; سنڌي شخصيتون: ديدار فقير

01 September, 2019

ديدار فقير


ديدار فقير
صوفي بزرگ
۵۶ھين ورسي جي موقعي جي نسبت سان مختصر تاثر
ھن وقت جيتوڻيڪ ھن درگاھ تي انھن قومي ۽ ادبي ميڙاڪن جو اھو ۸۰ واري ڏھاڪي وارو عروج ن رھيو آھي، پر ان ھوندي ب ڪجھ ”مئخانن/ آستانن“ جي اھميت ۽ حيثيت ڏاڍي تاريخي ٿيندي آھي، ھن مئخاني جو ماضي به ان حوالي سان ڏاڍو شاندار رھيو آھي، نوان جتوئي جي تاريخ ۾ ھتي وڏا قومي ۽ ادبي ميڙاڪا ٿيا، ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ پوري سنڌ ۾ ڪارو دور ھو، ضياء جي ان آپيشاھي واري ڪاري دور ۾.


”چرپر تي بندش؛ لکڻ کان به وياسين، ڪڇڻ کان به وياسين“ واري صورتحال ھئي، پر ھن آستاني کي اھو اعزاز حاصل آھي ته اسان جي ھن خطي ۾ ان اونداھي دور ۾ ب قومي تحريڪ ھن درگاھ تان وڌي ويجھي، ۽ سنڌ جي تقريبن ادبي ۽ قومي قيادت ھتي ضرور پھتي ھوندي.
ھي درگاھ سنڌ جي ان عظيم صوفي بزرگ ۽ سيلاني، ديدار فقير جي آھي جنھن جو پيغام امن، انسانيت، محبت ۽ ڀائيچارو ھو.
محمد شريف لوھار، لوھ ڪۡٽيندي ڪۡٽيندي جڏھن طالب ۽ مطلوب واري منزل تي پھتو؛ ”ڪڙو منجھ ڪڙي، جيئن لوھارن لپيٽيو.“ ته ھي بزرگ ”محمد شريف لوھار“ مان ”ديدار فقير“ بنجي ويو۔
ديدار فقير ۱۸۷۳-۷۴ع ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي نصير آباد شھر ۾ ڄائو، سندس پي محمد صالح ڪلھوڙو ۽ ان جا وڏا لوھارڪو ڌنڌو ڪندا ھئا، جنھن ڪري ماڻھو کين ڪلھوڙا بجاء لوھار سڏيندا ھئا، محمد صالح کي ٽي پٽ ھئا، جن مان محمد شريف وڏو پٽ ھو پر ھي ننڍپڻ کان فقيري طبعيت رکندڙ ۽ صوفي منش انسان ھو. سندس مرشد ”محمد فقير ھيسباڻي“ به اصل لاڙڪاڻي ضلعي جي ”چئوديرو“ شھر جو رھواسي ھو. محمد شريف جڏھن پنھنجي مرشد محمد فقير ھيسباڻي جو طالب ٿيو ته محمد فقير ھيسباڻي سندس نالو ”محمد شريف“ مان مٽائي ”ديدار فقير“ نالو رکيو ۽ ان کان پوءِ محمد شريف لوھار ھميشه لاء ”ديدار فقير“ بنجي ويو. طالب ٿيڻ کان پوء مطلوب جي عشق ۾ ائين گم ٿيا ته؛ ”ميڏا عشق وي تو، ميڏا دين تي ايمان وي تو. فقير ديدار سڄي زندگي پنھنجي تصوير نه ڪڍرائي چوندو ھو ت ”اسان مرشد ۾ آھيون ۽ مرشد اسان ۾ آھي.“ ديدار فقير شڪل صورت ۾ پنھنجي مرشد محمد فقير ھيسباڻي جي ھوبھو ڪاپي ھو۔۔۔ ائين ديدار سائين مرشد جو ديدار پسڻ لاء پنھنجي اباڻي ڳوٺ نصير آباد کي الوداع ڪري ۱۹۳۰ع ڌاري نوان جتوئي ويجھو ڳوٺ ٻرڙا ۾ پنھنجي مرشد محمد فقير ھيسباڻي جي وڏي ڀاءُ گل حسن فقير جي آستاني تي اچي رھيا تڏھن محمد فقير ھيسباڻي به ھن آستاني تي ايندو رھندو ھو. سال ۴۰۔۱۹۴۲ع ڌاري محمد فقير ھيسباڻي جي وفات کان پوءِ به ديدار فقير ڪجھ سال گل حسن فقير جي آستاني تي رھيا ان بعد ۱۹۵۴ع ڌاري ان آستاني کي به الوداع ڪري نوان جتوئي ويجھو موجود سندس آخري آرمگاھ واري جاءِ تي مئخانو اڏي اچي ويٺا، جتي انسانيت، مذھبي رواداري ۽ صوفي فڪر جو درس ڏيڻ شروع ڪيو، نرم ۽ نازڪ مزاج رکندڙ فقير ديدار کي ھميشه موتئي جو گل ھٿ ۾ ھوندو ھو۔
ديدار فقير ۱۹۶۳ع ۾ تقريبن ۹۰ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس باقي خاندان اڄ به نصير آباد ۾ رھائش پذير آھي. فقير پاڻ سڄي زندگي شادي نه ڪئي.
سندس قبر مٿان ھڪ عقيدتمند فقير علي محمد ڪورائي ھڪ خوبصورت روضو جوڙايو آھي. جڏھن ته ھر سال ۲۷ ربيع الاول تي سندس ورسي ملھائي، صوفي راڳ سان کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا