهي سگهندو هو.
رام جِي سموري
زندگي انَ پيغامَ جو پڙلاءُ هئي ته خوف کان کٽڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ماڻهو
پنهنجي اصولن جي سوديبازي نه ڪري ۽ سچ جو ساٿي بڻجي بيٺو رهي! علم حاصل ڪري ۽ ڪنهن
به طاقتور جي سامهون آڻ نه مڃي! جڏهن به عوام جي حقن تي وارُ ٿيو ته رام ڄيٺملاڻي
نه رڳو عدالتن ۾، پر پارليامينٽ ۾، اخبارن جي ڪالمن ۾ ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ به،
هميشه بيباڪيءَ سان سچ ڳالهايو. رام اهڙو شخص هو، جيڪو ناانصافيءَ جي خلاف هميشه
باآوازِ بلند احتجاج ڪندو رهيو.
رام ڄيٺملاڻي،
سرحدن کان مٿانهون ٿي سوچيندڙ ماڻهو هو. هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ
جِي مخلص ڪوشش ڪئي. هن چاهيو ٿي ته ٻنهي ملڪن ۾ نفرت بدران محبت عام ٿئي. سندس ذهن
۾ هميشه اها سوچ رهندي هئي ته نفرت جو جواب نفرت نه، پر سمجهه، سچائيءَ ۽ محبت سان
ڏيڻ گهرجي. هو مذهب، قوميت ۽ سياست جي ڀِتين کي ٽوڙي هڪ اهڙو سماج اَڏيل ڏسڻ
چاهيندو هو، جتي انسانيت جو رتبو سڀ کان مٿانهون هجي!
قانون ۽ سياست توڙي
سماجي خدمتن عيوض رامَ کي لاتعداد ملڪي توڙي عالمي ايوارڊَ ۽ اعزاز مليا. رام ڄيٺملاڻيءَ
جي ڪتابن “بِگ ايگُوز سمال مين؟ (وڏيُون انائُون ــ ننڍڙا ماڻهُو) “ڪانفلڪٽ آف
لاز” (قانُونن جو ٽڪراءُ)، “ڪانشنس آف ميويرڪ” (رولُوءَ جو ضمير)، “جسٽس: سوويٽ اسٽائل”
(سوويت طرز جو انصاف) ۽ “مَيويرڪ: اَن چينجڊ، اَن رپيٽنٽ” (رولُو: اڻ مَٽيل، پڇتاءَ
کان آجو) سڄي دنيا جي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪئي. رام ڄيٺملاڻي ۸ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي ڀارتي راڄڌانيءَ نئين دهليءَ ۾ ۹۵ ورهين جي ڄمار ۾ هي جهان ڇڏيو. ٻه ڏينهن اڳ
کيس سنڌ هند کان وڇڙئي ۶ ورهيه پُورا ٿيا ۽ سندس ڇهين ورسي گذرِي، جڏهن ته ٻه ڏينهن بعد ۱۴ سيپٽمبر تي سندس هڪ سئو ٻيون جنم ڏينهن
آهي.
رام ڄيٺملاڻيءَ جي
حياتي اسانکي سيکاري ٿي ته انسان جي حقيقي طاقت علم ۽ ان تي عملَ ۾ آهي ۽ اصولن تي
هلڻ واري حياتي ڪڏهن به بي معنيٰ نٿي ٿئي. هڪ شخص، جيڪڏهن سچو، ايماندار ۽ بي خوف ٿي
هن سماج جي خدمت ڪري ٿو ته اهو رام ڄيٺملاڻيءَ وانگر تاريخ جو اڻ مِٽ باب بڻجي سگهي
ٿو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


No comments:
راءِ ڏيندا