; سنڌي شخصيتون: زخمي چانڊيو

10 September, 2019

زخمي چانڊيو

زخمي چانڊيو
انسان دوست، سنڌ جو اڏول شاعر
ابراهيم لاشاري
ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين، ڇو ملڻ ڀي ڇڏي وئين،
سونهاري سنڌ جي تاريخي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي پيو ته هن سر زمين سنڌ هميشه هميشه ڪئي ڏاها، علم جي اڪابرن، صوفي، ولي، عالم، فاضل، اديب، شاعرن کي پنهنجي گود ۾ قديم زماني کان وٺي پئي جنم ڏنو آهي اهو سلسلو تا قيامت تائين جاري رهندو.


سونهاري سنڌ تي جاگرافي لحاظ کان نظر ڊوڙائبي ته شڪارپور به علمي ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، اهل قلم، شاعرن اديبن جي سڀني رنگن سان سرشار نظر پيو اچي، هن علائقي جن به شاعرن اديبن، محققن، سياسي، سماجي، شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، تن پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ادبي پورهي ۽ ڪوششن سان سونهاري سنڌ ۾ اعلي درجي جو مقام پڻ حاصل ڪيو آهي، هتي اڄوڪي تاريخ ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۰۰ع اڱاري ڏينهن کي هڪ سچي انسان، ۽ انسان دوست شاعر زخمي چانڊيي جي شهادت جي ڏينهن سان ياد ڪيو پيو وڃي، ڇو جو سڀني وصفين سهڻو، بي ڊپو، ماڻهو مڻيادار ارڏو پٽ هن ئي تاريخ تي شاعري جون سڀئي صنفون ۽ قلم بند ڪري سنڌ واسين کان جواني واري عمر ۳۹ سال ۸ مهينا ۽ ۲۳ ڏينهن زندگي جا پل گذاري صبح جو ۳۰_۸ وڳي شهادت جو جام نوش ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيو هن علم دوست شاعر جي ڇٽي جو نالو ڄام خان ۽ والد صاحب جو نالو مولابخش خان چانڊيو هو جيڪو شڪارپور تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڊکڻ  لڳ ۾ مئي مهيني جي جهولن واري گرم موسم جي پهرين تاريخ سومر ڏينهن سال ۱۹۶۱ع ڌاري پهريون ساهه کڻي جنم ورتو  هن ذهين نينگر جي والدين بهترين تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي کيس علي خان ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن سنڌي پنج درجا نهايت ذهانت ۽ هوشياري سان پاس ڪري تعليم کي اڳتي وڌائيندي ڊکڻ هاءِاسڪول منجهان مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪري هاير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور منجهان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪيائين تنهن بعد سال ۱۹۷۹_ ۱۲_۰۵  ڌاري (هن ڏينهن سندس پٽ خالد چانڊيو جي جنم ڏينهن) تعليم کاتي ۾ درس تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو. ان زماني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتي ديري منجهان پوسٽ گريجوئيٽ (اسلامڪ ڪلچر) جي ڊگري حاصل ڪيائين سال ۱۹۸۴ع ڌاري پنهنجي من جو آواز عام خلق تائين رسائي (زخمي چانڊيو) جي نالي سان شاعر ٿي اڀريو. شاعري جي اصلاح به هن نامور شاعرن محترم نثار بزمي صاحب ۽ محترم سرڪش سنڌي صاحب کان حاصل پئي ڪيائين، هن ڪومل جذبن جي حساس دل رکندڙ شاعر پنهنجي من اندر جي احساسن جو اظهار شاعري جي روپ ۾ ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري اسان کي ٻڌايو آ، پاڻ زخمي چوي ٿو ته
ڏاڍو ساريندين،
منهنجي مئي کانپوءِ تون،
اخبارن ۾ تعزيتون،
ڏهه ڏهه ڏياريندين،
منهنجي مئي کانپوءِ تون
جيئري قدر ڪو نه ڪيئه،
ڳوڙها ڳاريندين،
منهنجي مئي کانپوءِ تون،
اوڇنگارون ڏئي لاش تي،
راڄ روئاريندين،
منهنجي مئي کانپوءِ تون،
جهر جهنگ منهنجي شاعري،
نيٺ جهونگاريندين،
منهنجي مئي کانپوءِ تون،
قبر جو ڪتبو پڙهي،
گل وڇائيندين،
منهنجي مئي کانپوءِ تون،
زخمي ءَ لئه ماتم ڪري،
نيٺ وساريندين،
سندس شاعري جو عڪس مجموعي طور ڌرتي سان محبت ۽ عشقيه نظر اچي ٿو، هو ٿورڙي عرصي ۾ هو همعصر شاعرن کان تمام ججھي مقبوليت ماڻي گوءِ کڻي ويو سندس شاعري ۾ عوامي رنگ جي ڪري هو سڄي سونهاري سنڌ ۾ هڪ مشهور شاعر بڻجي ويو. مزاحمتي شاعر واري پهلو زخمي چانڊيو کي جيل جو منهن به ڏيکاريو پر پوءِ به هو نه مڙيو ۽ اڳ کان اڳرو نظر آيو، زخمي چانڊيي کي سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ادبي، مشاعري جي دعوت ملندي هئي ته اتي پهچي ان مشاعري ۾ پنهنجي شاعري مٺڙي آواز ۽ ترنم سان پڙهي چوڏهن چند لڳائي ڇڏيندو هو ۽ اديب، شاعرن کان (واهه زخمي واهه) جو داد پيو حاصل ڪندو هو، زخمي چانڊيو صاحب عام زندگي به نهايت لاجواب نموني گذاريندو هو زخمي چانڊيو صاحب يارن جو يار هو سندس زندگي خوش اخلاقي ۽ خوش مزاجي سان ٽمٽار هوندي هئي، هو هميشه بردبار رهيو ۽ چهري تي شينهن جهڙو روب هوندو هيس زخمي چانڊيو کي ادبي سرگرمين ۾ گهري دلچسپي به هوندي هئي پاڻ سال ۱۹۹۱ع  ڌاري ڊکڻ شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پايو وڌائين اڳتي هلي زخمي چانڊيو صاحب پاڻ سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جي ضلعي رابطا سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪندورهيو پاڻ (سچوا) تنظيم سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ پڻ رهيو، سنڌ جو هي بهادر شاعر استادن جي نمائنده تنظيم (گسٽا) ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس ترجمان پڻ رهيو، ان کان علاوه هي انسان دوست شاعر زخمي چانڊيو انسان ذات لاءِ ڪم ڪندڙ تنطيم (هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان) جو نهايت برجستو سرگرم ڪارڪنن منجهان هو جڏهن ته ان زماني ۾ هن انسان دوست شاعر وٽ سواري لاءِ هڪ سوزڪي موٽر سائيڪل پڻ هوندي هئي جنهن جي اڳيان هڪ نعرو هميشه (انساني حق) درج هوندو هو، زخمي چانِڊيو صاحب پنهنجي شاعري واري زبان سان سڀني انسانن کي امن ڀائيچاري، محبت سان رهڻ جي ڪيڏي نه سهڻي تلقين ڪري چوي ٿو ته  ...
انسانن کي او انسان !
مار نه تون بيدردي سان
تنهنجو ساٿ ازل جو آ
زخمي زخمي زخمي سان
زخمي چانڊيو صاحب سال ۱۹۹۶ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ جواب پور چانڊيه کي ڇڏي اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪيائين ،سندس شاعري کي ڪيترن ئي سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ڳائي زخمي صاحب سان گڏ پنهنجو نالو پڻ نروار ڪرايو زخمي جو پهريون گيت جنهن کيس مقبوليت جي آسمان تي پهچايو اهو هو (شمن علي ميرالي جي آواز) ۾ ٻول هئا (ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين ڇو ملڻ ڀي ڇڏي وئين) ان کان علاوه فوزيه سومرو، ماسٽر منظور، صادق فقير، برڪت علي، غلام شبير سمون، ديدار علي سمون، تاج مستاني، عاشق نظاماڻي، غلام علي سنديلو، سرمد سنڌي، سليم رضا ڪنڀر، ۽ حاجي امدادالله ڦلپوٽو پڻ (نعتيه ڪلام) ڳائي ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪيو، هن سماج سڌارڪ ۽ مزاحمتي عوامي شاعر کي رب سائين ۶ پٽن ۽ ۶ نياڻين جي اولاد سان نوازيائين، جن جي تربيت پڻ بهترين نموني جي ڪيائين
سندس هڪ پٽ خالد چانڊيو سندس نقش قدم تي هلي هڪ بهترين شاعر ۽ بهترين براڊ ڪاسٽر جي ادبي حلقي ۾ سڃاڻپ رکي ٿو، جڏهن ته ٻه ٻيا پٽ حفيظ چانڊيو ۽ ساجد زخمي چانڊيو پڻ ادبي لڏي سان گهري دلچسپي پڻ رکن ٿا هنن ڀائرن هميشه پنهنجي والد صاحب جو نالو ادبي دنيا ۾ روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سندن کي جس هجي ته هو هر سال پنهنجي شفيق والد جي ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندي نظر اچن ٿا جتي زخمي چانڊيو ايوارڊ سان سنڌ جي اديبن کي نوازيندا رهن ٿا سنڌ جي هن ڀلوڙ مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي کي پڻ ڪيترن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو جن ۾ (سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران بهترين رابطه سيڪريٽري، سچوا پاران بهترين مرڪزي سماجي اڳواڻ، استاد بخاري ادبي فورم لاڙڪاڻو پاران ڏئي سندس جهول ڀري وئي هن ڀلوڙ مزاحمتي شاعر جي شاعري جا ٽي ڪتاب شهر شهر زخمي ۲۰۰۱ع ۽ ٻيو ڏاڍو ساريندين سال ۲۰۰۴ع ۽ ٽيون ڪتاب ٻه ڏينهن اڳ (مٺڙا ٻار ۲۰۱۷) ٻارن جي شاعري ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن پاڻ زندگي ۾ ڪيترن ئي اخبارن، رسالن ۾ مضمون لکي سنڌي اديب جي جهول ڀريائين، سندس سماجي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن زخمي صاحب پاڻ پنهنجو فرض نڀائڻ لاءِ هاءِ اسڪول شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ڏانهن خالد، حفيظ، ساجد ۽ گهروارن کان موڪلائي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ويٺل هٿياربندن مٿس انڌانڌ فائرنگ ڪري سنڌ جي اربيلي شاعر کي سڀني سنڌ واسين کان هميشه هميشه لاءِ ڌار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو سندس وڇوڙي کي اڄ سترهن سال گذري چڪا آهن، پر هو اڄ به هر شعور واري انسان کي ياد آهي سندس جي سالياني ياد ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷ع آچر ڏينهن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ هڪ زبردست پروگرام منعقد ڪيو ويو جتي سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن محترم تاج جويي صاحب، آزاد انور ڪانڌڙي، علي آڪاش، عزيز منگي، عيسيٰ ميمڻ، خالد چانڊيي، رضوان گل، سڄڻ سنڌي، رياضت ٻرڙي، حفيظ چانڊيي، ڀائو در محمد ٻرڙي، سرمد چانڊيي، ساجد چانڊيي، رياض سومري کان علاوه ڪيترن ئي اديبن شاعرن سندس جي ادبي پورهي تي روشني وجهي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي سندس جي تازي ڪتاب (مٺڙا ٻار) جي مهورت پڻ ڪئي وئي. اڄ سندس ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۱۷ع تي ۱۷ ورسي ملهائي پئي وڃي. سندس جي مزار اباڻي ڳوٺ جوابپور چانڊيي ۾ واقع آهي، پاڻ ڪهڙي نه مٺري زبان سان شعر چئي ٻڌائي ٿو ته
پيار اسان پنهنجايو آهي
باقي سڀ اجايو آهي
جنت جهڙو ديس اسانجو،
سڀني جو سرمايو آهي.


زخمي ڄام خان چانڊيو
جوابپور مان جهالت جو خاتمو آڻيندڙ هڪ مانجهي مڙس
حفيظ چانڊيو
هو پنهنجي وجود ۾ هڪ تحريڪ ٿي اڀريو هو ۽ پنهنجي اکڙِين منجهه پنهنجي پٺتي پيل قبيلي سان گڏ آسپاس ۾ انساني ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جو خواب کڻي در در علم جون ڏياٽيون ٻاري، پنهنجي علائقي ۾ تعليم ذريعي انقلاب جا خوبصورت خواب پالي تاتي جوان ڪندو رهيو هو، ڪي ڪي ماڻهو، پنهنجي ارادن ۾ هماليه ۽ هالار کان به وڌيڪ سگهارا ثابت ٿيندا آهن ۽ پوري سگهه سان پنهنجي قوم کي ترقيءَ جو سفر طئي ڪرائيندا آهن، هو جنهن جي سڃاڻپ صرف هڪ هڪ استاد نه پر هڪ حساس دل رکندڙ شاعر، اديب ۽ سماج سُڌارڪ هئي، جنهن ڪيٽي بندر کان ڪراچيءَ تائين ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، وطن جي دشمنن کي ڀڄائڻ ٿي چاهيو، زخمي چانڊيو، پنهنجي ذات ۾ سراپا انقلاب، باصلاحيت ۽ متحرڪ قسم جو انسان هيو، جنهن جي سموري ڄمار همت ۽ حوصلي جو هڪ انوکو باب رهي، هو پنهنجي اڏول ڪردار تحت نوجوانن کي مسلسل همٿائي، کين علم جهڙي طاقتور هٿيار سان ناتو ڳنڍيندو رهيو، سندس تعليمي سرگرمين کي ڏسي ان وقت جي ابو جهلن کي پنهنجي ڪوڙي ڪوٽن جا ڪنگرا ڪرندي محسوس ڪيا، جنهن لاءِ هنن زخمي جهڙي بي باڪ ۽ مانجهي مڙس کي شيخ زيد هاءِ اسڪول ويندي، ستين نمبر ناڪي تي قائم چير مشين جي بُنڊن جي اوٽ وٺي، گيدين جيئن گوليون هلايون، گولين ۾ گهايل شيرِ سنڌ زخمي چانڊيو، شهادت جو جام نوش ڪري اڌ ۾ رهيل چُميءَ جو قرض لاهي ٿو وڃي ۽ هڪ انقلابي انسان جي جسم مان وهندڙ رت زمين تي ڪري، سنڌ جي هر شهر کي زخمي ڪري وجهي ٿو، اهو ۲۴ آڪٽومبر، ۲۰۰۰ع جو اڀاڳو صبح هيو، جڏهن سنڌ جي انقلابي شاعر، مثالي استاد ۽ سماج سڌارڪ زخمي چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي وڍ ڏيندڙ وڇوڙي ديس جي هر سپني کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو هيو، زخمي چانڊيو، هن جي بي باڪيءَ سان ڪيل جدوجهد انقلاب برپا ڪيو، جنهن سبب هو ڳوٺ جوابپور چانڊيو، کان تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور کان ويندي پوري سنڌ اندر هڪ اهڙي انقلابي چيخ ٿي اڀريو، جنهن دنيا کي مٽائڻ چاهيو، هو هر هنڌ انقلاب جي علامت طور ڄاتو ويندو هيو، سندس غير معمولي قسم جي سرگرمين وقت جي فرعوني قوتن جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون هيون، اهو سبب هيو جو هُنن اهڙي مانجهي مڙس کي رستي تان هٽائڻ کي آخري حل سمجهيو ۽ سنڌ جي هڪ تعميري ڪردار کي قبيلائي نفرتن جي ور چاڙهي ڇڏيو.
ادبي دنيا ۾ شهيد زخمي چانڊيو کي ڀلا ڪير نه سڃاڻي، ڇو جو زخمي چانڊيو، سنڌ جي اهڙن مانجهي هيرن منجهاران هيو، جنهن پنهنجي صحتمند سوچ آڌار پوري علائقي ۾ علم جو سج اڀاريو، اهو علائقو جتي نياڻين کي پڙهائڻ وڏو پاپ سمجهيو ويندو هيو، دقيانوسي سوچن، روايتي وهمن ۽ وسوسن ورتل جوابپور جون جاهل ڌرين ٻارڙن کي پڙهائڻ کي پاپ  ٿي سمجهيو، خاص ڪري نياڻين کي پڙهائڻ هڪ ڪبيره گناهه پئي سمجهيو، زخمي چانڊيو جي ڪيل محنتن تي هنن پاڻي ڦيرڻ لاءِ در در وڃي، ماڻهن کي ڌمڪايو ته جيڪڏهن هو پنهنجن ٻارڙن کي پڙهائيندا ته ساڻن اهڙو حشر ٿيندو، ان کان علاوه کين خراب نتيجن ڀوڳڻ جهڙين ڌمڪين سان تعليم پرائڻ کان روڪي رهيا هيا، وقت وڏو بادشاهه هوندو آهي، جاهل ڌرين اهو نه ٿي ڄاتو ته اهڙا علائقا جتي ظلم و بربريت عروج تي هوندي آهي ته اتي جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلاب جو اچڻ لازمي ٿي پوندو آهي، سو جوابپور چانڊيو ۾ علم ۾ رڪاوٽ بڻيل ڌرين کي ان وقت ناڪامي مُنهن پئي، جڏهن شهيد زخمي چانڊيو پنهنجي آسپاس ۾ ست اسڪولن جو قيام ڪرايو ته جيئن سندس قبيلي وارن سميت سندس آسپاس ۾ رهندڙ بي پهچ ماڻهن جو اولاد پڙهي، اڳتي وڌي سگهي، زخمي چانڊيو جي سوچ فڪر  ۽ اعليٰ آدرشي ڪردار قومي سرمايو آهي، ڇو جو هن جي روح ۾ ديس جي خوشحاليءَ جا خوبصورت سپنا سانڍيل هوندا هيا، جنهن جي لاءِ هن پنهنجي سر جو نذرانو ڏيندي، علمي انقلاب کي ڳچيءَ جو هار سمجهيو ۽ ديس لاءِ گهور ٿي، جان ڏنائين.
اهي ماڻهو، جيڪي ديس جي خوشحالي ۽ تعمير لاءِ مسلسل محتنت ڪن ۽ جاکوڙين ته سندن وڍ ڏيندڙ وڇوڙا هڪ فرد جا نه پر پوري قوم لاءِ هاڃو ثابت ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن جا اوچتا وڇوڙا وقت کي بيهاري ڇڏيندا آهن، پر جڏهن ته وقت هڪ جاءِ ڪڏهن به ناهي بيهڻو، اهڙيءَ ريت زخمي چانڊيو جي شهادت پُڄاڻان به جهالت هڪ جاءِ تي بيهي رهي ۽ جاهلن کي ناڪامي ملي، زخمي چانڊيو جي شهادت پڄاڻان جوابپور ڳوٺ ۾ علم جو سج اڀريو، جنهن جا ڪرڻا هاڻي سنڌي ادب جي آبياري ڪري رهيا آهن، زخمي چانڊيو، پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ پنهنجي علائقي جو واحد نوجوان هيو، جنهن سماجي ۽ ادبي سرگرمين سان گڏ سياسي هلچل ۾اهڙو ته متحرڪ ڪردار ادا ڪيو جو اوڻيتاليهه بهارون ماڻيندڙ هن نوجوان سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن ساڻس دوستيءَ جو هٿ وڌايو، هو هن مصروف ترين دنيا ۾ ماڻهن سان پيار ۽ پنهجائپ سان ائين رهيو، جهڙوڪ هو هر ڪنهن جي گهر جو ڀاتي هجي،سندس سهڻي سڀاءَ جي ڪري اڄُ ارڙهن سالن جي عرصي بعد زخمي چانڊيي کي جڏهن به ماڻهو ياد ڪن ٿا ته هو سندن اکين مان بي اختيار لڙڪ وهي پون ٿا، هو عقيدت جا گل نڇاور ڪندي زخمي ڇانڊيو جي شهادت کي تاريخي سانحو قرار سمجهن ٿا، ڇو جو ڪن ڪن ماڻهن ماڻهن جي وڍ ڏيندڙ وڇوڙن سان ڪيترا شهر رلي ويندا آهن، ۽ ڪن ڪن ماڻهن جي پڄاڻان شهرن جا شهر پنهنجي سڃاڻپ ئي تبديل ڪندا آهن، ساڳي ئي نموني سان زخمي چانڊيو جي شهادت پڄاڻان اڄ سندس ڳوٺ جيڪو دهشت جي علامت طور سڄي سنڌ  ۾ مشهور هيو، اڄُ ان ڳوٺ مان چار نوجوان ايم فل اسڪالر ٿيڻ وارا آهن، ان کان علاوه ڪيترائي نوجوان ۽ نياڻيون انتظامي عهدن تي فائز آهن، جنهن جو سڌو سنئون ڪريڊٽ زخمي چانڊيو جي ڪيل ان بي لوث خدمتن ڏانهن وڃي رهيون آهن، جنهن لئي هن پنهنجو ساهه ئي ماڻهن منجهه ويساهه پختو ڪيو.
شهيد زخمي چانڊيو جي سموري ڄمار نوجوان نسل لاءِ هدايت آهي، جنهن تي عمل پيرا ٿي ڪاميابين ڏانهن وڌي سگهجي پيو، ڪن ڪن ماڻهن مان جيتوڻيڪ پنهنجا مٽ ۽ مائٽ به بيزار هوندا آهن، پر پوءِ به اهي جيئرا هوندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن جي قوم کي سخت ضرورت هوندي آهي، پر الائي اهڙا متحرڪ ۽ معتبر ڪردار اسان کان ڪمهلو وڇڙي ويندا آهن، زخمي چانڊيو به اسان کان ائين ڪمهلو وڇڙي ويو، هو ان وقت ۳۹ سالن جو هيو، جو کيس گولين سان گهائي سندس سوڙها ڪيا ويا، ها زخمي کي اڃان جيئڻو هيو، ها زخمي چانڊيو جهڙن مثالي استادن کي اڃان نسلن جي آبياري ڪرڻي هئي، هن کي پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪُجهه ڪرڻو هيو، هن جي خواهش هئي ته سندس پٽ خالد حُسين، ساجد حسين، حفيظ ، مولابخش، وسيم ۽ اسدالله سميت سندس نياڻيون ڪو اهڙو اعليٰ انتظامي منصب ماڻين، جنهن ذريعي هو قوم جي خدمت ڪري، هڪ صحتمند سماج جوڙي سگهن، اڄُ اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي سنڌ جي عاشق، هڪ مثالي استاد ۽ آدرشي انسان زخمي چانڊيي جي خوابن کي گولين سان گهايو ويو.


زخمي چانڊيو
قرض آ مون کي لاهڻو
رياضت ٻرڙو
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ قربائتو ۽ مانائتو شاعر، استاد، ادبي، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ زخمي چانڊيو هڪ اهم شخصيت هو، جنهن سان منهنجا پڻ دوستن وارا محبتي ناتا هئا. اهي ناتا جوڙڻ ۾ جنهن اداري بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان سان اسان سنڌي ادبي سنگت جي نالي هيٺ سلهاڙيل آهيون، جنهن لاءِ محبت جو ڀرپور اظهار زخمي چانڊيي هڪ غزل جي شعر ۾ هن ريت ڪيو آهي:
* سنڌي قوم جي نيٺ سڃاڻپ،
    سـنــڌي ادبــي سنـگــت هــونـــدي.
۲۰۱۰ع ۾ جيڪا سنڌي ادبي سنگت اسان کي نظر اچي ٿي، افسوس ته اها ادبي سنگت ناهي، جنهن لاءِ زخميءَ اڻ مَيون محبتون پنهنجي مَن اندر سمايون هيون ۽ اَڻ ڳڻيون محنتون ان کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. زخميءَ جي واري سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي سڄاڻ اديبن جي سرواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رهي هئي، پر اڄوڪي سنڌي ادبي سنگت، شاعرن جي هٿن ۾ ته آهي، پر ان جي سرواڻي اڳواڻيءَ جي عهدن ۾ وڃائجي وئي آهي.
زخميءَ سان ۱۹۹۱-۹۲ع ڌاري منهنجون پهريون ملاقاتون ادبي سنگت جي حوالي سان ٿيون هيون. مون کي اڄ به اُهو يادگار صبح چٽِيءَ ريت ياد آهي. زخمي سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي سالياني اليڪشن ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ اليڪشن، جيڪا اصل ۾ محبتن جي ڪري سليڪشن هئي، جي ڪارگذاريءَ کان پوءِ زخمي چانڊيي سرڪش سنڌيءَ جو مشهور نظم ”ڪاوڙ ڇڏ تون ڪاوڙ ڇڏ، هيءَ ڪاوڙ مون کي ماريندي، پر هڪڙي مُرڪ جياريندي، تون ڪاوڙ ڇڏ، تون ڪاوڙ ڇڏ“ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ٻڌائي سڀني حاضرين کي موهي ۽ مَنڊي ڇڏيو هو. ان نظم سان سندس آواز جو ئي اثر هو جو ڪيترن ئي دوستن اهو نظم فوٽو ڪاپي ڪرايو هو.
زخمي چانڊيو سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو، پر هو دوستن ۽ سنگت لاءِ قرباني ڏيڻ به ڄاڻيندو هو. ان حوالي سان مون کي هڪڙو ٻيو واقعو به ٻڌائڻو آهي. ۱۹۹۶ع ۾ مرڪزي اليڪشن حيدرآباد ۾ ٿي رهي هئي، جنهن ۾ زخميءَ گھڻو ڪري ٻن عهدن جوائنٽ سيڪريٽريءَ ۽ خزانچيءَ تي فارم ڀرايا هئا. تنهن وقت پڻ زخمي ادبي سنگت جي حوالي سان تمام گھڻو سرگرم هو، خاص ڪري ضلعي شڪارپور جي رابطا سيڪريٽريءَ طور هن بهترين ڪم ڪيو هو. سندس تعلق پڻ گھڻو وسيع هو، پر ان سڀ ڪجھ هوندي به هُن دوستن جي فيصلي کي مانُ ڏيندي ٻنهي عهدن تان رضا خوشيءَ هٿ کنيو هو. مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن هُو مرڪزي عهدي تي چونڊيو وڃي ها ته نمايان سرگرميون ڪرائي ادبي سنگت جو نانءُ ۽ ڪارج نروار ڪري ڏيکاري ها.
هڪڙي ٻِي ياد به اوهان سان اڄ سلڻ چاهيان ٿو. اسان قنبر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٽين ورسي ۹-اپريل ۲۰۰۰ع تي منعقد ڪئي هئي، جنهن ۾ پنهنجي سموري قرب سميت زخمي چانڊيي اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي تي هن ان ڳالهه جو اظهار خاص طور ڪيو هو ته ماڻهوءَ کي جيئري مڃتا ملڻ گھرجي.
زخميءَ جي شخصيت ۾ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي پناهه محبت سمايل هئي ۽ انهن جا درد هن کي پنهنجا درد محسوس ٿيندا هئا. ان جو اظهار هن جي تخلص ”زخميءَ“ ۽ شاعريءَ مان تمام گھڻو ٿئي ٿو.
* چيائين ڪڍِي نَنهن، ڪندين سنڌُ سنڌُ؟
    چيم هائو ڏانئڻ! آهي سنڌُ جِندُ.
ڏيئي شاڪ پاور جو چَيَئين: چئه ڙي سنڌُ،
چيم گيدي ٻُڌندين، جيئي سنڌُ جيئي سنڌُ.
زخميءَ کي خبر هئي ته هن تي سنڌي هئڻ ناتي وڏو قرض آهي جيڪو کيس پنهنجي وس آهر لاهڻو آهي، ان ڪري ئي هن گھڻ رُکي جدوجهد ڪئي پئي. ان حوالي سان هُو هڪ وائيءَ ۾ لکي ٿو:
* پَوِتَر ڌرتيءَ جو،
قرض آ مون کي لاهڻو.
ان حوالي سان، وڏِي ڳالهه آهي ته هن کي پنهنجن وڏڙن جي غلطين جو به احساس هو. هُن انهن جي به تلافي ڪرڻ پئي چاهي:
* منهنجي وڏڙن جي ڪيون،
غلطيءَ غلطيءَ جو،
قرض آ مون کي لاهڻو.
مٿين شعر ۾ ”وڏڙن“ جو استعارو ڪيڏي نه پنهنجائپ رکي ٿو! ۽ ظاهر آهي ته پنهنجن جون ڪيل غلطيون پاڻ کي ئي ڀوڳڻيون پونديون آهن، ته انهن جو تدارڪ به پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. پر هُو غلطيءَ جو قرض سادگيءَ سان لاهڻ نه پيو چاهي. هن جي سوچن ۾ طوفان هيا جيڪي سمورن ڌرتيءَ جي دشمنن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ چاهن پيا.
* جڏهن ڪا به اک ڪنهن جي ميري ڏِسين،
    اُٿي باغي بڻجي بغاوت ڪجان.
متان چئين ته ”زخمي“ هُيو نانوَ جو،
    مان تلوار جي ڌارَ تي ٿو نچان.
* ستم مان غير جو مُرڪي سهي سِر تي مري ويندس،
مگر هن ديس تي آڱر سهڻ کان مون کي نفرت آ.
هڪڙن شاعرن جي شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ، وطن جي تڙپ، ماروئڙن جا ڏک ڪِن هڪ ٻن شعرن ۾ مس هوندا آهن، ته به دعوى پيا ڪندا آهن ته هُو ئي وطن جا شاعر آهن، انهن شاعرن جي مجموعن مان ڳولڻ کان پوءِ به مڙئي خير هوندو آهي، پر زخميءَ چانڊيي جي شاعري اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. هن وٽ صرف لفاظي ناهي، پر لفظن ۾ ساهه وڌل آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڦٿڪندي محسوس ٿئي ٿو.
* اوکي پنڌِ هِن پيرَ پِٿون ڪيا،
    ڇاتيءَ جي ڇڪتاڻ نه سمجھيئه.
* هَليون گوليون، ڌُڏِي ڌرتي، اُٿيا شعلا، ٻُڌم چيخون،
    ڏٺو ٿَم ديس پنهنجي جو وڏو نقصان ٿي پيو آ.
* ڀونءِ پنهنجيءَ تان ائين ڇو بي دخل،
    هاري ۽ مزدور ٿيندو ٿو وڃي.
* جنهن کي حاصل آهي ڪرڻو سو ڪبو حاصل ضرور،
    ڇو نه ”زخميءَ“ کي اُتي ڪا سرڪشي ڪرڻي پوي.
زخمي چانڊيو سنڌ جو اهو سپوت هو جيڪو عملي ميدان جو پڻ جوڌو هو. هن وٽ پنهنجي ديس واسطي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي دل هئي. هُو جيلن ۽ قيدخانن کان ڪو نه ڊنو. هن کي سختيون ۽ ڪشالا نوِڙائي ڪو نه سگھيا. هن جو ڪنڌ ويريءَ اڳيان ڪڏهن نه جھڪيو. هن جي دل ۾ ديس لاءِ دغا ڪو نه هئي. هُو ديس جي حب ۾ جيئن ٻاهر هو ايئن ئي اندر ۾ به هو. هن وٽ ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ زبانَ ڪو نه هئي. فرق هو ته صرف اهو هو ته هُو ڏِيل ۾ جانٺو جوان هو پر سندس دل زخمي ۽ ڌَڪيل هئي. دشمن هن جي ڏِيل کان به ڏڪيا پئي، ته زخمي دل کان به، ڇو ته ٻنهي ۾ اها سگھ هئي جيڪا ديس جي بي حساب محبت سببان وجود ۾ رچي ويندي آهي.
* جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.
* پڇيائين ته: جيلن ۾ عيدون ڪيئه؟
کِليس ۽ چيم: ڪو نه اُلڪو ڪيم.
چيائين: ڪڍِي ڇڏبيون تنهنجيون اکيون،
جيئي سنڌ نعري کي اوچو ڪيم.
* وقت تنهنجو ڏوهي ناهي، ڏوهي آهين وقت جو،
بخت تنهنجو ڏوهي ناهي، ڏوهي آهين بخت جو.
دَور پنهنجي ۾ چڱائي تو ڪنهين سان ڪا نه ڪئي،
تخت تنهنجو ڏوهي ناهي، ڏوهي آهين تخت جو.
* ڪڏهن ڀي پنهنجي فطرت ۾ وڏائي ڪا نه هئي ليڪن،
غلط جي حڪم ٿيا ”زخمي“ ته نافرمان ٿيڻو پيو.
زخميءَ وٽ پياري پرينءَ لاءِ به جيءَ ۾ جذبا سمايل آهن. هُو محبتن جو حمايتي هو، ان ڪري محبتون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو ڪوڏيو هو. ان حوالي سان آخر ۾ ڪجھ شعر پيش ڪرڻ چاهيان ٿو:
* ايڏو ضد به چڱو ناهي،
ڪنهن ٻي جي به ٻُڌبي آ.
* تو ته دڙڪو به مُرڪي ڏنو هو، مان ته راتين جُون راتيون رنو هو،
تو ته چرچو ڪيو پنهنجي پَر ۾، منهنجو ڳوڙهن سان دامن ڀنو هو.
* خزان ۾ نه روليو،
گلابن جي دنيا.
* اسان تنهنجي خاطر ٿي ”زخمي“ پياسين،
پرين! تنهنجو هاڻي ڇڏڻ ڪو چڱو آ؟
زخميءَ کي ته پرين ڇڏي الائي ڪيڏانهن هليا ويا، پر زخمي اسان کي ڇڏي ضرور هليو ويو ۽ اسان کي زخمي ڪري ويو. زخميءَ جو اسان کي ڇڏي هليو وڃڻ ڪو چڱو نه هو، چڱو ڇا، صفا بُرو هو. پر هُو دشمنن جي اک ۾ ڪنڊو هو. هُو ان ڪنڊي جو سُور سهي نه سگھيا ۽ زخميءَ کي شهيد ڪري ڇڏيائون.
* مرڻ ته ”زخمي“ نه آهي مِهڻو!
مرِي به ڌاڪو ڄَمائي وڃبو.

مهرباني.
***
(سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ، ضلعي شڪارپور پاران ۲۴-آڪٽوبر ۲۰۱۰ع تي، ليبر هال، لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيل، نالي واري شاعر زخمي چانڊيي جي ”ڏهين سالياني ياد“ جي موقعي تي پڙهيل مقالو)


زخمي چانڊيو
سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جي شہ رڳ
سڪندر عباسي
ڪنهن شاعر جون سِٽون آهن ته:
الا ايئن مَ هوءِ، جو مري وڃان مري،
هُجان جيئن وري، جيئرو هن جهان ۾.
واقعي ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي موت ماري ناهي سگهندو، سندن ڪردار امر بڻجي ويندا آهن، هُنن جي آڏو موت جو مفهوم مٽجي ويندو آهي.
اسان جو دوست زخمي چانڊيو به انهن املهه ماڻڪ ماڻهن منجهان ئي هو جن جو نالو ذهن تي تري اچڻ سان ئي سندس اڏولتا ۽ اٽل اصول ساروڻين جي سمنڊ ۾ ترڻ لڳندا آهن. زخمي چانڊيو جي شاعريءَ کي الف کان ي تائين پڙهي ڏسجي ته انهن جذبن ۾ جتي جبلن جهڙي سختي ۽ پنهنجي مقصد تان انچ به نه سُرڻ جي صلاحيت ۽ سگهه ملندي ته اتي پشم کان وڌيڪ نازڪ ۽ نفيس ڪونئرا احساس به اکيون مهٽي اٿندي نظر ايندا.
زخمي چانڊيو رڻ ۾ ٽڙيل رابيل مثل هُيو، جيڪو جنهن محفل، جنهن ميڙ، جنهن ڪچهريءَ ۾ ڪَهي ويندو هو ته ماحول کي مهڪائي ڇڏيندو هو، سندس خيالن ۾ ڌرتيءَ جو درد ليئاس پائيندي نظر ايندو هو، سندس شعرن ۾ شبنم جهڙي شگفتگي هوندي هُئي، اها شبنم جيڪا باک ڦٽيءَ جو گلن جي ڪومل پتين تي رقص ڪندي آهي، سندس شاعري وهندڙ پاڻيءَ جو اهڃاڻ آهي، اهو وهندڙ پاڻي جيڪو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيند و آهي، جنهن آڏو ڪوبه بند جٽاءُ ناهي  ڪري سگهندو.
پيارُ اسان پنهنجايو آهي.
باقي سڀ اجايو آهي.
جنت جهڙو ديس اسانجو،
سڀني جو سرمايو آهي.
زخمي چانڊيو اهڙو سرجڻهار هو، جيڪو ڪنهن به ڪردار جي اکين رستي هُن جي روح ۾ لهي وڃي ۽ اهو اظهار انهيءَ ڪردار جي وس ۾ نه هوندو آهي.
ادب جيڪو اندر جي سائنس آهي، جيڪڏهن ادب نه هُجي ته اسان کي پتو ڪيئن پوي ته ڪو تبسم مجلسي به ٿيندو آهي ۽ چمڪندڙ چهرن جي پويان بي انتها اونداهيون به هونديون آهن. زخمي چانڊيو سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي شهه رڳ مثل هو، سندس شاعريءَ ۾ جتي بغاوت جو بارود سمايل آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي پهاڙن جهڙي پختگي آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي محبوب جهڙيون ادائون به آهن، اتي سندس شاعريءَ ۾ محبت جا ماڪ ڦڙا به آهن ته پيار جا پوپٽ مي رقصم به آهن، جن جو صوفي رقص رُٺل روح کي ريجهائي وٺندو آهي.
شل ڪوئي سمجهي سگهي،
هـڪـڙو ئـي الله،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.
اڄ جيتوڻيڪ زخمي چانڊيو جسماني طور تي هن دنيا، هن ماحول ۾ موجود ناهي پر سندس سداحيات خيال اڄ به ڪڪرن جيان ادب جي آسمان تي وکريل آهن.
جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.



زخمي چانڊيو
گفتار ۽ ڪردار ۾ هڪجهڙائي رکندڙ شاعر
ادل سومرو
زخمي چانڊيو، نئين ٽهيءَ جو مزاحمتي سرواڻ شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد، پيڙهيل انسانن جي آهُن ۽ اهنجن جو بيان سمايل آهي. هُن جي تخليقن ۾ وطن پرستيءَ کان وٺي، امن، پيار، انسان دوستي ۽ عالمگير ڀائيچاري جا ويچار سمايل آهن. هُو نه صرف وطن دوست مزاحمتي شاعر هو، پر عملي زندگيءَ ۾ به ارڏو، بهادر ۽ بي باڪ انسان هو.
مصلحت پسنديءَ کان ڏُور، مُنهن تي سچ چوڻ واري هُن جي کري انسان هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو ۽ انياءَ سان اٽڪاءُ ڪيو. هُن ڪٿي به آڻ نه مڃي ۽ ڪنهن اڳيان جهُڪڻکان ڪسڻ کي ترجيح ڏني. سنگت جي حوالي سان هُن جي مونسان ويجهڙائپ رهي، هُو ادبي سنگت جو هڪ جاکوڙي ۽ سچو ڪارڪن هو، جڏهن به کيس ڪا ذميواري سونپي وئي ته هُن ان کي بهتر نموني نڀاهيو. هُن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، گفتار ۽ ڪردار ۾ هڪ جهڙائي رکندڙ زخمي چانڊئي جهڙي شاعر کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.


زخمي چانڊيو
سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر
ايازگل
سڀني وصفين سُهڻو، ارڏو، بي ڊپو، حشمت ڀريو ۽ هڪ سچو انسان زخمي چانڊيو جوانيءَ ۾ ئي موڪلائي هليو ويو! ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا، سالن تائين دل ۽ ذهن قبول ناهن ڪندا، زخمي چانڊئي جي وڇوڙي وارو واقعو به صفا اهڙو ئي آهي. ڪيترائي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن، پر عمل جي وقت ڳوليا ناهن لڀندا. زخمي چانڊيو انهن مان هڪ هُيو، هر هنڌ، هر مهل تي هَڪيو تڪيو حاضر! هُن سنڌي جي ان چَوڻِيءَ کي سدائين غلط ثابت ڪيو هُيو:
”نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀَئو“
زخمي چانڊيو، پنهنجي شاعري ۾ به سدائين هڪ سنڌ دوست ۽ انسان دوست شاعر رهيو. پنهنجن اندروني ڪيفيتن جو اظهار به هُن عام ماڻهن جي احساسن، اهنجن ۽ آسُن کان ڪٽجي، ڌار ٿي ناهي ڪيو، هُو عام ماڻهن جو شاعر هُيو، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ڌرتي۽ جو شاعر، جنهن کي نه ڪڏهن دوست وساري سگهندا ۽ نه سنڌي قومي ۽ عوامي شاعريءَ جي تاريخ ئي وساري سگهندي.


زخمي چانڊيو
آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو
علي نواز آريسر
هن ديش ڀڳت پهرين مئي ۱۹۶۱ع تي ضلع شڪارپور جي ڊکڻ شهر ۾ جنم ورتو. مائٽن ته نالو ڄام خان رکيو، پر پاڻ زخمي سڏائڻ لڳو. زخمي پنهنجي نالي پٺيان ڪو به لقب لڳائي سستي شهرت ماڻڻ نه چاهي. هن سنڌي، ديشي وغيره جي بدران زخمي سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ هو جلد ئي ٿورڙي وقت ۾ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي ۾ زخمي جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳو. زخمي چانڊيو سنڌ جي آزاديءَ جو اهو سپاهي هو، جنهن وٽ آزاديءَ کان مٿانهون ڪو به مقصد نه هو. سندس تحرير، توڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل نظر ايندو، هن هر مورچي تي مزاحمت ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، يا سن جو اسٽيج هجي. سن جي سرڪيءَ مان پاڻي پيئندڙ هي نوجوان جيئن جيئن سنڌي ماڻهن ۽ سن جي ڪراڙي شينهن کي ويجهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. رياست جا دلال سندس پٺيان پاڻ هميشه اڳيان ڪٿي ڪنهن مشاعري ۾ مقالو پڙهي نڪتو هوندو ته ڪٿي ڪنهن جشن لطيف، جشن جي. ايم. سيد جهڙن سيمينارن جي صدارت ڪري نڪتو هوندو ۽ جڏهن رياست جا دلال ڳولهي ڳولهي ان هنڌ پهچن ٿا ته سندس گونجندڙ تقرير جا پڙاڏا، سندس شعرن جي انقلابي خوشبوءَ انهن جو سواڳت ڪري ٿي ۽ انهن جو اندر ڪاراٽجي وڃي ٿو، وڌيڪ باهه جي ڄڀين وانگر ڀڀڙ ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت هي پنهنجي منزل طرف تيز رفتاريءَ سان وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس مضبوط ڪلهن تي بار تمام وڏو رکيو ويو هو ۽ وقت تمام ٿورو مليل هو، ان ٿوري وقت ۾ زخمي تمام گهڻو ڪم ڪيو، سندس ڪم جو جي ڪاٿو ڪجي ته اپر سنڌ جي چانڊين جي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿيار پنهنجن کي مارڻ جي بدران ڌرتيءَ دشمن لاءِ استعمال ٿين، ڇو ته زخمي چانڊيو به ان ئي علائقي مان جنم وٺي نڪتو هو، جتي نسلن جا نسل برادريءَ تڪرار ۾ هڪٻئي کي ماريندي ختم ٿي چڪا آهن، پر هي سيد جو ڏنگو ٻار پرو چانڊيي واري واٽ وٺڻ بجاءِ دولهه دريا خان، راجا ڏاهر واري واٽ وٺي ٿو ۽ پنهنجي ذات کي قوم جي مٿان قربان ڪرڻ چاهي ٿو، آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو اهڙي ماحول مان جنم وٺي نڪري ۽ ان ئي سماجي روايتن جي خلاف بغاوت ڪري.
زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جي جهروڪي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته پاڻ نه صرف آزاديءَ جو گوريلو هو، پر پاڻ نهايت ئي ذهين، محنتي ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. زخمي چانڊيي ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپجي قوم جي مستقبل ٻارڙن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جي تعليم ڏيڻ لڳو، هن اسڪول ۾ پاڪستان جي قومي تراني بدران آزاد سنڌو ديش جو ترانو پڙهائڻ شروع ڪيو، هي مختلف ڳوٺن جي مختلف اسڪولن ۾ مختلف عهدن تي رهيو، پرائمري استاد، آر پي هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سپروائيزر طور پنهنجون ذميواريون نهايت احسن نموني نڀايون ۽ گڏوگڏ ادبي ميدان ۾ به ڪاهي پيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، هڪ ڀيرو رابطا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو ڪائونسلر رهيو. پاڻ سڄي زندگي جيئي سنڌ محاذ ۽ پوءِ قومي محاذ تائين ميمبر رهيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو بنياد وجهندڙن مان هو، استادن جي تنظيم گسٽا جو عهديدار ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو. زخمي چانڊيي ۱۹۸۴ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، نامور شاعرن نثار بزمي ۽ سرڪش سنڌيءَ کان اصلاح ڪرائي شاعرن جي اعليٰ صف ۾ شامل ٿيو، جهڙي ريت سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ قوم جو درد سمايل آهي، اهڙيءَ ريت سندس نثر ۾ به فني ڪماليت جا جوهر پسجن ٿا. زخمي چانڊيي ڪيترا ئي ڀيرا جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجون خوبصورت راتيون گذاريون آهن، اتي به سندس جذبو جوان رهيو. آواز ۾ شينهن واري گجگوڙ برقرار رهي، سندس عشق ۽ ايمان ٻئي سلامت رهيا. هي جڏهن به جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪتو ٿي ته اڳي کان اڳرو، اڃا به سندس تقرير ۾ ڏهڪاءُ اڃا به سندس قلم جي جنبش ماٺي ٿيڻ بدران باهه جا الا وڌيڪ ڀڙڪڻ لڳا. زخمي چانڊيو سنڌ جو سچو پانڌيئڙو ۽ سن جي سائين جو عقيدتمند هو. زخمي چانڊيو سنڌ جو سپوت شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ للڪار آهي، ڪٿي به آڻ نه ٿو مڃي. سندس گيت جي هن بند ۾ سندس تخيل جي اڏام کي محسوس ڪري سگهجي ٿو:
تون چاهين ٿو مان ڪين ڪڇان، تون ظلم ڪرين مان ڪين لڇان
پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان، مان ڪين لڪايان دل جي بڇان
هن سر ۾ جيسين ساهه اٿم، آزاديءَ تي ويساهه اٿم،
هڪ سن جو سيد وارث آ، ٻيو وارث ڀٽ جو شاهه اٿم،
ٿو جيئان زخمي شينهن جيان، ها جيسين سنڌ تي ساهه ڏيان.
زخمي چانڊيي پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو، سندس وڏو پٽ ريڊيو تي پروڊيوسر آهي ۽ ننڍو پٽ ساجد ادبي لڏي سان سلهاڙيل آهي، هيءُ پڻ مزاحمتي شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ قومي ورد ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. زخمي جنهن سڄي زندگي برادريءَ جي تڪرار خلاف آواز اٿاريو، برادريءَ جي جهيڙن جي خلاف جنگ وڙهڻ وارو هي انسان انهن ئي جهيڙن جي ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجي ويو، ان کان وڌيڪ هن قوم جي بدنصيبي ڪهڙي چئبي. زخمي چانڊيو ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۰۰ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي وڃي پنهنجي محبوب رهبر سان مليو.



زخمي چانڊيو

لال لهوءَ سان ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ، ڌرتيءَ جو ديومالائي ڪردار

ثناءُالله عتيق

پنھنجي لال لھوءَ سان ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ زخمي چانڊيو جي سترهين سارُ هڪ ديش ڀڳت، قوم جي معمار ۽ خوبصورت شاعر جي روپ ۾ پوري سنڌ ۽ جتي جتي سنڌي ٻولي زندهه جاويد آهي اتي فونيڪس پکي جي ٻيهار جنم وٺي اچڻ اوري رومان جيان اڄ رقص درويشان ۽ روح کي راحت ڏيندڙ يادگيرين جا حوالا کڻي پهتي آهي. سالن پڃاڻان به زخمي چانڊيي جي لفظن جي پنهنجائپ پاڻ سُڏڪندي پنهنجو دلربا اظهار ورجائيندي پنڊپهڻ بڻجي ويل سماج ڏانهن نماڻين نگاهن سان نهاريندي بي مروت زماني کي ڃڻ ته اڄ به للڪاري رهي آهي ته :

رُوح گهري ٿو رس،

مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!

ڪهڙا ڏوراپا ڏيان،

يار! هجيئي جَس،

مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!

اسان وٽ معصوميت ۽ نفاست هر دور ۾ عتاب ڀوڳيا آهن. پريت جي ناتي رشتي کي سدائين سنگهرن سان قابو ڪيو ويو آهي. برابريءَ جي بنياد تي سماج جي اڏاوت ڪندڙ فڪري ۽ فني ڪردارن کي  زخمي بڻائي سندن دردن مٿان ٺٺولون ٿينديون رهيون آهن. اهڙين جهنم وند نفرتن جي سيني ۾ حيات گهاريندي ۽ بيرخين جا هزارين اُلڪا ساهه سان سانڍيندي هنڊائيندي سندس محبتن جي پالنا کائنس لکرايو هيو ته:

آ ٿيڻ تي پُوري منهنجي زندگي،

پوءِ به تنهنجي ايڏي مونسان بيرُخي!

يا وري سندس منفرد احساساتي جذبن سان لبريز سندس اڪيرتا جو جادو جيءُ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري ته:

هيلَ ته اچجانءِ، هيلَ ته اچجانءِ،

درد وندن جي سار ته لهجانءِ!

سندس هڪ وزندار راءِ هئي ته جڳ اندر تباهي جو سامان بم بارود ۽ نفرتن جا طوفان بقاءَ انسان خلاف زهر قاتل بڻجي کيس فنا جي ڦوڪ ڏيندا اهيوئي سبب آهي ته پاڻ چيو هئائون ته:

ڪيڏو هي انسان،

خطري ۾ پئجي ويو!

خدا پاڪ جي تخليق جو حوالو ڏيندي سندس راءِ اهيا رهندي آئي ته انسانيت الله جو آرڊر آهي. رب رحيم آهي ان پالڻهار کي چرند پرند ۽ پنهنجي سموري مخلوق ايتري ئي عزيز آهي جيترو ڪي امڙ کي پنهنجا ٻچڙا. زخمي جا خيال ڪيڏا نه لافاني آهن ته:

شل ڪوئي سمجهي سگهي،

هڪڙو ئي الله ،

ماڻهوءَ منجهه رهي پيو!

فرقيواريت ۽ دين جي نانءُ تي دهشتگردي خلاف سندس سوچ بروقت برجستي انداز سان ڌاڍي وقتائتي رهي ته:

کيڙي کائينداسُون پيا، پنهنجي هيءُ زمين،

تو واري ان دين، ويڙها وڙهائي ڇڏيا!

_

فرقيواريت باهه ۾، ٽچڪي ٿو انسان،

ڪاڏي دين ايمان، ڪاڏي ماڻهوءَ ماڻهپو.

زخمي جي سترهين ورسي تي سندس لائق فرزندن ۽ سچيت ڪُٽنب سندس ٻارن جي شاعري جو مجموعو پڻ چپرائي پڌرو ڪيو آهي ان يادگار محبت جي مڃتا ۾ آءُ ايترو چوندس ته زخمي هڪ تحريڪ هيو جنهن سنڌ اندر پنهنجي پوري سچائي سان ظلم خلاف جهيڙيندو رهيو. جڏهن نوي جي ڏهاڪي ۾ معصوم راجيش کي اغوا ڪري ڀنگ  نه ملڻ عيوض بيدردي سان شهيد ڪيو ويو هيو ۽ سڄي سنڌ جي زندهه وجود ۾ سيسراٽيون پئجي ويون هيون، ڪاوش ۾ اهيا خبر سنڌ جي جهرجهنگ ۾ باهه جي شعلن جيان پکڙي قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي وئي هئي ان وقت زخمي جي للڪار به ٻڌجڻ ۾ آئي هئي ته:

گهوگهِيو ويو “راجيش” هو،

ٻاتي ٻولي ۾،

ڪُونڌر سنڌي قوم جو!

سندس نفيس نظر دور جي راڪاسن تي پئي ته قوم کي سهڻي صلاح ڏنائين ته يارو مُڙي مُٺ ٿيو. ٻڌي جهڙي عظيم سياسي جوهر کان وانجهيل پنهنجن ماروئڙن کي اهيو ٿي چيائين ته :

ٻاهر ٻاڦ نه ڪا سليوُ،

تاڙي ٿو جاسوس،

مِڙي سڀ مُٺ ٿيو!

جمالياتي ڊڪشن ۽ جمالياتي اظهار جي هئيت سان مالامال زخمي چانڊيو جي سٽن ۾ ڪيترا ئي منفرد احساس سموهجي گلدان بڻجي ٿا وڃن. خاص طور تي سندس رومانس جي چيچ ۾ پيل هٿ، ڀاڳوند شاعري جو سبب بڻجي هيئن ٿو نظر اچي ته:

ڇُوڙيليءَجي چاهه مان،

ٻانهن مروڙي ٿو،

ڪجهه ته جوڙي ٿو!

_

هڏڪيءَ تي جي نانءُ اڃاريم.

لوڪ جلي ويندو!

_

ڳل نازڪ تي چَڪُ گولُ ٺهيل،

نيشان جي قيمت سمجهي ڇڏ!

_

واءُ جي جهوٽي ۾ ايڏا زلف برهم ڪيئن ٿيا،

حسن وارن جي ۽ تن جي برهميءَ جي ڳالهه ڪر!

سندس سائنسي سوچ هڪ بهترين استاد طور قوم جي مڪتب ۾ ذهنن کي تيار ڪندي کين جديد علمن جو اڀياس پڻ ڪرايو ٿي. گلوبل وارمنگ جي بچڙي لقاءُ خلاف سندس لفظ هانءُ سان هنڊائڻ جهڙا آهن:

جاڏي ڏسُ آلودگي،

سُندر فطرت جو،

هيءُ جنازو ٿو وڃي!

سائنسي زماني ۾ جمهوريت کان ڪوهين ڏور بيٺل اسانجو ڏيهه آمريتن جي ڊگهن عذابن کي به ڀوڳيندو رهيو آهي. اهڙي حوالي سان هڪ طرف زخمي چانڊيو آمريتن خلاف مهاڏو پڻ اٽڪايو، جيل ياترائون ڪيائين، جلسن جلوسن ۾ ڌرتيءَ جو قرض لاهيندو رهيو ته وري ٻي پاسي سائنسي عهد ۾ سماجي ڪرڀ خلاف سندس لفظن جي سونهن کائنس لکرائيندي رهي ته:

فوجيءَ جي هڪ ٿڦ سان،

ڪنن ۾ زوڪٽ،

سائنس جي هن دور ۾!

_

ڪمپيوٽر جي دور ۾،

ريتن رسمن جا،

پٿر نه هڻ جاني!

الائجي اهي ڪهڙا فرد هيا جن سقراط کي زهر جا پيالا پياريا، مسيح کي مصلوب ڪيائون، سرمد کي سزائون ڏنائون، برونو کي ساڙيائون، جون آف آرڪ کي اذيتون ڏنائون، بلاول کي گهاڻي ۾ ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪيائون ان حوالي سان زخمي جو ادراڪ چوي ٿو:

ڪنهن مهَا انسان تي،

ڪوئي ڪوڙ هڻڻ،

مونکان ڪو نه پُڃي سگهي!

سندس با اصول جيون ۾  قرب جا ڪڻا سندس انمول سرمايو هيا جنهن جو اظهار سندس هنن لفظن ۾ گهرائيءَ سان پسي سگهجي ٿو ته:

تنهنجا قرب ڪروڙين مونتي،

احسانن جي ڳالهه نه ڪر!

اسان جي سٻاجهي سنڌ کي جيترو نقصان نالي ۾ نهال پڙهيل فردن ڏنو آهي ان جو مثال شايد ئي تاريخ ۾ ملي. شايد ننڍي کنڊ جي وڏي محرومي جو شڪار ئي سنڌي سماج ٿيو جنهن ۾ پڙهيل پُرجهيل ڪيترا ئي سمجهه ڀريا شخص ڪڻو ڪڻو ٿي، سنڌيت جي تسبيح کان ڇڃي الڳ بيهي قوم سان ڪلور ڪرڻ لڳا. انياءُ اهيو به ٿيو ته محروم طبقن کان اُسري نسري طاقت جي ايوانن ۾ پهتل ڪامورا به پنهنجي پاڇي کان ئي ڊڄي ڊپي سچ جي معاملن تي مِپ هڻي ويهي رهيا. ڪٿي ته اصل ايڏي ڀينگ ٿي جو ڪامورڪو لڏو مونجهارن جو شڪار ٿيندي قوم جي ڀلي لئه ڀاڳ بجاءِ اڀاڳ جو صاحب بڻيو. ان قهري روش بابت زخمي چيو ٿي ته:

جاهل تي الزام ڏيئون ڇا،

پڙهيل ڳڙهيل ڀي جاهل ٿي پيو!

حادثن ۽ لقائن ۾ سمايل فلاسافيءِ سان ٽمٽار سندس هڪ خوبصورت غزل آهي، جنهن جي سٽاءُ ۾ بيحد وسيع تجربن تي آڌاريل سندس انداز بيان ڏاڍو نرالو ۽ پرشوخ پيو نظر اچي. زخمي چانڊيو دشمنيءَ جي هارٽ ۾ پيدا ٿيندڙ نيچرل مجبورين جون اکيون کوليندي ۽ مُرده سماج جي رسمن جي انت جو جائزو وٺندي ڪيڏو نه ڪمال جو تجزيو ڪيو آهي :

ٻيڙي ٻُڏندي مائل ٿي پيو،

پوءِ ڀي دشمن ساحل ٿي پيو.

جنهن کي نفرت ڪلهه هئي مونکان،

سوئي منهنجو قائل ٿي پيو.

اهڙين ڪَڙين ڪيفيتن جي نشاندهي ڪندي سندس شعور تجربن جي قديمي گهٽين کان ٿيندو  جديد زماني جي پڌر تي پهتو جتي تاريخ پنهنجي رمز سان اکٻوٽ ڪندي دشمنيءَ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏيندي آهي. زخمي جي شعور پروڙي ورتو هيو  ته اڄ جو ظالم جڏهن پنهنجي حصي جو انتقام منجهان گذرندو ته ضورو تڙپندو. سندس هڪ من موهيندڙ احساسن جو منڊل سمان آخر اهيو لقاءُ به پسي ٿو ته :

جنهن کي نفرت ڪلهه هئي مونکان،

سوئي منهنجو قائل ٿي پيو!

ايامن کان چڱائيءَ جا هٿ سڙندا رهيا آهن، صدين کان وڇونءَ جي فطرت تبديل ناهي ٿي ۽ ٽانڊو هر موسي جي ٻالڪ پڻي جو جواز بڻائي سندس زبان کي ٻرندڙ آڱرن سان ساڙيندو رهيو آهي. زخمي سان به پنهنجي سماج اهو ئي ورتاءُ ڪيو جيڪو تاريخ جي روايت موجب ارڏن، اڻٻنگ ۽ بهادر انسانن سان هردور  ۾ مروج رويو رهيو آهي. آخرڪار زخمي کي هڪ نابين گولي سان قتل ڪيو ويو. هڪ اهڙي شهادت جنهن جو ذڪر زخمي جيئري هوندي ئي پنهنجن لفظن سان اڳ ۾ ئي بيان ڪري چڪو هيو ته 

جنهن کي جيون ارپيو هو مُون،

سوئي منهنجو قاتل ٿي پيو!

سندس ذاتي رومانس دور جي دل دهلائيندڙ هٿ ناٽ خلاف سراپا احتجاج ٿي اڀريو. برجسستو، قدآور ۽ دلير زخمي چانڊيو سنڌ جي تاريخ جو تاثر بڻجي پڙاڏن جيان گونجدنو رهيو ته ـ گهوڙا ڙي گهوڙا”:

پيار امن جي ڌرتيءَ تي آ،

مارن ۾ ڦڙڦوٽ،

گهوڙا ڙي گهوڙا!

سياست ۾ ووٽ جي اهميت کي مسلم حقيقت مڃيندي سندس جمهوري ذهن سندس هڪ سياسي تدبير جيان قوم جو ڪيس وڙهندي ٿاڦيل نمائندن خلاف الاعلان ٿو ڇوي ته:

اڄ ٿو ڏند ڏيکاري ڏائنڻ،

ڪالهه وتا جنهن ووٽ، گهوڙا ڙي گهوڙا!

_

پاپي آهن پير ڪڍي ويا،

ڪالهه وتا جنهن ووٽ!

وجوديت جي فلسفي جي ڇانورن هيٺ بسر ٿيندڙ زندگي ۽ پوسٽ ماڊرن ازم واري رُڃ ۾ اڃاري اُٺ جهڙي شاعري واري دور ۾ زخمي تڙپيو، لُڇيو، ۽ للڪار ڪيائين پنهنجن قطارن ۾ بيٺل گونگن کي ۽ وڏي واڪ للڪاريندي نابين سماج کي شعور جون ريکائون ارپيندو ٿي ويو. هوءَ هڪ ديش ڀڳت سپاهي هيو جنهن جي پُٺيءَ تي پوري اروڙ جي مسمار ٿيل تاريخ جون ڀڳل ديوارون ڪريون هيون پر سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي زخمي ٿيل شهيدن جي رت سان نئون سماج اڏيندڙ زخمي جاگيردار معاشري جي وڏين ديوارن کي ڪيرائڻ جو وچن ورجائيندو رهيو. پنهنجي چوگرد بپا محشر کي ڏسي هر ڏاڍ خلاف سندس مزاحمت واري للڪار نئين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ جدوجهد هڪ اڻکٽ جذبي جو استعارو بڻجي وئي جيڪو جيئن جو تيئن ايڪويهين صديءَ جي عذابن سان جهيڙيندي ور ور پڙاڏا ٿي گونجي پئي ته:

او پير وڏيرا ڪنڌُ ڀَڄئي پو جاڳين من!

هٿڙن ۾ ڪو نيلُ لڳئي پو جاڳين من!

_

تنهنجي سوچ لڳي ٿي اهڙي،

ارغونن ترخانن جهڙي!

ساڳي ئي طرح سندس منصوري مام پروڙي ورتو هيو ته مذهب، رنگ نسل ۽ طبقاتي شڪنجي جي آڙ ۾ مفادپرست ڌريون اڃا ن به ٽڪراءُ جي سياست ڪنديون، اڃان به دهشتگردي جون نرسريون هلنديون رهنديون ۽ اڃان به مذهب جي نانءُ ۾ نفرتن جا بازار بپا ٿيندا رهندا، انسانيت جون عظمتون تارو تار ٿينديون رهنديون ۽ بغير ڪنهن فرق جي سرعام انسانيت جو قتلام ٿيندو رهندو. تنهنڪري پاڻ انسانيت جي پرچارڪ ڪندي چيائين ته:

انسان جي عظمت جا قاتل!

انسان جي قيمت سمجهي ڇڏ!

دل زخمي آ ته به گهور ڪبي،

دل جان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

زخمي مجموعي طور تي انسانيت جو پيامبر ڪوي هيو جنهن جي نظر جڏهن جبر جي سنگاسن تي پئي ته سندس زبان تي مضبوط سچ عوام جو ڏڍ بڻجي ٿي ويو. هر طرز جي سنگهرن کي للڪاريندي زنجيرن جي وجود تي وڄ ٿي ڪرندڙ زخمي جي شاعري پاڻي جي نلڪن ۽ گلاسن کي قيد ڏسي قيد ڪڙولن جي آقائن کي آئينا ڏيکاريا هئا. پاڻ جهالت خلاف اٿي بيٺو ته سندس ديومالائي ڪردار پوري سنڌ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي چڪو هيو ته هڪ سچيت استاد، هڪ قومي شاعر، سنڌ جي ثقافت جو زندهه نمونو ۽ پنهنجي دکياري دل سان قومي ڪلام آلاپيندي ڪيترن ئي ننڊاکن وجودن ۾ پرهه ڦُٽي پرڀات جا روشن ڪرڻا ارپيندڙ انسان زخمي چانڊيو مظلومن کي زندگي جي شعور سان ملاقاتون ڪرائيندو هيو:

دشمنن جي دُشمني پوءِ ڀي چـڱي

دوستن جي دوستي مُون کان نه پُڇ!

_

ڪا سار ته لهبي آ،

رُڳو هام نه هڻبي آ!

_

تنهنجي دل تان لهي وياسين،

دردن سان ٺهي وياسين!

لطيف سنڌ شناسيءَ جو محور آهي ۽ سنڌ جي مظلوم عوام جا دک ڏسي ۽ پنهنجن صفن ۾ بيٺل غدارن جون مير جعفرن جون ويساهه گهاتيون ڏسي زخمي چانڊيو ڀٽائيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو هيو ته:

حال مارن جا ڏسي ٿيا نيڻ هِن آلا لطيف،

ڇو ته پنهنجا ٿا وجهي ڀاڪر، هڻن ڀالا لطيف!

پنهنجي درد جي جڏهن دوا پنهنجن دل گهرين سڄڻن کان به نه ملي سگهي، جڏهن پرين پيارا به ڪنهن انسان جي امر ڪيفيتن جي تعبير کان ڇرڪي محبت جا انڪاري بڻجي وڃن ته پوءِ زخمي جا لفظ ڪيترو نه ٺهڪندڙ آهن ته:

اکڙين جي آلاڻ نه سمجهيئه،

چهري جي پيلاڻ نه سمجهيئه.

زخمي خالي در تان موٽيو،

ڇو ۽ ڇاجي ڪاڻ نه سمجهيئه!

سماجي ۽ شعوري مڪملتا جي تلاش ۾ نڪتل زخمي چانڊيو پنهنجي ديس سان نينهن نڀائيندي، وطن جي سرفروشن کي همٿائيندي، جبر کي للڪاريندي، جهالت سان جهيڙيندي انا جي سمورن هٿڪنڊن سان واهه جو مهاڏو اٽڪايو. هڪ زندهه دل شاعر بڻجي زخمي پنهنجي لافاني رمز سان روح جي پلئو ۾ محبتون سانڍيون ۽ هنڊائيون. سندس لفظ سماج جي هر انياءُ خلاف تيز تکي تلوار ثابت ٿيا، ڪارو ڪاري، ويساهه گهاتي، منافقت ۽ سازشي ٽولن کي وائکو ڪندي زخمي هر پل محبتن، مسڪراهٽن ۽ روشن آئيندي جا ديپ ٻاريندو رهيو. سندس شعور جي لاٽ سان روشن ڪيل هزارن ڏيئن سان گڏ جڏهن آخري ڏيئو سندس پنهنجي ريٽي رت سان ٻريو ته سرد سماج جا گونگا ڳوڙها به گرم لُڙڪ ٿي ڪُوسي ڌرتيءَ جي ڪُک تي ڪريا هيا.

ڏاڍو ساريندين، منهنجي مُئي کانپوءِ تون،

جيئري قدر ڪو نه ڪيئه،

ڳُوڙها ڳاڙيندين، منهنجي مُئي کانپوءِ تون...!!!

 

نوٽ: زخمي چانڊيو جي سترهين سار جي حوالي سان ۲۸ آڪٽومبر ۲۰۱۷ع تي لکيل ليک.


زخمي چانڊيو

جيجل سنڌ جي ڏهيسر ڏات ڌڻي کي ڀيٽا

ثناءُالله عتيق چنجڻي   -

ڪنٽمپرري سنڌي شاعري جي اهم شاعره رخسانه پريت چنڙ پنهنجي دور جي سماجي ڪرڀ ۽ مروج جبر بابت اظهاريو آهي ته “آه وڃي ڪا اُڀ سان ٽَڪري، زخمي چنڊ ستارا ٿي پيا”، ايئن ئي ڌرتيءَ ڌڻين جون دانهون ۽ ڪوڪون سڏ پڙاڏا بڻجي جن سجاڳ ذهنن ۾ گونجندو رهيون ته انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مثالي انسانن منجهان ڄام خان چانڊيو به پنهنجو مٽ پاڻ هيو. هڪ کرو ماڻهوءَ، هڪ متحرڪ سماجي ڪردار، هڪ ارپيل قومي ڪارڪن، هڪ سماج سڌارڪ، هڪ نامور اُستاد ۽ ديس جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ هڪ سگهاري شاعر طور سندس مٽيءَ سندي مامري لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن جي سفر تي ڇانيل حياتيءَ ۾ غيرمعمولي ڪارناما سرنجام ڏنا، اهيو ڪرشمو سندس حيات جو وڏو ماخذ آهي، سندس ان بي لوث انفرادي تحريڪ کان اکيون پورڻ ناانصافي هوندو ته ڄام خان چانڊيو چوٽيءَ جي جاگيرداري سماج ۾ هڪ للڪار ٿي گونجيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ڪيفيتن مان گذرندڙ وارتائن کي هميشه لاءِ امر بڻائيندي شاعري ۾ پنهنجو نانءُ زخمي چانڊيو رکيائون پر قبيلائي انائن جي ڪينسر سنڌ جي هن سرموڙ فڪري ايڪٽوسٽ، برجستي قومي شاعر ۽ هڪ کلمک شخصيت کي شهادت جو جام نوش ڪرايو. زخسانه پريت جي لفظن ۾ واقعي به زخمي چانڊيو جي شهادت سڄي سنڌ کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو، سموري سنڌ جي سُڪل چپن تي اهيي آهون ۽ دانهون هيون جنهن ۾ ديس سان محبت ڪندڙ دلين جا چنڊ ۽ آجپي جي خوابن جا ستارا زخمي ٿي پيا هئا.

متان چئين ته” زخمي” هُيو نانوَ جو،

مان تلوار جي ڌار تي ٿو نچان!

جاگيرداري سماج جي مڙني براين سان ڀرپور مزاحمت ڪندڙ زخمي چانڊيو وڏي ڏيا وارو مڻيادار مڙس هيو. پنهجي قبيلي جي سورهيائپ کان ڌڍيڪ کيس پنهنجي قلم قبيلي تي وڏو ناز هوندو هيو. وڏيرڪن ٽڪساٺن جي ور چڙهي انسانيت کي آزاريندڙ منفي ڪردار پنهنجي انائن جي تسڪين لاءِ جيجل سنڌ کان هڪ متحرڪ ڪردار ڇني عوام مٿان قيامت ڪيرائي چڪا هيا. پر سندس تڏي تي پهتل دوست ته دنگ رهجي ويا علم ۽ عمل جي ميدان تي زخمي جي سورهيائپ جي چوطرف ناماچاري هئي ۽ ورهن پڃاڻان سندس قبيلائي مخالف به زخمي جي شخصيت لاءِ ابول ابول ڪندا روئندا رڙندا رهيا ۽ زخمي جا لفظ سچ ثابت ٿيا ته:

جيئري قدر ڪونه ڪيئي،

ڳوڙها ڳاڙيندين ،منهنجي مُئي کان پوءِ تون!

زخمي چانڊيو جي شاعراڻي ائپروچ اهم سماجي تاڃي پيٽو آهي، جنهن اندر ثقافتي ورثي، پوليٽڪل جينر، قومي تشخص، سامجي ڪردار توڻي انسانيت جو اونو ور ور ڪنهن جيئري جاڳندي وجود جيان نظر ٿو اچي. اهوئي سبب آهي جو سياست جي شطرنج تي براجمان نالي ماتر مذهبي پنڊتن پاران هٿ ٺوڪي مذهبي اجاره داري خلاف توڙي اڍنگي انساني نفسيات بابت زخمي جي للڪار هئي ته:

فرقيواريت جي باهه ۾، ٽچڪي ٿو انسان،

ڪاڏي دين ايمان، ڪاڏي ماڻهوءَ ماڻهپو!

سندس شاعري جي ڪتاب” ڏاڍو ساريندين” جي ٽائٽل تي مون جڏهن زخمي صاحب جي گلاب جي گل واري تصوير ڏٺي، اهيا تصوير هڪ شاعر جي جيون واري جمالياتي دري کولي ٿي ته زخمي چانڊيو جمالياتي طور ڪيڏو نه سهڻو سريلو ۽ سدابهار انسان هيو جنهن جي وضعدار شخصيت ۾ رعب تاب سان گڏوگڏ مڻيا ۽ محبتن جا زمانا طواف ڪندا هيا. مون کي سڄي سنڌ ۾ زخمي چانڊيو جا دوست، خير خواه سڄڻ، مداح، چاهيندڙ، شاگرد ۽ کيس ڀُنل اکين سان ياد ڪندڙ شخص ملندا رهيا آهن، جنهن سگهاري سنڌي شاعر ۽ استاد کي اسڪول ويندي بيدردي سان گولين جو کاڄ بڻايو ويو ان مٽيءَ جي ماڻهوءَ جو سالن پڃاڻان به ڪو دشمن نه مليو آهي. اهيو جاگيرداري ۽ قبيلائي جهالت جو اڍنگو ورتاءَ ۽ قهري وار هيو جنهن سنڌ کان هڪ کرو ۽ سچو ڪردار زخمي چانڊيو جسماني طور ڇني ڌار ڪيو. مگر سندس خدمتن، محبتن ۽ سچائين کي دل سان سانڍي ديس وڏي دلداري ڏني آهي، ماروئڙن ۽ عوام کيس سدائين جيءُ  ۾ جايون ڏنيون آهن.

هاڻ “زخمي” ڪيئه کسي يادون،

تون ڇا ڄاڻين ته ڇا نه ٿياسين!

ڀٽائي سرڪار چيو ته “محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو”، ايئن ئي اهيا لطيف جي لات زخمي چانڊيو جي ذات جو محور هئي ته مِڙي مٺ ٿجي، هر برائي خلاف، هر بڇڙائي خلاف، هر ظلم خلاف هڪ ئي طريقو آهي ته ٻڌي جو مظاهرو  ڪجي، انهيءَ سڏپڙاڏي کي محسوس ڪندي ڳائي وڃائي ٻڌائيندو رهيو ته:

مان نينهن نڀائڻ چاهيان ٿو، جي تنهنجو ساٿ هجي!

زخمي چانڊيو کي جدت جي رمزن سان وڏي شناسائي رهي، پنهنجن مٺڙن ماروئڙن سان اٿاهه پيا رهيس، واقعي به هو هڪ  اميجينيشن جو بادشاهه ڪوي هيو، جنهن جي تخيل ۾ مستقبل جا ڪرڻا جرڪندا نظر ٿا اچن. کيس پنهنجي ڌرتي سان ناسٽلجڪ لڳاءِ هيو، جنهن جي پروڙ سندس لفظن منجهان بکي ٿو ته ڪيئن نه پاڻ جيئري ئي پنهنجن پرينءَ پيارن کان الوداع ڪندو رهيو، سندس لفظن ۾ فطرتي سار جو روح سمايل آهي. سندس شاعري ۾ حوا کان وٺي مريم تائين زينب کان در بتول جي ثنا خواني آهي. سنڌي عورتن سان ٿيندڙ انياءُ خلاف ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو، انساني حقن جي لتاڙ خلاف سرگرم رهيو، سنڌ ۾ ٻاراني ادب جي اڻاٺ رهي آهي، زخمي وڏن اديبن کان گهرجائو رهيو ته ڪڏهن ڪڏهن اهي صاحب پنهنجي من جي وشال اڱڻ تي به وڃن ۽ ٻارڙن لاءِ نثر توڙي نظم ۾ ڀرپور لکن. زخمي پڙهيل ڳڙهيل هڪ وڏو علمي نانءَ به هيو، سندس مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري گهرائين جا اهڃاڻ ثابت ٿا ڪن ته ڪيئن نه پاڻ هر پيڙا منجهان پار نڪري پنهنجي ديس جي دردمندن جي دلداري ڪندو رهيو، سندس آزاد نظم “پکين جي پارليامينٽ” جو مثال ئي کڻجي ته پاڻ نئين صدي لاءِ نئين نسل کي همٿ ٻڌرائيندو نظر اچي ٿو.

ڳالهه ٻُڌي ڇڏ ظالم جابر!

زنده قومپرستي آهي.

سماجي برائين خلاف زخمي چانڊيو جي مزاحمت پنهنجو مثال پاڻ آهي. خاص ڪري پاڻ سفارش ڪلچر، رشوت خوري، ڊگرين جي ڀرمار، ڪاروڪاري، نياڻين جي تعليم تي بندش توڙي مهانگائي خلاف للڪاريندو رهيو. زخمي هڪ استاد کي اسڪول ۾ ٻآرڙن کي پڙهائيندي ڏسڻ ٿي چاهيو، سندس خواب هيو ته نياڻيون سـڱ چٽي ۾ نه وڃن، ڪاروڪاري جا ڪلور نه ٿي وڏيرو غريب کي ٿاڻي تي نه ٻڌرائي نه ئي ڪو طاقتور غرور ۾ اچي غريبن جا  گهر ڊهرائي:

روز هو مغرور ٿيندو ٿو وڃي،

قوم لاءِ ناسور ٿيندو ٿو وڃي.

پنهنجن جي غداري کيس اُوس نه وڻندي هيس، سندس من ۾ محبوبن جا گهاو هيس، کيس آخري گهاوَ پُٺيءَ ۾ لڳس ته قاتل هٿن تي دستانا چڙهيل هيا، ماڻهن جي ميڙ ۾ اهي منافق چهرا پنهنجي جرم تي ناز نه ڪري سگهيا هئا، سندس ڪٽنب مٿان وڄ ٿي ڪرندڙ حالتون دردن جو داستان آهن، ڪرب جي انهن ڪيفيتن منجهان سندس باصلاحيت پُٽ بهادر ٿي بيٺا، ڏاڍ، ڏمر، ڏهڪاءَ خلاف سينو تاڻيندين پنهنجي وس آهر جهالت خلاف روشني جا ڏيئا ٻاريائون ۽ ان جدوجهد ۾ سوڀارا ۽ سُرخرو به ٿيا آهن. اهيا فتح زخمي جي خوابن جي تڪميل آهي، سندس تربيت جو زنده اولڙو آهي، ته سندس روشن خيال گهراڻو سماج جي اجرن قدرن جو اهڃاڻ بڻيل آهي:

پُهڇي نه حرف ظرف تي ايڏو بلند رهه،

رَهُه دوستيءَ جي روح جو احسانمند رهه!

پوءِ ان ئي پيراڊڪس ۾ سماج اندر ڀڃ ڊاهه جو خاڪو ٺاهيندي ڌاڙيلن، داداگيرن، پيداگيرن، يرقان ورتل سياست دانن خلاف ڀرپور بغاوت جو اعلان ڪري ٿو. موقعي پرستي، رجعت پرستي ۽ ذاتي انائن اسان جي سماج سان وڏا ويل وهايا آهن، اهيي ننڌڙيون انائون اسان جي تعمير واري جذبي ۽ آجبي واري جدوجهد کي اڏوهي جيان کائي فنا ڪري رهيون آهن، تنهنڪري زخمي سماج جي اهم ڪردارن وڏيرن ۽ پيرن بابت احساس ريٽيندو رهيو ته:

پاپي آهن پير ڪڍي ويا،

مذهب جي ڏئي اوٽ،

گهوڙا ڙي گهوڙا!

يا

وڏيرن ۽ پيرن کي پرکي ڏٺوسين، ٻنهي داداگيرن کي پرکي ڏٺوسين

سندس شاعري ۾ پنهنجي ثقافتي وارثي، لولي ٻولي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ دهشتگردي خلاف ڌڪار به آهي. زخمي چانڊيو سنڌوءَ جي مٿان ڊئمن جي ناجائز اڏاوت خلاف وڏو آواز ٿي اڀريو هيو پاڻ هر هنڌ اهيو هوڪو ڏيندو رهيو ته

ڪارو ڊئم نه گهرجي...!!!

زخمي وڏو عالم ۽ اڪابر انسان هيو، جنهن استادن کي به تاريخ پڙهڻ جي صلاح ڏني هئي، ته يار قوم جا دشمن نه ٿيو پنهنجا فرض نڀايو. پنهنجي شاعري ۾ حسيني رنگ سجائيندڙ زخمي سچ ته ميدان عمل جو حُر هيو جنهن وٽ جبر سان ٺهراءُ ناممڪن هو. پنهنجي شاعري ذريعي ٻڌايائون ته ڪوفي هڪ سوچ آهي، موقعي پرستي هڪ ڪاڪ محل آهي، زخمي ان مروج مڪاري خلاف مزاحمت ڪئي، سندس شاعري ۾ ڪراچي جي ڪوس بابت ڳالهيون آهن، پرينءَ جو پچارون آهن، ادبي سنگت ۾ غير سنجيده روين کي هٿي وٺرائيندڙ روين بابت ويچار آهن، شڪاگو جي شهيدن جون ڳالهيون آهن، سنڌ سان بوسينا جهڙين حالتن بابت آگاهي آهي، سقراط، سرمد ۽ منصور جون رمزون آهن، پڪاسوءَ جي پينسل سان نڪتل ڪنهن شهڪار تصوير جيان سندس ڪردار عوام جي حقن، انسانيت جي بقاءُ لاءِ پنهنجو وقت، موڙي ۽ زندگي ارپي ڇڏي هئي.

زخم “زخمي جو وڃي ٿو وِگهرندو،

تنهن ڪري منصُور ٿيندو ٿو وڃي.

زخمي پنهنجو تخلص ته زخمي رکيو پر سندس نصيب ۾ شهادت ملي، ڪمال جو شخص هيو جنهن جي شخصيت ۾ سنڌ جي ثقافت جي سونهن پئي بکندي هئي. هوءَ فڪري محاذ تي سنڌ جي وارثي ڪندو رهيو، سندس لڳل سلا هاڻ وڌي وڻ ٿيا آهن ته سماجي ويڳاڻائپ، ڪدورتن ۽ ويڇن جي جي نٽهڻ اُس ۾ سندس فڪري ڇانورا ديس جي دلداري ڪري رهيا آهن. افسوس آهي جو حسيني قافلي جي هن يگاني ڪردار کي ٽڪي جي مفادپرست ٽولن پنهنجي خيسس انائن جي نشاني تي رکيو، کين زخمي جا کرا لفظ لوڻ ٿي لڳندا هيا کين ڀئه هيو ته ڪٿي زخمي اهيا جرئت سندن هٿ ٺوڪين رتبن کي برباد نه ڪري ڇڏي. اهيي اياڻا هٿ سنڌ جي دودي پٽ سان وڏو داءُ ڪري ويا، ناحق ۽ انياءُ ڪري ويا پر زخمي چانڊيو جي هڪ استاد جي حيثيت ۾ عظمت، هڪ مزحمتي شاعر طور ديس سان محبت ۽ جمالياتي سونهن جا جلوا، انسان دوستي توڙي سندس وطن دوستي کي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي:

هوءَ مصور جي تخيل جهڙي،

ڪيرُ هُن تان نهار ڦيرائي.

وقت جي بي رحم روش گهايو،

سنڌ جو درد ڌار تڙپائي!

سندس شاعري سندس دور جو هڪ مڪمل سياسي، سماجي ۽  شعوري مونولاگ آهي. جنهن ۾ هڪ معصوم چنچل ٻالڪ پنهنجي مٺڙي ماءُ سان انگل ۽ آرا ڪندي ٿو نظر اچي. دنيا جي ادبي تاريخ ۾ سڀ کان سگهارو لاڙو آٽوگرافي واري فن ۾ سچ کي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ به آهي، ايئن ئي زخمي چانڊيو جي شاعري ۾ اسان کي اهيو لاڙو ور ور اولڙا ڏيندي نظر ٿو اچي جنهن فڪر ۾ ڪنهن به غدار سان رعايت نظر نه اچي، ڪنهن به ڪائنر سان ٺاهه ناهي،زخمي  پوري سچائيءَ سان پنهنجن احساسن کي جيئن جو تيئن شاعري ۾ اظهاريو آهي. اهيو ئي سبب آهي جو پنهنجن ڪلهن تي سچ جو صليب سجايون، سنڌ جي شعور جي ميراث جو رکوال سورهيه بڻجي جيجل سنڌ جو ڏهيسر ڏات ڌڻي زخمي چانڊيو اعتراف ٿو ڪري ته:

آءُ منصور جو جنم آهيان،

ڪيرُ آهي جو، دار تي چائي!


زخمي چانڊيو

نئين سنڌ لاءِ پاڻ ارپيندڙ شخص

فقير محمد سنڌي

سچ هڪ پل ۾ روشني ڦھلائي ڇڏيندو آهي، جڏهن اُوندهه ختم ٿي ويندي آهي، تڏهن معلوم ٿيندو آهي ته باندي پڻو هو ئي ڪونه، سچ جي واٽ تي هلندي منصور بن حلاج به پنھنجو سر گهور ڪيو، هن ڏيھه ۾ سچ جو ساٿاري ٿي رهڻ ڪري پنھنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوي ٿو.

جيئن سنڌ جي مڙس مٿير زخمي چانڊيي محبت جو جام پيتو، لوڪ ته هن کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زخمي چانڊيو هن وقت به بقا جي زندگي ماڻي چڪو آهي. منصوري رستي جو راهي زخمي چانڊيو جنھن لاءِ منصور بن حلاج جون سِٽون بلڪل درست آهن ته:

مون کي قتل ڪريو، منھنجا ساٿيو،

جو منھنجو قتل ئي منھنجي حياتي آهي،

منھنجو موت، منھنجي حيات ۾ آهي،

منھنجي حيات منھنجي موت ۾ آهي.

ان لاءِ ته قوم جو هر فرد رهبري پيو ڳولهي شاعرن ۾، زماني جي گهاون اڄ جي انسان کي هر فورم تي زخمي ڪري وڌو آهي. پنھنجي اتساهه لاءِ وقت کي ضامن ڪري سڏي ٿو.

ڪا سارَ به لھبي آ،

رڳو هامَ نه هڻبي آ.

هن خط لکيو زخمي،

ڪا چوٽَ به سَھبي آ.

تاريخ سدائين سچائي کي ڳاهيو آهي، جابر کي ڪڏهن به پنھنجو رهبر ڪونه مڃيو آهي، انساني مورتيون سڀ ويساهه جوڳيون نه آهن، تڏهن ته سچ نروار ٿي ڪونه ٿو بيھي، انهيءَ لاءِ انساني هوش برقرار ڪونهي. ان جي من ۾ اڻ تڻ واسينگ نانگ پيو ٿو ڏنگ هڻندو رهي. تڏهن ته زخمي وڏي واڳي چيو:

ڌرتي ساري دوزخ ٿي پئي،

ماڻهو اَئٿ ستارو ٿي پيو.

ڪالهه ٿي جنھن کي خون پيئاريم،

سو ئي اندر ڪارو ٿي پيو.

زخمي چانڊيو سنڌي ادب جو شاهه تارو هو، سنڌي سماج جو يادگار شخص هو، جنھن کي هر ويل ڌرتيءَ سان محبت جو جام پيتل هوندو هو، ڪڏهن به ڌرتي واسين لاءِ هڪ لفظ به ٻڌڻ گوارا ڪونه ڪندو هو. سچو کاهوڙي لکيڪن جو دل جو دل بند هو، نفرت رڳو ڌرتيءَ جي دشمن سان ڪندو هو، ۽ اهو به چوندو هو ته ڀلي اسان جو يار نه ٿي پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي. جنھن جي ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت جرڪي ٿو؛

حيف اٿئي جو عيش ڪرين ٿو،

قيامت برپا آهي ٿر ۾.

يا وري

ڪئي ڪيڏي سائنس اوسر آ “زخمي”،

اسان وٽ اڃا، ڪاري ڪارو ڏٺو ٿي؟!

ها وڏي واڪي سچ جو ساٿاري ٿي بيھڻ ڪو هن کان سِکي.

ڳالهه ڪئي ڌرتيءَ جي مون،

هن جو ڇو ايمان،

خطري ۾ پئجي ويو.

معاشري جي اندر هٿرادو مڙس ماڻهو ٿي رهڻ وارن کي اهڙي طرح چٿر ڪندو هو، جيئن سماج ۾ اهو وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪري.

ٻاهر رعب جيڪي هٿيارن تي ڪن ٿا،

تني جيل هٿ ۾ ٻھارو ڏٺو ٿي!

زخمي چانڊيي جي حياتيءَ جا خوبصورت لمحا، جنھن ۾ زخمي پنھنجي شاعري يا ٻئي ڪنھن دوست جي شاعري جڏهن ترنم ۾ چوندو هو ۽ سڄو لوڪ زخميءَ کي داد ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهندو.

زخمي چانڊيي جي جيون جو مختصر تعارف، جي سڄو تعارف لکان ٿو ته هي مضمون وڃي ٻيڻ تي بيھندو، ڄام خان ولد مولا بخش چانڊيو، ادبي نالو “زخمي چانڊيو”، مزدورن جي عالمي ڏينھن تي ۱۹۶۱ع ڊکڻ شھر ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم جو زيور مختلف درسگاهن مان حاصل ڪيائين، ايم.اي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. ۱۹۷۹ع تي سروس ورتائين، رهائش جي معاملي ۾ زخمي چانڊيو، ملان جي ڳوٺ، ڊکڻ، مدئجي، ڌامراهه، آبائي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۽ لاڙڪاڻي شھر کي اچي آباد ڪيائين، اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ ڇهه نياڻيون آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي تحريڪ جو سرگرم رڪن رهيو. ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ ڪافي اعزاز حاصل ڪيائين جيڪو سندس حق هو. انساني ڀلائي جي ميدان ۾ سدائين سرخرو رهيو، پنھنجي پرائي جي دل کولي مدد ڪندو هو، معاشري جو سڄاڻ فرد هو، جنھنڪري ننڍي توڙي وڏي سان نياز نوڙت سان پيش ايندو هو. زخمي لاءِ شعر دل تي تري آيو آهي ته:

اسان کي زمانو وساري نه سگهندو،

اها ڳالهه ٻي لڙڪ هاري نه سگهندو،

جيئڻ ڪاڻ جڳ ۾ جي ڪونڌر ڪُسن ٿا،

انهن کي ڪڏهن موت ماري نه سگهندو.

آس ڪجهه هئڻ ۽ ٿيڻ جي اميد ئي باندي پڻو آهي، اهڙي طرح اميد جي نظر مستقبل تي هوندي آهي. آئيندي جو اُلڪو ئي آهي جنھن جي ڪري انسان ڪشمڪش ۽ ڊوڙ جي هن سنسار ۾ اميد ۽ نجات جو دڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جمھوريت جي وارثن کي فڪر جو سبب ياد ڏياري ٿو.

“اي

جمھوريت جا

دعويدار حڪمرانو!

اگر

امن، سلامتي

۽

خشحاليءَ لاءِ

اوهان جا

ڪيل اعلان

سچا آهن،

ته پوءِ

سنڌ ۾

پاڻي پيئڻ جي

نلڪن

۽ گلاسن کي

سنگهرن

ڇا معنى آهي؟”

يا وري؛

ڪي ڪي جيءَ جيئارا ماڻهو،

ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو.

ڪي ڪي شاهي کاڌو کائن،

ڪي ڪي ڏُٿ گذارا ماڻهو.

صاف جنين جي نيت “زخمي”،

سي ئي آهن پيارا ماڻهو.

ويھين صديءَ ۾، مشھور فرينچ اسڪالر ۽ منصور حلاج تي اڌ صدي تحقيق ڪندڙ، لوئي ماسونين، منصور حلاج بابت پکڙيل انهن افسانوي ۽ ڪراماتي ڳالهين بابت هڪ خوبصورت عبارت لکي آهي، جيڪا سنڌ جي سرجڻھار زخمي چانڊيو لاءِ مشابھت رکي ٿي:

“هي ڳالهيون جيتوڻيڪ افسانو لڳن ٿيون، پر ان جي باوجود حقيقت، حقيقت آهي، جنھن کي ٻين افسانو بڻائي ڇڏيو ۽ اها حقيقت اها آهي ته شھيد جو رَتُ ٻج وانگر ٿيندو آهي ۽ هميشه فل ڏيندو آهي. اُن جو ڦل اهڙن جانبازن جي تربيت ڪندو آهي جيڪي لاڳيتو جنگ جي حالت ۾ هوندا ته جيئن شھادت جو جام پي سگهن.” ۽ واقعي اهڙي طرح زخمي چانڊيي ۲۴- آڪٽوبر ۲۰۰۰ع تي زندگيءَ کي الوداع چئي شھادت جو جام پيتو، شاهه لطيف چواڻي ته:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات جيئڻ اڳي جي جيا!

 

(روزاني ارادو لاڙڪاڻو ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا