; سنڌي شخصيتون: شوڪت حسين شورو، محمد سليمان وساڻ، ذوالفقار هاليپوٽو، شمس الدين زنئور، حسن مجتبيٰ، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label شوڪت حسين شورو، محمد سليمان وساڻ، ذوالفقار هاليپوٽو، شمس الدين زنئور، حسن مجتبيٰ، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label شوڪت حسين شورو، محمد سليمان وساڻ، ذوالفقار هاليپوٽو، شمس الدين زنئور، حسن مجتبيٰ، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

10 September, 2019

رام ڄيٺملاڻي

رام ڄيٺملاڻي
ھڪ مھان سنڌي سپوت جي موڪلاڻي
شوڪت حسين شورو
اھي سنڌي جن پنھنجي ذھانت ۽ محنت سان سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو، تن ۾ رام ڄيٺملاڻي ھڪ جينئس شخص ھو. پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ کان ھند جھڙي وڏي ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو قانون جو ماھر ۽ وڪيل ھڪ سنڌيءَ کي ليکيو وڃي، اھو اعزاز ملڻ سڄي دنيا جي سنڌين جي لاءِ فخر جو ڪارڻ آھي. رام ڄيٺملاڻي وڏي وڪيل ھجڻ سان گڏ تقرير ڪرڻ جو بادشاھ ۽ ھڪ اھڙو دانشور ھو جيڪو ڪھڙي به طاقتور شخص يا ڌر کي سچ چئي ڏيڻ ۾ ذرو به نه ڪيٻائيندو ھو. ھو جنھن سياسي جماعت ۾ شامل ھوندو ھو، ان جي اڳواڻن جي غلطين تي به تنقيد ڪندو ھو، جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا کيس نه رڳو وزارتن تان ھٽايو ويو پر سندس پارٽي ميمبرشپ کي به عارضي طور ختم ڪيو ويو. سچ چوڻ واري ھن قلندر شخص انھن ڳالھين جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي.