سنڌ- هند جو مشهور سماجي
خدمتگار ۽ قانوندان
ڏيارام گدو مل، ۳۰ جون ۱۸۵۷ع تي منشي گدو مل جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو،
جيڪو پاڻ به وڏو سخي مرد هو. سندس ڏاڏو منشي ميگهراج، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جي
جرنيل شاهه بهاري جو منشي هو. شاهه بهاري سان ويجهڙائپ جي ڪري هنن جو خاندان شاهاڻي
سڏجڻ لڳو.
ڏيارام تعليم جا شروعاتي
سبق آخوند نور محمد جي مڪتب مان ورتا. هو ڏهن سالن جي عمر ۾ ئي فارسي سکي چڪو هو.
ابتدائي تعليم سنڌ مان وٺڻ بعد هن بمبئيءَ مان مئٽرڪ، بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان
امتيازي نمبرن سان پاس ڪيا. اليفسنٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران استاد ۽ شاگرد سندس قابليت
سبب کيس گهڻو چاهيندا هئا. گريجوئيشن بعد هي پهرين سيڪنڊ ڪلارڪ طور نوڪريءَ ۾ گهڙيو،
بعد ۾ هندستان جي سمال ڪورٽس جو جج مقرر ٿيو. ان کان اڳ هو صدر ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ رجسٽرار
۽ بمبئي سول سروس جو ميمبر به رهيو. ۱۹۱۱ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج طور ترقي ملي، ان بعد کيس بمبئي
هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ۾ شموليت جي آڇ به ٿي، پر هن قبول نه ڪئي. پنهنجي وقت جو قابل ۽
اڻ ڌريو منصف، سماجي خدمتگار ۽ مثالي انسان ثابت ٿيو.
ڏيارام گدو مل کي
تعليم جي ابتريءَ جي ڳڻتي رهندي هئي ۽ ان ڪوشش ۾ رهندو هو ته تعليم جي ميدان ۾ سنڌي
اڳڀرا رهن. ان ڏس ۾ هن ۱۸۸۴ع ڌاري ’سنڌ ٽائيمس‘ نالي اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾ تعليمي ترقيءَ توڙي سماجي
سڌارن بابت لکندو رهيو. ديوان ڏيارام ۱۸۸۵ع ۾ سنڌ آرٽس ڪاليج جي قيام لاءِ بمبئي، مدراس ۽ بنگال پريزيڊنسين
۾ ”ڪاليجي تعليم ۽ ان جا اثر ۽ سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ گذارش“ جي سري هيٺ هڪ
يادداشتنامو لکي ’هارٽ ڊيوز‘ ڏانهن موڪليو. هن يادگار خط/ ڪتابڙي ۾ هن مثالن سان
ان وقت جي تعليمي ۽ سماجي صورتحال کي بيان ڪيو ۽ ڪاليجي تعليم جي اهميت بيان ڪندي،
سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج جي منصوبي جهڙي تجويز ڏني. انهيءَ چوپڙيءَ جو متن/ سنڌي ترجمي
سان سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ”سنڌي ٻولي“ ۾ به شايع ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ نياڻين
جي تعليم جي سلسلي ۾ ديوان نولراءِ ۽ ديوان سهجرام سان گڏجي ڇوڪرين جا ڇهه اسڪول
مختلف علائقن ۾ کولرايا ۽ غريب هنرمندن لاءِ ووڪيشنل سينٽر قائم ڪرايا.
ديوان ڏيارام پگهار
جو ڳچ حصو فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪندو هو. هن پنهنجي ڀاءُ ’ديوان ميٺا رام‘ جي نالي ٽرسٽ
قائم ڪيو، جنهن هيٺ شاگردن کي اسڪالرشپون، يونيفارم ۽ درسگاهن کي امداد ڏني ويندي
هئي. گرلس اسڪول؛ ساڌو آشرم حيدرآباد؛ ڪراچي سينٽرل لائبريري؛ گشتي هوميوپيٿڪ اسپتال؛
ڌرمپور جي ٽي بي سينيٽوريم، امرتسر ۾ شانتي آشرم ۽ ڪن ٻين هنڌن تي يتيم خانا به قائم
ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ قائم ڊي جي سنڌ ڪاليج سندس ئي خدمتن جو ثمر آهي.
ڏيارام گدومل،
غريبن جي مدد ۽ بچت جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ’غريبڙي بئنڪ‘ قائم ڪئي. شادي ۽ مانيءَ
جي خرچن لاءِ پراويڊنٽ ۽ فوتگي فنڊ قائم ڪيائين. هن پليگ جي مريضن جي خدمت لاءِ ٽي
مهينا موڪل ڪئي ۽ چار ڊاڪٽر ۽ ۱۶ نرسون پنهنجي خرچ سان ڀرتي ڪري، انهيءَ موذي مرض جي خاتمي
لاءِ وڏو ڪم ڪيائين.
هڪ جج طور ڏيارام
گدو مل جي هاڪ پري تائين هئي، پر ٽي ڪيس گهڻو مشهور ٿيا:
هڪ ڪيس شڪارپور جي
هندو سيٺ ميولداس جو هو، جنهن هڪ عورت سان ڏاڍائي ڪئي هئي. ڏيارام وٽ ڪيس آيو ته
مقامي هندن جو خيال هو ته هندو ڪميونٽيءَ جي لڄ رکندي جج صاحب سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.
پر ڏيارام ان سيٺ کي ست سال سخت پورهئي سان ٽيپ جو حڪم ڏنو.
ٻيو ڪيس ’حضور درويش‘
جو هو، جنهن تي قتل جو الزام هو، هن عدالت ۾ بيان ڏنو ته ”رات جو مون کي خواب ۾ آيو
ته انهيءَ شخص کي قتل ڪريان!“ ان تي حيرت جو اظهار ڪندي ڏيارام ريمارڪس ۾ لکيو ته
”سنڌ ۾ ايترا ته درويش آهن، جو هر ڪنهن کي جيڪڏهن ائين قتل جي اجازت ڏجي ته هتي آدم
نالي ڪا شيءَ نه بچندي“! ۽ پوءِ حضور درويش کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ٽيون غير معمولي ڪيس
سڄي هندوستان ۾ مشهور ٿيو، اهو احمد آباد (گجرات) ۾ مسجد جي پلاٽ جو هو. جڏهن ڏيارام
اتي ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿي آيو ته لاڳيتو ٻارهن ڏينهن انهيءَ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري فيصلو مسجد
جي حق ۾ ڏئي زمين واپس ڏيڻ لاءِ حڪم ڏنائين. انهيءَ فيصلي کي ڊگهي عرصي تائين يادگار
رکڻ لاءِ هن ڪاغذ بجاءِ هڪ ڪپڙي تي اهو فيصلو لکي ڏنو. هندوستان جو وائسراءِ لارڊ ڪرزن،
جڏهن ڏيا رام سان مليو ته کيس مبارڪ ڏيندي چيائين ”فاضل جج! اسان کي اوهان جي
لياقتن جي خبر آهي، جنهن ڪري اسان وٽ اوهان لاءِ احترام آهي.“
ديوان ڏيارام کي
مختلف ٻولين تي دسترس حاصل هئي. فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ته ننڍي عمر ۾ ئي درسگاهن ۾
پڙهيو، پر سنسڪرت ان ڪري سکيو ته جيئن گيتا کي اصل ٻوليءَ ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهي،
پوءِ هن شريمد ڀڳوت گيتا کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عربيءَ جي به چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين.
چيو وڃي ٿو ته قرآن پاڪ بغير ترجمي پڙهندو ۽ سمجهي ويندو هو ۽ بائيبل پڙهڻ لاءِ عبراني
ٻولي سکيو. کيس گجراتي ۽ آرميني به ايندي هئي.
جڏهن ۱۸۸۵ع کان ۱۸۸۶ع دوران اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو
ته ان وقت جي ڪمشنر کيس سنڌ جي جاگيردارن جو رڪارڊ ٺاهڻ جو ڪم سونپيو، جنهن کي سرانجام
ڏيندي هن سموري روينيو سسٽم جو مطالعو ڪري هڪ ڀرپور ڪتابHistory of Land Alienation in Sindh لکيو.
ڏيارام گدومل بهترين
ليکڪ طور به پاڻ مڃايو، هن ۱۸۸۱ع ڌاري ٽي مهينا موڪل وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي ۽ پوءِ
شاهه لطيف، قلندر شهباز ۽ اڏيري لعل تي ڪتاب لکيائين، جيڪو انهن ٽنهي هستين بابت ابتدائي
معلومات ليکيو وڃي ٿو. هن ساڌو هيرا نند، ٽي. ايل واسواڻي ۽ حسن علي آفنديءَ سان گڏجي
”سنڌ سڀا“ تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن پاران ”سنڌ ٽائيمس“ اخبار جاري ڪري ساڌو هيرانند
کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ هيرانند جي لاڏاڻي کيس جهوري وڌو
۽ پوءِ هن سندس شخصيت ۽ سوانح تي ”Sadhu Hiranand: A
Humble Soul“ ڪتاب لکيو.
سندس ٻين ڪتابن ۾ (۱) Something
about Sindh، (۲) جپ صاحب (۱۸۹۱ع)، (۳) سري ڀڳوت گيتا (۱۸۹۳ع)، (۴) سري يوگ درشن
(۱۹۰۳ع)، (۴) گيتا جو سار، (۵) ڪبير جا سلوڪ، (۶) History of Land
Alienation in Sindh، (۷) ماءُ ۽ ڌيءُ (۱۹۰۶ع: ٽيون ڇاپو)، (۸) لوڀ جو مهاتم (ٽيون ڇاپو: ۱۹۲۳ع)، (۹) چابڪ من جا، (۱۰) رهاڻ، (۱۱) نل دمينتي (۱۹۲۹ع) ۽ ٻيا شامل آهن.
ڏيارام گدو مل،
مرزا قليچ بيگ جو به وڏو قدردان هو. ۱۹۰۶ع ۾ کيس خط لکي چيائين ”آئون پنهنجي فرصت جو وقت سجائي ڪم
لاءِ وقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو... پر تون سڀني کان گوءِ کڻي وئين، شل تون پنهنجي ۽
منهنجي ديس لاءِ گهڻو جيئين! پر جيڪڏهن تون مون کان اڳي وئين ته آءُ تنهنجي محنت
جو ڦل جهان آڏو رکندس.“ جيتوڻيڪ ڏيارام کي ڌڻيءَ در اڳ ۾ سڏ ٿيو، پر هن جيئري واعدو
نڀايو ۽ ڏيڍ لک کان وڌيڪ رقم مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جي ڇپائيءَ تي کيس موڪلي ڏني.
جنهن جو ذڪر مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي”سائو پن ڪارو پنو“ ۾ به ڪيو آهي. اها رقم
اڄ جي هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿيندي. ڏيارام گدو مل رٽائرمينٽ کان ست سال اڳ ئي
پنهنجي ڀاءُ جي نالي ”ديوان ميٺا رام ڌرمائو ٽرسٽ“ رجسٽرڊ ڪرايو، ان بابت ڪجهه هن
ريت لکيو هئائين“؛ آءُ غلامن جو غلام ڏيارام گدو مل عمر ۳۵ سال، رهندڙ حيدرآباد، سنڌ. پنهنجي زندگي ۽
زندگيءَ جي ڪمايل موڙي ۽ ورثي ۾ آيل پونجيءَ کي ’امانت‘ ڄاڻي ۽ پنهنجي حياتيءَ تي ڪو
ڀروسو نه سمجهي، پنهنجي سموري ملڪيت کي خيراتي ٽرسٽ پڌرو ڪريان ٿو.
ڏيارام جي زندگيءَ جو
مقصد سندس هن تحرير مان ثابت ٿئي ٿو ته ”علم عام ٿئي، دکي انسانن جي ملم پٽي ٿئي،
خدمت خلق ادارن ۽ اوتارن جي سنڀال ٿئي، علمي قحط ۽ سهائتا جي ڏس ۾ امداد جو هٿ ڊگهيريو
وڃي ۽ خدمت ڪندڙ ادارن جي دل کولي مدد ڪئي وڃي. هو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ، ميونسپالٽيءَ
۽ خالق ڏني هال جو صدر به رهيو ۽ ڪوڙهه جي مريضن جي آشرم جو چيئرمئن به رهيو.
ديوان ڏيارام ۵۶ ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان
شادي ڪئي، جنهن تان مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿي ۽ ڪيترن دوستن ان عمل جي نندا ڪئي، پر پاڻ
ڪنهن کي ڪو جواب ڪونه ڏنائين. گهڻا سال پوءِ معلوم ٿيو ته اها هڪ مصيب زده عورت
هئي، جنهن جي عزت ۽ زندگي بچائڻ لاءِ ديوان صاحب اهو ڪم ڪيو هو.
سنڌ- هند توڙي برصغير
جو هي مثالي سماج سيوڪ ۷ ڊسمبر ۱۹۲۷ع تي ٻن پهرن جو گرو گرنٿ پڙهندي ڌڻيءَ کي
پرتو. سندس زندگيءَ جي احوال بابت هڪ ڪتاب ’راڄ رشي ڏيارام گدو مل جو جيوَن چريتر‘
ڇپيل آهي، جنهن جا ڪيترا ڇاپا اچي چڪا آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا