; سنڌي شخصيتون: هزار خان چانڊيو

10 September, 2019

هزار خان چانڊيو


هزار خان چانڊيو
هڪ بهادر صحافي ۽ محبوب شخص
حفيظ چانڊيو
زندگي پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏي نه پياري ۽ خوبصورت هجي ٿي، جنهن ۾ هر هڪ انسان سينواريل هن سماج جي تبديليءَ لاءِ انيڪ سپنا سانڍي زندگيءَ جو ڪٺن سفر گهاريندو آهي. سپنا جن جي ساڀيائن لاءِ انسان اڀن ڪاون واري راهه تي هلندي پنهنجا پير پٿون ڪندو ٿو رهي ۽ پنهنجي مثبت سوچ ۽ مثالي ڪردار ساڻ ڪري جبل جهاڳڻ جي همت ڪري سپنن جي ساڀيائن لئه نڪري ٿو پئي، تازو وڇڙي ويل دلبر ساٿي هزار خان چانڊيو به اهڙي مثالي ڪردار جو مالڪ هو، جنهن پنهنجي اکين منجهه پاليل انيڪ سپنن جي ساڀيان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو، هونئن به اها هڪ حقيقيت آهي ته هن سنسار ۾ نيڻن منجهه پاليل هڙئي سپنا ساڀيان ئي ناهن ٿيندا. ان باوجود به ڪي ڪي انسان پنهنجي عظمتن جي ڇانوري ۾ ڪجهه سپنن جي ساڀيان پنهنجو مقدر بڻائيندا آهن، هزار خان چانڊيو سنڌ جو هڪ بي مثال ڪردار هو جنهن جو لاڏاڻو ان وهيءَ ۾ ٿيو آهي، جڏهن جوانيءَ جو صبح ڪچڙي منجهند ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ زندگيءَ جا پاڇا اولهه ڏانهن لڙي رهيا هوندا آهن. هو زندگيءَ جي ڪٺن سفر تي هلندي ڪڏهن به نه ٿڪو، نه ئي مايوس ٿيو پر هن هميشه رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي مڙسيءَ سان ٿي هٽايو ۽ اڳتي ڪاروان کي روشن مسقبل ڏانهن ڪاهيندو پئي هليو، هن هميشه اڳتي وک وڌائڻ کي مان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو سندس اوچتو وڇوڙي بعد مون سميت سندس سارا دوست هنجون هاري لڙڪ لاريندا رهيا، هو شاهه سائين جي ڪلام جو هڪ لازوال ڪردارن منجهان هڪ اهڙو ڪردار هو،جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آ ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪردار لازوال هجن ٿا ۽ هميشه رهڻآ آهن، جنهن کي هلڻ جي جستجو ڪڏهن به ماندو نه ڪيو. هو پنهنجي ارادن ۾ هميشه هماليه جيان اڏول رهيو. سندس مضبوط ارادي جو ٻيو ڪهڙو مثال ڏيان ته سينواريل هن سماج جي ستم ظريفين کيس لوڏي سگهيون، نه ئي هن ڪڏهن اهڙين سختين سبب ڪڏهن وري ڪا آڻ ئي مڃي، هو سچ، پيار، محبت، انسانيت جو ڪن فيڪون کان ساهه جي آخري دم تائين ساکي هو، سندس جرئت آڏو ڏاڍ ۽ ڏمر جا پاسدار ڌريون ڏڪي ويندا هيا، هن هميشه پاڻ کي نٽهڻ اس ۾ رکندي به ماڻهن جي لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جو ڪردار ادا ڪيو.


ٻه سال اڳ جڏهن ڪوشش جي بهادر صحافين جي سرواڻ محترم نعمت کهوڙو پاران اداريو پڙهيوم ۽ ان سان گڏ ادا همير چانڊيو جو شهيد صحافي” هزار خان چانڊيو“ تي لکيل مضمون پڙهيوم ته وڏيون رڙيون ڪيون هيم، شايد منهنجي رڙين وڇڙي ويل ڪوشش جي بهادر صحافي ۽ منهنجي پياري دلبر دوست جيڪو سڳن ڀائرن جيئن هميشه منهنجي روح ۾ رهيو آهي ۽ لحد تائين رهندو، ان ويل شهيد ٿي ويل هزار خان چانڊيو جو روح مٿي عنبر ۾ ضرور ٻڌو هوندو ۽ اهو به ضرور چيو هوندو ته ” منهنجي معصوم ٻچڙن جي سار لهجو ته مون کان پوءِ“ شايد شهيد ساٿي هزار خان چانڊيو سرمد سنڌيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل سٽ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ ته هڪ سٽ آهي پر تاريخي پسِ منظر ۾ اهو هڪ المياتي گيت آهي، اهو هڪ والد جو اهو نوحو آهي جيڪو جيئري ڪو به شايد ڪنهن پرين پياري دوست کي ناهي چئي سگهندو!!! هزار خان چانڊيو ڪڏهن به پنهنجي اخبار يا چينل کي ڪيش نه ڪرايو، هن مسڪينن ۽ غريبن جي گُهٽيل آواز کي سگهه بخشي اعلي ايوانن تائين ستل سياستدانن کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، سندس پختي ڪمٽمينٽ ته ڏسو نه جڏهن ساڻس دل بي وفائي ڪرڻ لڳي هئي ته هو ان وقت نٽهڻ اس ۾ بيهي تعليمي هڪ ريليءَ جي ڪوريج ڪري رهيو هو، هو سچ جو ساٿاري ٿي رهيو، ۽ اوچي ڳاٽ ادبي سرگرمين ۾ شامل ٿيندو رهيو، هن هميشه پنهنجي هانءَ جي سوجهري تي ڏاڍ سان ٻين ماڻهن جي بهتر جياپي جي جنگ جوٽي ۽ پنهنجي پوري سگهه ۽ جرئت سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندي سچ جو ساکي ٿي رهيو، هن دلبر دوست هزار خان جهڙا املهه ماڻهو ئي سماج ۾ بهتري ، سهڻي تعمير سان گڏ تبديليءَ جا خواهشمند هوندا آهن. هن هميشه سماج اندر پنهنجي پوري سچائيءَ سان عوام الناس جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت جو جذبو رکندي پوريءَ ايمانداريءَ سان خدمت پڻ ڪئي، ۽ زندگيءَ ۾ هزار خان چانڊيو جهڙا انسان ئي سماج جي لاءِ لاڀائتا ۽ املهه ڪردار طور تاريخي طور ياد رهن ٿا، هن جهڙا ئي سچيت ۽ املهه انسان طئي ٿيل ساڳي ئي منزل ماڻيندا آهن، جيڪي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ جي بغير انساني بقا ۽ انساني حقن جي ٿيندڙ لتاڙ ڏسي تڙپي ۽ لڇي پوندا آهن، سنڌ جي صحافتي تاريخ اهڙن سچيتن ڪردارن سان ڀري پئي آهي جن پنهنجا قيمتي ساھ ڏيئي ڪري به ماڻهن منجهه انساني جياپي جو هڪ پختو ويساھ قائم ڪيو آهي، ڳوٺ علي گل چانڊيو يوسي ڊکڻ شهر جو هيءُ نوجوان صحافي هزار خان چانڊيو جنهن آخري ساهه تائين حق ۽ سچ جي پاسداري ڪندي شهادت ماڻي ۽ انيڪ ساٿين کي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هميشه دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. هو هڪ بي باڪ صحافي هو، جنهن جي بي باڪي جا قصا سندس صحافي دوست مثال ڏئي هڪٻئي کي سمجهائيندا هيا، هو اهڙن بي باڪ صحافتي ڪردارن منجهان آهي جنهن مايا جي موهه يا چند چانديءَ جي چند سڪن تي پنهنجي ضمير جو سودو هرگز نه ڪيو پر آخري ساهه تائين تعليم جي فروغ، انساني ڀلائيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هزار خان چانڊيو جو جنم قبيلائي دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل سنڌ جي پسمانده ضلعي شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ علي گل چانڊيو ۾ ٿيو، جيڪو ڊکڻ شهر کان اٽڪل ٻن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي، هزار خان چانڊيو جهڙا بهادر نوجوان جڏهن صحافت جي ميدان ۾ عملي طور اچن ٿا ته هو ڪڏهن به ڪنهن به حال ۾ حالتن جي آڏو مايوس، مجبوري، هيڻائي يا وري بيوسيءَ مان پنهنجو قلم هٿ مان ڪڏهن به ڪو نه ٿا ڇڏين پر ماڻهن جي ننڍن ننڍن مسئلن جون وڏيون وڏيون سرخيون ٺاهي اخبارن ۾ ڇاپي اعلٰيٰ ايوانن ۾ ويٺل گونگن، ٻوڙن سياسي بتن کي به ڊاهي وجهن ٿا، جڏهن سندن حق جو آواز بلند و بالا ٿي سندن ڪنن تائين پهچي ٿو ته اهڙيءَ سجاڳيءَ سبب هو ڏڪي ٿي ويا، سندس اهڙي قلمي عظيم پورهئي لفظن کي گوليءَ جو روپ ڏيئي سماج دشمن جو وجود کي هيڻو ۽ ڪمزور ضرورڪري ڇڏيو هو. سندس هم ڪلاسي سڪندر سوز پئي ٻڌايو ته هزار خان چانڊيو پنھنجي پوري حياتي ۾ ڪڏهن به ڪنهن به ماڻهوءَ سان بلند آواز ۾ نه ڳالهايو هو، ان جو سبب اهو به آهي ته سندس پرورش سندس والد محترم ماما رستم خان چانڊيو، صحافت ۽ ادبي سفر ۾ سندس رهنمائي شهيد زخمي چانڊيو ڪئي، تنهن ڪري سندس شخصيت ۾ ڏاڍن سان مهاڏي اٽڪائڻ جي جرئت ۽ هيڻن سان همدرديءَ جي سُتي پيل هئي، اهو ئي سبب هو جو سنڌ جو هي پروميٿيس سرديءَ ۽ گرمي جي پرواهه ڪرڻ جي بغير سنڌ جي پيڙهيل عوام جو آواز بڻجي وڏي جرئت ۽ ايمانداريءَ سان سندن مسئلا پنهنجي اخبارن ذريعي ايوانن تائين پهچائيندو رهيو ته جيئن مسڪينن ۽ بي پهچ ماڻهن ڪو تڪڙو انصاف ملي سگهي، هن هميشه پنهنجي سموري ڄمار ۾ ماڻهن منجهه پيار ۽ مرڪون ئي ورهايون. ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ ئي گھر جي هن دادلي من جنهن کي ساهه ۾ سانڍيندي گهر جي هر ڀاتي ساڻس وڏو پيار ڪندا هيا، ۽ هو موٽ ۾ ذميوارين جا هڙئي وزن ۽ بار پنهنجي ڪلهن تي کنيا پر هن گھر جي انهن سمورين ذميوارين کي ڪڏهن به پنهنجن ڪلهن تي بار نه سمجھيو هو. هزار خان چانڊيو کي صحافتي ميدان ۾ ۲۰ سال ٿيا ۽ هن ڪو به پل ائين رائگان نه ڪيو بلڪه پوري ايمانداريءَ سان پنهنجي زندگيءَ جا سمورا پل عام ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏيا، هزار خان چانڊيو کي ۲۰۰۸ع ڌاران دل جو پهريون دورو پيو ۽ ۸ سيپٽمبر تي آخري دورو پيو جنهن سندس ساهه سوڙها ڪري وڌا، سندس سنگت سان وفا جو مثال ته ڏسو، آخري دم تائين پنهنجي هڪ ويجهي صحافي ساٿي بشير چانڊيو کي ساريندو رهيو، جيڪو پنهنجي ننڍڙيءَ سان ڏوڪري ويل هو، بشير مون سان رئندي اظهاريو ته هو هاڻِ ڪيئن جيئندو يار! سندس پرين ئي ناهن رهيا!! سندس آخري وقت به سندس نالو هيو، الائي ڇا چوي ها!! ائين ٻڌائڻ دوران هو ڊکڻن شهر ۾ وڏا پار ڪڍي ٿو، مون کيس ڀاڪر پائيندي آٿت ڏيندي چيوم ته مٺا! هاڻي پاڻ سنڀال! اوهانجي پرين اوهان کي ان لاءِ پئي سنڀاريو ڇاڪاڻ ته هن اهو ڄاتو پئي ته سندس ساهه سوڙها ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي پنهنجي اولاد اڪرم خان، اسلم خان، آزادي ۽ عبدالسلام سميت سردار خان ۽ شڪيل خان جي پارت ڪري وڃي، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته بي رحم موت سنڌ جي هن خوبصورت ۽ ايماندار صحافيءَ کي ايتري به وٿي ڪا نه ڏني جو هو آخري ڀيرو پنهنجي ان دلبر دوست بشير چانڊيو سان ڪا دلي راز اوري ها!! سچ چوندا آهن ته موت بي ترس آهي، نيٺ سنڌ جو هيءُ صالح پٽ پنهنجي همدردن عبدالعزيز چانڊيو،اڪرم خان ۽ ياسين جي آڏو ئي آخري هڏڪي ڏئي ڌڻي حوالي ٿو ڪري ۽ الائي ڪيترن دوستن کي وڇوڙي جو وڍ ڏيئي ابدي ننڍ سمهي ٿو پوي، سندس اوچتي وڇوڙي جي خبر منهنجي سئوٽ نياز خان فون تي ٻڌائي ٿو ته ائين لڳو ته زمين پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ڪئي هيم، مون همت ۽ حوصلو رکندي، آءِ آر سي آفيس لاڙڪاڻو ۾ ويٺي مون دل کي آٿت ڏيندي ادا هزار خان جي نمبر تي ڪال ڪئي، ڪال اٽينڊ ٿيڻ شرط ٻي پاسي اڪرم خان جا پار ڪنن تي پون ٿا، جنهن ۾ هو مون سان مخاطب ٿيندي بابا! ابا اسان کان وڇڙي ويو!! مون کان فون ڪري پئي ۽ پيارو دوست ثناءُالله عتيق چنجڻي آٿت ڏيندي ڀاڪر ڀري ٿو ۽ گهر تائين ڇڏي اچڻ جو چئي ٿو، گهر پهچڻ سان سڀ گهر ڀاتي مون سان ڳلهائن نه! سڀني کي شايد فون تي ڪنهن اطلاع ڪيو هو، امان ۽ منهنجي گهر واري ڀر ۾ آيون ۽ پڇڻ لڳيون ابا! ڳوٺ هلندا سون سندن ڳالهائڻ ۾ هڪ جهڙو درد لڪل هو. صحافتي ذميدارين سبب پياري هزار خان ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته ڪڏهن کيس ڪا دل جي تڪليف به ٿيندي ۽ اهڙي تڪليف سبب کيس دل جي شعبي مان زندگيءَ جي جنگ هارڻي پوندي، اڃان به اڳتي کيس شايد اهو احساس به نه هيو ته سندس پڄاڻان سندس معصوم ننڍڙن پٽن عبدالسلام،اڪرم خان، اسلم خان، آزادي ۽ سندس ڀاءُ سردار خان، شڪيل خان ۽ ياسين جو ڇا ٿيندو؟؟ يا وري سندس جيون ساٿياڻيءَ جو ڇا ٿيندو يا وري سندس ٿڌي ڇانو ۾ ويٺل آزاد ۽ عيوض خان جو ڇا ٿيندو؟؟ نيٺ خوشبوءِ جهڙو شخص ڊکڻ شهر جو سچيت انسان، صحافي هزار خان چانڊيو جيون جون ۴۰ بهارون خواب بڻجي دعائن جي اهڙي ديس ڏانهن هليو ويو آهي جتان ڪو به واپس ناهين ورڻو. جڏهن آخري ڀيرو هن جون اکيون بند ٿيون هيون ، ان وقت به هن جي اکين ۾ انيڪ سپنا سمايل هئا. سندس اهي سمورا سپنا هن جي هميشه موڪلائي وڃڻ سان اڌورا ۽ اڻ پورا ئي رهجي ويا. سندس وجود جي آخري دانهن جو پڙاڏو شايد ان وقت ساڻس گڏ موجود دوستن، گھر ڀاتين جي روح جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هميشه لاءِ رهجي ويو هجي، پر سندس ان دل جي آخري ڌڪ ۽ سندس وجود کي چيڀاٽي ڇڏيندڙ آخري وقت به سندس پيرن ۽ سندس وجود ۾مڌ جا آخري خمار هئا. هو صحافي به هو ته شاعر به هو. سندس سفر جي شروعات ان راهه کان ٿي هئي، جتي سرخ خوابن ۾ سرخ گلابن جا واعدا ٿيل هئا. زندگيءَ جي ان سفر جي شروعات ۾ جيتوڻيڪ کيس ڪيترين ئي تڪليفن، ڏکن، ڏولائن جو منهن به ڏسڻو پئجي ويو، پر هن پنهنجي حوصلن کي ڪڏهن به پست نه ٿيڻ ڏنو. هن سمورين مصيبتن جو وڏي مڙسيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي حوصلن کي هماليه جيڏو اوچو بڻايو. توڙي جو اسان جو هي يار اندر ۾ اڌو اڌ هوندو هو، پر هو درد لڪائي به لوڪ کي هميشه مرڪون ڏيندو رهيو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته انهن مرڪن پويان به کوڙ سارا اهڙا ارمان لڪل هئا، جن ارمانن کي هن پنهنجي اندر ۾ دٻي رکيو هو.صحافتي کيتر ۾ پير پائڻ کان اڳ ڪيترائي ماڻهو سؤ دفعا سوچيندا آهن، پر هزار خان صحافتي دنيا ۾ اکيون بند ڪري آيو هو. توڙي جو صحافت جي صليب جو بار هن جي ڪمزور ڪلهن کان ڪيترو ئي ڀاري هو، پر هن صحافت سان سچائيءَ واري جذبي سان نڀايو. هن ٻين صحافين جيان صحافت کي ڌنڌو هرگز ڪو نه بڻايو ۽ نه ئي هن وري تر جي پيرن وڏيرن جي ڪا ڪاڻ ئي ڪڍي. توڙي جو هو نام ڪٺن سردارن ۽ جرڳائي ڀوتارن جي جوءِ جو رهاڪو هو، پر هو هميشه جرڳائي ڀوتارن سان جھيڙيندو رهيو. جنهنڪري کيس تڪليفن جو منهن به ڏسڻو پيو، هزار خان چانڊيو هڪ صحافي هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ سماج سڌارڪ پڻ هو، هن سماجي مسئلن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي رپورٽون ٺاهي ايوانن ۾ ويٺل گونگن ۽ ٻوڙن سياستدانن کي جاڳائيندو هو. انهن چند پڙهيل ڳڙهيل صحافين منجھان هو، جن سان گڏ ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ دل ٻار وارو ضد ڪري ويهندي هئي. هن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويهبو هو ته راتين جون راتيون گذري وينديون هيون، پر سندس ڪچهريءَ ۽ گفتگوءَ مان دل ڪڏهن به نه ڍاپندي هئي.ان کان اڳ ۾ هو ۲۰۰۸ع ۾ دل جي تڪليف ڪري ڊاڪٽر وٽ ويو پر ان هوندي به هو ڪڏهن به دل جي عارضي سبب اسپتالن جي ور ڪڏهن به ڪا نه چڙهيو هو. اڄ سندس ياد کي ورجائيندي سندس ننڍو ڀاءُ سردار خان، سندس يار دوست ۽ سئوٽ آخاد ۽ عيوض خان به اکين مان وهندڙ بي زبان ڳوڙهن تي ڪو ضابطو نه ٿا آڻي سگهن. نه ئي سندس هم ڪلاسي محمد مٺل، سڪندر سوز، سليم، زاهد ۽ يار محمد ئي روئڻ کان بس پيا ڪن، چپ ته سندس مون سميت سندس ويجها ساٿي خالد، همير، ساجد، بشير، مصور، نعمت، شفيق، رفيق، فيصل به نه پيا ڪن، هزار خان جي يادن کي ساريندي سندس سارا ساٿي اڄ سچ پچ پنهنجي پنهنجي منهن سان اکين مان وهندڙ گرم لڙڪن کي پنهنجي هٿن جي آڱرين سان ضرور هيٺ ڪيرائيندا هوندا پر سندس ويجهو ساٿي پيارو آغا عبدالنبي به کيس سنڀالي پنهنجي پياري دوست جو ڏک ملهائي رهيو آهي، اڄ سچ پچ هزار خان چانڊيو، شان ڏهر شهيد، شهيد منير سانگي، جاويد جوکئي جهڙن سچن ڪردارن کي ياد ٿو ڪجي ته هانءُ ڀرجي پيو وڃي ۽ ڏک ڏهوڻا ٿيو پون، هزار خان سنڌ ڌرتيءَ جو اهڙوئي اتساهه بخشيندڙ ڪردار رهيو جنهن چاهيو پئي ته سندس بي باڪ ساٿين جي مستقل ڪوششن سان ڪا اهڙيءَ سنڌ جو وجود پوي جيڪا سطحي سوچن کان پاڪ هجي، مذهبي متڀيد کان پاڪ، اتم ۽ اعلٰي هجي، طبقاتي نظام کان آجي هجي ۽ سڀني مسئلن کان آجي سنڌ جي اڏاوت جا خواب پاليندڙ هي دوست اوچتو وڇوڙي جا وڍ ڏيئي اهڙي ديس روانو ٿي ويو جتان ڪنهن جي به اڄ تائين واپسي ناهي ٿي. ڳالھ رڳو اتي ئي نٿي کٽي، سنڌ جا اهي سياستدان، جيڪي پنھنجيءَ سڄي ڄمار ۾ رڳو بي ضيمريءَ جي مشن تحت زندگيءَ منجهه گهاريندا آهن، جيڪي اسان مان وڇڙي ويل ڪنهن شاعر،اديب،صحافيءَ جي تڏي تي عذرخواهيءَ دوران وڏا وڏا سياسي بيان ڏيئي، وارثن جي مالي سهائتا کان ويندي سندن اولاد جي پڙهائيءَ ۽ نوڪريءَ تائين جا اخباري بيان بازي ڪري ائين گم ٿي ويندا آهن جيئن مٿيان ڏند ڳئون جا!! جن صحافين، شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي به ننڌڻڪو ڪري،سنڌ جي شعور کي اهو پيغام ڏيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن ته وٽن اقتداري طاقت آهي، سچ پچ ته هو اهڙن سچيتن ۽ ايماندار، فرض شناس صحافين جي ساڻن قلم زريعي ڇڙيل ان جنگ کي آڏو رکندي سندن اهڙي عظمت ۽ ارڏائي کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اڄ شهيد هزار خان چانڊيو، شهيد شان ڏهر، شهيد منير سانگي، شهيد امتياز علي ڳورڙ ، قربان ۽ شهيد جاويد جوکئي سميت سنڌ ڌرتيءَ جا انيڪ صحافتي ميدان ۾ ذميوارين دوران شهادتن کي ٻکين پوندڙ صحافت جي دنيا جا اجرا ڪردار انهن سياسي بتن کي شرمائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي ڪري ساڻن ڪو به انصاف ناهن ڪري سگهيا نه ئي پنهنجن واعدن تي ڪو پورو ئي لٿا آهن. اها به اهڙن سچن ڪردارن جي سوڀ ئي آهي جو کين سزا جي پلصراط تان گذرڻو ته پيو پر کين هو سنڌي عوام جي دلين منجهان مڪمل طور ناهن ڪڍي سگهيا، اڄ سنڌ جي ذڪر ڪيل صحافين جي رڳو مدد ناهي ٿي نه ئي سندن وئي پڄاڻان سندن ادارن ئي ڪا واهر ڪئي آهي پر سچ پڇو ته اهڙن روين جي ڪري آءُ ائين پيو محسوس ڪيان ته صحافت سرڪار ۽ ادارن جي ڪن لاٽار ۽ بيحسيءَ جي ٽياس تي ٽنگيل آهي، اهڙو ٽياس،جنهن تي محبوب سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ قلمڪارن لاءِ ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي آڏو اچڻو آهي. هزار خان شهيد سميت سڀ شهيد ٿي ويل صحافي دوست پنھنجي سڄيءَ ڄمار ۾ اخباري دنيا ۾سنڌي جي پيڙهيل عوام لاءِ هڪ سگهارو آواز بڻجي اهڙو ته اڀريا جنهن لهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي کنيو، اهو ئي سبب آهي سندن وئي پڄاڻان به اسين سندن يادن کي تازو ڪري رهيا آهيون،جوانيءَ جو موت ڏاڍو ڏکائيندڙ ۽ ايذائيندڙ هجي ٿو، ڀاءُ هزار خان چانڊيو جي ڪچڙي وهيءَ وارو ڪمهلو وڇوڙو سندس دوستن ۽ گھر ڀاتين جو هميشه جيءُ جهوريندو رهندو، پر اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سندس اولاد جي اکين ۾ سندن پيءُ جي تصوير هميشه جوان ئي رهندي. جڏهن سندس اولاد جون اکيون جھانوريون ۽ وار اڇا ٿي ويندا ان وقت جوان پيءُ جي تصوير کين ٻه چار مرڪون ضرور ڏئي ويندي! هزار خان چانڊيو پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ هميشه هر ڪنهن سان وفا ڪئي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته سندس دل ئي دغا ڪري سندس ساهه سوڙها ڪري وجھندي!!!
ڏاڍو ساريندين منهنجي مرڻ کانپوءِ

No comments:

راءِ ڏيندا