هزار خان چانڊيو
هڪ بهادر صحافي ۽ محبوب
شخص
حفيظ چانڊيو
زندگي پنهنجي جوهر
۾ ڪيڏي نه پياري ۽ خوبصورت هجي ٿي، جنهن ۾ هر هڪ انسان سينواريل هن سماج جي
تبديليءَ لاءِ انيڪ سپنا سانڍي زندگيءَ جو ڪٺن سفر گهاريندو آهي. سپنا جن جي ساڀيائن
لاءِ انسان اڀن ڪاون واري راهه تي هلندي پنهنجا پير پٿون ڪندو ٿو رهي ۽ پنهنجي
مثبت سوچ ۽ مثالي ڪردار ساڻ ڪري جبل جهاڳڻ جي همت ڪري سپنن جي ساڀيائن لئه نڪري ٿو
پئي، تازو وڇڙي ويل دلبر ساٿي هزار خان چانڊيو به اهڙي مثالي ڪردار جو مالڪ هو،
جنهن پنهنجي اکين منجهه پاليل انيڪ سپنن جي ساڀيان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو، هونئن
به اها هڪ حقيقيت آهي ته هن سنسار ۾ نيڻن منجهه پاليل هڙئي سپنا ساڀيان ئي ناهن ٿيندا.
ان باوجود به ڪي ڪي انسان پنهنجي عظمتن جي ڇانوري ۾ ڪجهه سپنن جي ساڀيان پنهنجو
مقدر بڻائيندا آهن، هزار خان چانڊيو سنڌ جو هڪ بي مثال ڪردار هو جنهن جو لاڏاڻو ان
وهيءَ ۾ ٿيو آهي، جڏهن جوانيءَ جو صبح ڪچڙي منجهند ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ زندگيءَ جا
پاڇا اولهه ڏانهن لڙي رهيا هوندا آهن. هو زندگيءَ جي ڪٺن سفر تي هلندي ڪڏهن به نه ٿڪو،
نه ئي مايوس ٿيو پر هن هميشه رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي مڙسيءَ سان ٿي هٽايو ۽ اڳتي
ڪاروان کي روشن مسقبل ڏانهن ڪاهيندو پئي هليو، هن هميشه اڳتي وک وڌائڻ کي مان ڏنو،
اهو ئي سبب آهي جو سندس اوچتو وڇوڙي بعد مون سميت سندس سارا دوست هنجون هاري لڙڪ
لاريندا رهيا، هو شاهه سائين جي ڪلام جو هڪ لازوال ڪردارن منجهان هڪ اهڙو ڪردار
هو،جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آ ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪردار لازوال هجن ٿا ۽ هميشه رهڻآ آهن،
جنهن کي هلڻ جي جستجو ڪڏهن به ماندو نه ڪيو. هو پنهنجي ارادن ۾ هميشه هماليه جيان
اڏول رهيو. سندس مضبوط ارادي جو ٻيو ڪهڙو مثال ڏيان ته سينواريل هن سماج جي ستم
ظريفين کيس لوڏي سگهيون، نه ئي هن ڪڏهن اهڙين سختين سبب ڪڏهن وري ڪا آڻ ئي مڃي، هو
سچ، پيار، محبت، انسانيت جو ڪن فيڪون کان ساهه جي آخري دم تائين ساکي هو، سندس
جرئت آڏو ڏاڍ ۽ ڏمر جا پاسدار ڌريون ڏڪي ويندا هيا، هن هميشه پاڻ کي نٽهڻ اس ۾
رکندي به ماڻهن جي لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جو ڪردار ادا ڪيو.
