; سنڌي شخصيتون: نظر محمد خان مھيسر

22 September, 2019

نظر محمد خان مھيسر


فائونڊر ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽ فائونڊر چيئرمين يونين ڪائونسل ڌڱاڻو مھيسر
مرحوم نظر محمد خان مھيسر، سن ۱۹۰۹ع ۾ پيدا ٿيا. پاڻ فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻو ھئا. ننڍپڻ کان ئي تمام گھڻا ذھين ۽ داناءَ ھئا. سندن ڏاھپ ۽ دانائي، اڄ به مشھور آھي.
نظر محمد خان جن جي سوچ، تمام گهڻي گھري ۽ وسيع ھئي. پاڻ جوانيءَ جي عمر ۾ ئي سوشل ايڪٽيوسٽ طور اڀريا. ان کان علاوه پاڻ تعليم دوست ھئا. سال ۱۹۴۸ع ڌاري ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول منظور ڪرايائون ۽ اڳتي ھلي، جڏھن ۱۹۶۰ع ڌاري بلدياتي نظام متعارف ٿيو ته پاڻ سياسي طور تي سرگرم ٿيا ۽ يو سي ڌڱاڻو مھيسر جا فائونڊر چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو جا ميمبر منتخب ٿيا.


سندن خواب ھو ته؛ ڪوٽ لعل بخش مھيسر، ھڪ ماڊل وليج ھجي. ۽ ھتان جا ماڻھو تعليمي ميدان ۾ اڳتي اچن.“ تنهن ڪري پاڻ ان لاء ھميشه جدوجھد ڪندا رھيا.
سال ۱۹۶۰ع جي ڏھاڪي ۾، نظر محمد خان جن پنهنجي ڳوٺ ۾ ھاءِ اسڪول منظور ڪرايو ۽ ان وقت صرف ۵ يا ۶ اسڪول ھئا، پوري ضلع ۾ ۽ اھي به شھري علائقن ۾. تنھنڪري ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر اھو اعتراض ڪيو ته اگر جي اسان اسڪول تعمير ڪريون ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اسڪول ڪامياب نه ٿيو ته ذميوار ڪير ھوندو. جنھن تي نظر محمد خان جن ذاتي طور تي ان وقت ۱۰۰۰۰ روپيه شوئرٽي (ضمانت) طور جمع ڪرايا. نه صرف اھو، بلڪ اسڪول جي تعميرات لاءِ ۵۰ سيڪڙو بجٽ به پنهنجي فنڊ مان ڏئي ڪري، اسڪول تعمير ڪرايو ۽ ان سان گڏوگڏ، اسڪول جي استادن لاءِ ھاسٽل به تعمير ڪرائي. ھن اسڪول جي ڪري، پوري علائقي ۾ تعليم جي ڪرن روشن ٿي ۽ جيڪي به ماڻهو ڪوٽ لعل بخش جي اسڪول ۾ پڙھيا، اھي تقريبن سٺي مقام تي پھتا.
ان کان علاوه نظر محمد خان جن ڳوٺ ۾ ميٽرنٽي ھوم، ويڪرا رستا ۽ گھٽيون تعمير ڪرايون. جيڪي اڄ به ويجھن شھرن جي نسبت ۾ ويڪريون آھن. رستن تي اسٽريٽ لائيٽ جو نظام پڻ متعارف ڪرايو.
ڳوٺ ۽ علائقي جي معاشي طرقي لاءِ، رائيس مل جو بنياد به وڌائون. ان سان ڳوٺ ۽ علائقي ۾ معاشي حالات بھتر ٿيا.
پاڻ زراعت جي شعبي ۾ به ڏاڍي دلچسپي رکندا ھئا. پنهنجي بنگلي جي سامھون ھڪ باغ رکيائون. جنھن ۾ مختلف قسمن جا وڻ ھئا ۽ فروٽ ٿيندا ھئا. پاڻ فارغ وقت ۾ ان باغ جي ڪمن جو جائزو وٺندا ھئا. زرعي ميدان ۾ وڏي محنت ڪيائون. مطلب ته تمام گهڻي محنت ڪري ۽ ڪوششون ڪري، ڪوٽ لعل بخش مھيسر کي لاڙڪاڻي جو ته ڇا پر سنڌ جو ھڪ ماڊل وليج بڻايائون.
نظر محمد خان جن جي ذاتي دوستن ۾ خانبھادر محمد ايوب کھڙو، سر شاھنواز ڀٽو، قاضي فضل الله، مولانا جان محمد عباسي سر فھرست ھئا.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو به وٽن ايندو ھو ۽ ڪچھريون ڪندو ھو. جڏھن وزير خارجه ھو، تڏھن به سندن جي دعوت تي ڪوٽ لعل بخش مھيسر آيو ھو.
ان کان سواءِ علائقي جي زميندارن سان به سندن گھرا ۽ برادرانه تعلقات ھئا.
سندن ٻه شاديون ٿيون. جن مان کين ھڪ نياڻي ۽ چار پٽ ھئا:
۱- مرحوم ڊاڪٽر غلام ياسين خان مھيسر
۲- مرحوم حاجي سڪندر علي خان مھيسر
۳- حاجي لياقت علي خان مھيسر
۴- ڊاڪٽر عبداللطيف خان مھيسر
نظر محمد خان مھيسر جن ۱۹۶۶ع ۾، ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.
گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رِڻ جا.




(فيس بڪ جي پيج؛ مھيسر ھائوس، ڪوٽ لعل بخش مھيسر تعلقو سجاول جوڻيجو، تان ورتل)

No comments:

راءِ ڏيندا