اوم شرما
صحافي، ليکڪ ۽ مهمان
نواز
ڀارومل امراڻي
سوٽھڙ
اوم شرما جنهن کي اڄ
به ڦڳڻ جي رُت ٿر ۾ ڳوليندي آهي، وسڪاري ۾ چنڊ آسمان تي اُتاولو ٿي پوندو آهي ته
هُو ڪهڙي بادل کان اوم جو ڏس پڇي!؟ پر هو مٽي جي امانت هو، مٽي سان ملي مٽي ٿي
ويو.
اوم شرما جنهن نه صرف
پاڻ ٿر جي تاريخ، تهذيب، راڳ رنگ، ڏکن ڏاکڙن تي لکيو پر ٻين دوستن کي به ٿر بابت
لکڻ جي لاءِ اتساهيو. ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي کان جيڪو به صحافي ۽ ليکڪ ٿر تي اسٽوري ڪرڻ يا ٿر بابت آرٽيڪل ۽
ڪتاب وغيرهه لکڻ جي لاءِ مٺي آيو. هُو اوم ۽ سندس ساٿين سان ضرور مليو. مٺي ۾ هاڻي
گيسٽ هائوسن جي قطار ٺهي ويئي آهي جنهن وقت اها سهوليت نه هوندي هئي ان وقت اوم
شرما جھڙا دوست ليکڪن، اديبن ۽ صحافين جي ميزبان ٿيندا هئا. مهمان جي لاءِ ماني ٽڪي
جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ اسٽوري يا انٽرويو وغيرهه جي لاءِ گھربل ڊيٽا يا ماڻهو وغيرهه
هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا هئا. فيلڊ ۾ گڏجي ويندا هئا. ڇا ته خلوص هو؟ انهن ماڻهن وٽ بي
لوث انهن ماڻهن جو مقصد صرف هڪڙو هوندو هو ته اسان جي علائقي جي تاريخ ۽ تهذيب اجاڳر
ٿئي. هتان جي مسئلن جي نشاندهي ٿئي. اعليٰ اختياري ڌريون مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوششون
وٺن.
مٺي جي مهراج پريم
وياس جي گھر ۾ ۱۹۷۴ع تي جنم وٺندڙ اوم شرما پنهنجي نيڪي ۽ ٻين جي بدي وساري اڳتي وڌيو هو. اوم
شرما چوندو هو ته ماڻهو جي سٺي وقت ۾ دنيا سمجھائيندي آهي ته تون ڇا آهين!؟ ۽ برو
وقت ماڻهو کي سمجھائيندو آهي ته دنيا ڇا آهي!؟
اوم جي خاندان ۾
دسرت شرما ۽ ڀرت شرما صحافت جي فيلڊ رهيا آهن، اوم شرما روزاني برسات جي نمائندي
طور صحافت شروع ڪئي هئي. پوءِ ٻين اخبارن ۽ نيوز جي ادارن ۾ صحافي طور ڪم ڪيو. مٺي
پريس ڪلب جي بنيادي ميمبرن ۾ اوم شرما به شامل هو. غلام حيسن محمداڻي، نندلال لوهاڻي،
لڇمڻ ٿري، حمزو خان رند، پريم شيواڻي، کاٽائو جاني، بشير سميجي ۽ ٻين دوستن سان گڏ،
اوم شرما جون قربانيون مٺي پريس ڪلب جي بنياد ۾ شامل آهن.
ڌرتي تي امن جي
آشار رکندڙ مٺڙو ماڻهو اخبارن ۾ بد امني جون خبرون پڙهي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو
هو ته؛ ”ڇا ماڌولال حسين جي يڪتاري جي تڻ تڻ بندوق جي ٽڙ ٽڙ ۾ وڃائجي ويندي؟”
هو فطرت سان پريت ڪندڙ
ماڻهو هو، ان ڪري آسانيءَ سان سمجھائي سگھندو هو ته ستارا ماڻهو جي فطرت ڪيئن
سمجهندا آهن. هن کي ٿر جي مورن جي مٽڪو، هرڻن جا ڇال ۽ سهي جي ڊوڙ وڻندي هئي. ڪامريڊ
نند لال مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، لڇمڻ ٿري، نندلال لهاڻو ۽ ٻين دوستن سان ترقي پسند
سياست ۾ سرگرم رهندڙ اوم شرما حب الوطني جي عظيم ڪردار مارئي جي ميلي ۾ نمايان
نمايان هوندو هو. ڪنهن سال ميلو نه لڳي ته هو ذاتي طور به اڪيلو وڃي مارئي جي جنم ڀومي
ڀالوا جو ڀيرو ضرور ڀڃي ايندو هو.
اوم شرما اهل دل
انسان هو. هن وٽ رشتن جو وڏو مان هوندو هو. هو رشتن جي محبتن جي قصا ٻڌائڻ ۾ وڏي
مهارت رکندو هو. چوندو هو ته محبت رڳي وٺبي نه آهي، ڏبي به آهي. هن وٽ چانڊوڪي جا ٽهڪ
هوندا هئا، پر جڏهن بي چيني هن جي روح ۾ لهڻ شروع ڪندي هئي، تڏهن اکين ۾ سمندر ترڻ
شروع ڪندا هئا. هو چانڊوڪين راتين ۾ ٿر جو لوڪ گيت “ويرو وڻجارو” ڳائيندو هو؛ پر هن
کي “ڏورو” لوڪ گيت ڏاڍو وڻندو هو.
ڏورو ساچي هيم رو
(رشتن جو ڌاڳو
سچي سون جو جڙيل آهي)
هن کي خبر هئي ته
پرمپرا لوڪ گيت، چارڻي لوڪ گيت، وڪرت لوڪ گيت ۽ ساهيتڪ لوڪ ڪهڙا آهن. هن جي اندر
جي تمنا هئي ته ٿر جا لوڪ گيت زنده رهن. انهي جي لاءِ لوڪ ڳائڪن کي اتساهيندو هو.
انهن جا انٽرويو ڪري اخبارن کي موڪليندو هو.
اوم شرما پرائمري
کان ڪاليج تائين مٺي ۾ پڙهيو. سنڌ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن ڪري هن ۱۹۹۷ع ڌاري سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري
ورتي. نوڪري دوران اخبارن ۾ ڇپجندڙ ٿر جي خبرن جون ڪٽنگ ڪري اطلاعات جي ضلعي آفيسر
جي ليٽر سان گڏ واسطيدارن کاتي ۽ اعليٰ اختيارين کي موڪليندو هو. جيئن کاتي پارا ن
نوٽيس ورتو وڃي. ماڻهن جو مسئلو حل ٿئي. نوڪري دوران اوچتو دماغي ٽيومر سبب ۲۰ مارچ ۲۰۱۵ع تي نوجواني ۾ گذاري ويو.
مون جڏهن هن جي وڇوڙي
جو ٻڌو، تڏهن چيلهار جي ننڍڙي بس اسٽينڊ وٽان گذري رهيو هوس. هڪ مانڊڻي تان خواجه
غلام فريد جي ڪافي جو آواز اچي رهيو هو؛
عمريان لنگھيان پٻان
پار
پنهنجي ساري عمر پٻن
تي هلندي گذري ويئي.
هندي ڪوي جئديو جي ڪتاب
”گيت گووندا“ جون سٽون منهنجي تصور ۾ تري آيون هيون.
جڏهن ڏاکڻين پهاڙن
مان هوائون اچن ٿيون،
۽ محبت جي
ديوتا کي ساڻ آڻين ٿيون،
جڏهن گلن جا انبار
چاهيندڙن جي دلين ۾
ڏارون وجھڻ جي لاءِ
ٽڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن.
تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي
سبب
ڏکوئجي ٿو وڃي.
وڇوڙي جو ڏک اُڏوهي
آهي، سري جيان هڏي کي کائيندو آهي، نوجوان دوست جي وڇوڙي جو ڏک اڃان وڌيڪ عذاب ڏيندو
آهي. اڄ به اوم کي ساري ٿر جو لوڪ دوهو چپن تي اچي ٿو ته؛
واگھو واگھو ڪري
رهي، واگھو ڇٽ نه ٻارهو ماس
آنکيئي ڪاجل ڇوڙيو،
پر هينئون نه ڇوڙي آس
(آئون واگھو
واگھو ڪري رهيو آهيان، واگھو ڇهين، نه ٻارهين مهيني اچڻو آهي، اکين ته ڪاجل پائڻ ڇڏي
ڏنو پر هينئون واگھي جي آس نٿو ڇڏي)
No comments:
راءِ ڏيندا