; سنڌي شخصيتون: اي ڊي ناريجو

07 September, 2019

اي ڊي ناريجو


اي ڊي ناريجو
سياسي ۽ سماجي ڪردار
سليم چنا
سياسي، سماجي ۽ اڻٿڪ محنت جي علامت بڻيل ڳوٺ جهنڊو ناريجو جو الله ڏنو جيڪو پوءِ پنهنجي طويل جدوجهد جي سڄي دور ۾ اي ڊي ناريجو بڻجي سامهون آيو. تنهن، سنڌ جي عظيم سورهيه شهيد هوش محمد شيدي جي آخري آرامگاهه ويجهو ميرن ۽ انگريزن جي جنگ واري علائقي ۾ بهار رُت وارن ڏينهن ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۵ع ۾ ڳوٺ جهنڊو ناريجا ۾ وڏيري الله بچائي ناريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. اي ڊي ناريجو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر مسلم ڪاليج مان ڪري جڏهن سچل ڪاليج ۾ آيو ته نوجوان شاگردن جو اڳواڻ ٿيو.


هن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شروع شروع ۾ گڏهه تي کير کڻي اچي ڦليلي ۾ وڪيو ۽ گڏهه اُتي بيهاري پاڻ ٽانگي تي چڙهي يا پنڌ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائي. اڳتي هلي هن سائيڪل ورتي ۽ ان تي کير کپائي اچي پنهنجي اسڪولي تعليم مڪمل ڪئي. پر خاص ڳالهه جيڪا ٻاراڻي وهيءَ کان اي ڊي ناريجو ۾ هئي سا صاف سٿرا ڪپڙا پائڻ، سرمو اکين ۾، تيل وارن ۾ وجهي نڪرڻ هو. اسڪول جي زماني کان ئي سياست ۾ دلچسپي ورتائين ۽ روزانو ان وقت جي مشهور اخبار عبرت سندس مطالعي هيٺ هوندي هئي. جيڪا اڇن صاف سٿرن استري ٿيل ڪپڙن سان گڏ سندس هٿن ۾ ٽريڊ مارڪ طور هوندي هئي.
ناريجو صاحب جا وڏڙا اصل ۾ ٺٽي جا آهن، جتان ٽالپرن جي دور ۾ انهن جي خاص مصائب ڪوڙو خان ناريجو، هنن جي ڪنهن وڏي کي لڏائي اچي، ڳوٺ جهنڊو ناريجو ۾ آباد ڪرايو. جتان پوءِ ڪي فرد لڏي اچي، ڳوٺ ارباب محمد صديق ناريجو کي آباد ڪري رهيا. اڄڪلهه ان ڳوٺ ڀرسان پيپسي ڪولا ۽ ٻيون فيڪٽريون آهن.
اي ڊي ناريجو سياسي حوالي سان سڀ کان پهرئين مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ مير علي احمد خان ٽالپر جي ويجهو رهيو ۽ سندن بااعتماد، جوشيلو مقرر ۽ نوجوان سياسي ساٿي بڻيو. جڏهن مير صاحبن محترمه فاطمه جناح کي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان سان اليڪشن ۾ مد مقابل ڏٺو ته مير برادران پنهنجي بنگلي تي هڪ وڏي لالٽين (باهه بتي) رکرائي، محترم فاطمه جناح جي زبردست ورڪ شروع ڪري ڏني ۽ اي ڊي ناريجو نه فقط ان ورڪ جو حصو ٿيو پر هن پنهنجي پيءُ الله بچائي کي بي ڊي اليڪشن ۾ باهه بتي (لالٽين) جي نشان تان کٽرائي سوڀارو ڪيو. ائين مير برادران جي سياسي صحبت ۾ رهي، هُن آمر ايوب خلاف ٿي، مادر ملت فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو.
ناريجو صاحب ايوبي آمريت خلاف سياسي جدوجهد کي تيز ڪيو ۽ شهر جي ٻئي معزز سياسي ۽ سماجي خاندان قاضي برادران جي ويجهو ٿيو ۽ قاضي محمد اعظم وڪيل ۽ تعميراتي واپاري جو خاص ماڻهو سڏجڻ لڳو. ڇو ته ان وٽ مختلف پرائيويٽ نوڪريون ڪيائين. پر سياسي طور تي هن جو موقف پنهنجو هو. پر هن قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد ۽ عبرت اخبار جي ايڊيٽر خير محمد کوکر سان پنهنجو ذاتي ۽ سماجي ناتو برقرار رکيو. سياست ۾ انتهائي سرگرم هجڻ جي ڪري ڪڏهن پوليس وارن جون لٺيون ته ڪڏهن مخالفن جون مارون به برداشت ڪيائين ته جيل به ڪاٽيائين. اي ڊي ناريجو کي پهرئين سرڪاري نوڪري فيملي پلاننگ ۾ فيلڊ ورڪر واري ملي ۽ ان سان گڏ هڪ سائيڪل ۽ ليڊي فيلڊ ورڪر به. ڪجهه وقت کانپوءِ مارڪيٽ ڪميٽي حيدرآباد ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ ترقي ڪندو انسپيڪٽر جي عهدي تان ريٽائرڊ ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي ٺاهي ته هي به ان دور ۾ ئي پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين پ پ سان وفادار رهيو. سندن سماجي خدمت جو سفر اسڪول ۽ ڪاليج جي دور کان وٺي شروع ٿيو هو، جنهن کي وڌائي تنظيمي صورت ڏيڻ لاءِ ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ سماج سڌار تنظيم پروفيسر ۽ پرنسپال عبدالرحيم ڏيٿو جي سهڪار سان ٺاهيائين. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ناريجا تنظيم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو. ڀٽو صاحب کيس پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻو ڀائيندو هو. ناريجو صاحب ڳوٺ ۾ اسپتال ۽ مڊل اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻني مفت ۾ ڏني. ۽ وزير تعليم پير مظهر الحق کي درخواست ڏئي زور ڀري ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ گرلز ۽ بوائز اسڪول قائم ڪرايو. پاڻ سياسي ۽ سماجي طور تي پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ سندس اولاد سان شامل حال رهيو. پر سندس سماجي زندگيءِ ۾ وڏي ۾ وڏو اعزاز خدمت خلق جو هن کي تڏهن مليو جڏهن سال ۱۹۸۱ع ۾ تاريخي ميدان جنگ مياڻي ڀرسان پنهنجي ئي ڳوٺ جهنڊو ناريجو ۾ رئيس الله بخش مگسي جي سرپرستي ۽ مڪمل سهڪار سان سنتپت جو بنياد وڌائين. جنهن کي وڏي ڪاميابي سان پنهنجي حياتي ۾ ۳۲ سال هلائي ۲۰۱۳ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ائين کيس سوين آلين اکين سان ڳوٺ جي ئي قبرستان مائي سومريءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا