; سنڌي شخصيتون: احساس ميرل

01 September, 2019

احساس ميرل

احساس ميرل
حساس طبيعت جو مالڪ
سعيد چانڊيو
شاعر جو تخليقي ڪارنامو انھن حقيقتن جو عڪس ھوندو آھي، جيڪي سماج ۾ مروج ھونديون آھن. اُھي حقيقتون دنيا جو حسن، خوبصورتي، چمن، چراگاھون، گلزاريون، گلڪاريون، سمنڊ، نديون، نئيون، واديون، ڍنڍون، ڍورا، بحر، بيابان، ريگستان، جبل، پھاڙ، ٽڪريون، ماٿريون، ٿر، بر، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاھ، گل ۽ ٻيا قدرتي نظارا ھوندا آھن، جيڪي ڪشش جو سبب بڻبا آھن . ھن جي شاعريءَ جا موضوع اميد ۽ مايوسي، خواب ۽ خواھشون، آسون، امنگون، رنگ ۽ رتيون، بھار، خزان، سردي، گرمي، سرءُ، سرنھن جا پيلا گل، پيار محبت، شڪوا، شڪايت، سرچاءُ، رسامان، چنڊ، چانڊوڪي، اڪيلائي، ويراڳي، نشيلا نيڻ، ڪڪر، بارشون، بوندون، وڏڦڙا، کنوڻ، گجگوڙ ھوندا آھن. شاعري شاعر جي زندگيءَ جي غير مرتب تاريخ ھوندي آھي، جنھن ۾ شاعر جا داخلي ۽ خارجي، فڪري ۽ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي مطلب ته ھر پھلو ظاھر ٿي سامھون ايندا آھن. شاعر جي شاعري ئي سندس آتم ڪٿا آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي زندگي جا عڪس چٽيندو آھي. سندس شاعريءَ ئي حياتيءَ جي آرسي آھي، جنھن ۾ سندس زندگي جا واقعا ۽ وارتائون پسي سگھجن ٿا. شاعر سماج جو اھو فرد ھوندو آھي، جنھن کي سماجي بھتريءَ جو گھڻي کان گھڻو اونو ھوندو آھي. تنھنڪري ئي ھڪ سٺي ۽ سماجي درد رکندڙ شاعر جي شاعريءَ سماجي برائيءَ، ظلم ۽ ستم، ناانصافيءَ ۽ حق تلفيءَ خلاف ھٿيار ثابت ٿيندي آھي.


سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ميدان جو ذڪر ڪبو ته عظيم شاعرن جي فھرست ٺھي ويندي، جن فرسوده سماج خلاف پنھنجي شاعريءَ کي ھٿيار طور استعمال ڪيو. سندن سرجيل شاعريءَ بدولت اڄ به ھو زنده آھن. جديد شاعرن پڻ سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. سندن شاعريءَ ۾ ڪتب آندل استعارا ۽ تشبيھون، ڪنايا ۽ قافيا نج سنڌي سماج مان ورتل آھن. ان سبب ئي ته ھو نئين ٽھيءَ جي شاعرن جا رول ماڊل بڻيا.
نئين ٽھيءَ جي شاعرن جو ذڪر ڪبو ته احساس ميرل جو نالو پڻ سھڻن سرجڻھارن ۾ ليکبو. احساس ميرل جنھن جو اصل نالو مير محمد آھي. مير محمد جو جنم ڳوٺ نئين وسي ضلعي مٽياريءَ ۾ ۱۵ ڊسمبر ۱۹۸۴ع ھڪ غريب ھاريءَ نور محمد سھتي جي گھر ۾ ٿيو. غربت سبب ھن حساس طبيعت رکندڙ نوجوان کي والد اعليٰ تعليم ته نه ڏئي سگھيو، مگر اعليٰ تربيت ضرور ڏنائينس، جنھن جي بدولت ھي نوجوان ڪوڏر ۽ ڏاٽي سان گڏ قلم به کڻڻ سکيو. احساس ميرل تعليم جا صرف پنج درجا پاس ڪيا ۽ پوءِ پنھنجي والد سان ٻني ٻاري جي ڪرت ۾ ھٿ ونڊائڻ لڳو. ھن سھڻي خيالن جي مالڪ سڄي عمر محنت، مشقت ۽ پورھي سان ئي پنھنجي زندگيءَ جي گاڏي کي اڳتي ريڙھيو آھي. احساس ميرل ۲۰۰۶ع ۾ شادي ڪئي، کيس ٻن نياڻين ۽ ھڪ پٽ جو اولاد آھي. ويجھڙوئي ۾ احساس ڳوٺ کي خيرآباد چئي اُڏيرولال اسٽيشن وٽ رھائش اختيار ڪئي آھي.
احساس ميرل شاعريءَ جي سکيا امين اُڏيرائي کان ورتي. ھن حسين خيالن جي مالڪ شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۹ع کان ڪئي، سندس شاعري نه صرف سنڌ بلڪ ھند جي پڻ مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رھي آھي. احساس جي شاعريءَ کي مختلف گلوڪارن پڻ ڳايو آھي، جن مان ثمينه ڪنول، خالد ميرالي، بشير جتوئي، شمع ناز ۽ طفيل علي قابل ذڪر آھن. احساس ميرل جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب تو زندگي چيو ھو ۲۰۱۴ع ۾ ڇپيو. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب جڏھن ھو ذلف ڇوڙي ٿو ۲۰۱۶ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شاعرن جي چونڊ شاعريءَ کي سھيڙي ٻه ڪتاب سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا پڻ مرتب ڪيا اٿائين. جلد پھريون ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو ۽ جلد ٻيو ۲۰۱۸ع ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه احساس جا ٻه ڪتاب ھڪ شاعريءَ تي ۽ ٻيو نثر تي ڇپائيءَ ھيٺ آھن، جيڪي مھيني ٻن ۾ منظر عام تي اچي ويندا.
احساس ميرل غريب گھراڻي جو فرد آھي، تنھنڪري سندس شاعريءَ ۾ احساسِ محرومي، زندگيءَ کان شڪايتون، حسين خواب، زماني جون ٺوڪرون ۽ اھڙي قسم جا موضوع گھڻا ملندا.
خواب، خوشيون، خواھشون گروي رکي،
بس جيئڻ جو آشيانو ڳولجي.
احساس کي غريبيءَ گھڻو ڪجھ سيکاريو آھي، تنھنڪري ھن کي ھر مسڪين سان ھمدردي آھي، مسڪين ۽ غريب سان ٿيندڙ ھر ظلم کي ھن پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آھي.
چئن ماڻھن کنيو لاش مسڪين جو.
شھر سارو ھو ميرل ، نوابن پٺيان
ھر شخص کي پنھنجي امڙ سان بيحد پيار ھوندو آھي، ڇو ته امڙ اھڙو رشتو آھي جنھن جي محبت جا مثال خالقِ ڪائنات پڻ ڏنا آھن. امڙ ٻچي کي پنھنجي ساھ کان وڌ عزيز رکندي آھي. احساس ميرل پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ امڙ جو ذڪر ڪندي ماءُ جو نعم البدل نه ھجڻ جي ڳالھه ڪندي پڙھندڙ کي چوي ٿو ته:
ماءُ جو نعم البدل ٿيندو نه ٻيو،
ڀل وڃي سارو زمانو ڳولجي.
ماءُ پنھنجي ٻچي کي شفقت سان ئي ڏسندي آھي ۽ پنھنجي ٻچي جي لاءِ ھر وقت دعاڳو رھندي آھي. احساس کي به پنھنجي امڙ ھر وقت دعائون ڏيندي رھندي آھي:
مون کي شفقت منجھان سڏيندي آ
ماءُ جا گفتا دعا مثل آھن.
شاعر سماج جو آئينو آھي، سماج جي برائين ۽ ڀلائين تي ھن جي نظر ھوندي آھي. ھو پنھنجي شاعريءَ ذريعي برائين کي ننديندو آھي ۽ سٺي عمل جي تعريف ڪندو آھي. اڄ اسان جو سماج ادب اخلاق جون حدون اورانگھي ويو آھي. ايتري تائين جو نوجوان پنھنجي والدين جو ادب ۽ احترام ۾ وساري ويٺا آھن. احساس پڻ ھن سماج جو شاعر آھي ۽ ھو اھڙن عمل کي ننديندو رھي ٿو:
اڄ پيءُ چيو پٽ کي رُئندي؛
پُٽ! رُئندين تون به پڇاڙيءَ ۾.
عشق ئي زندگي آھي، عشق کانسواءِ زندگيءَ اڌوري آھي. شاعر کي عشق نه لڳي ته اھو ٿي ئي نه ٿو سگھي. عشق ئي ته شاعريءَ جي پيڙھ جو پٿر آھي. عشق اوجاڳا ڪرائيندو آھي، عشق پنڌ ڪرائيندو آھي، عشق سک به آ ته ڏک به، عشق چين به آ ته بي چيني به، عشق قرار به آ ته بي قراري به، عشق زندگي به آ اجل به، عشق اقرار به آ ته انڪار به. احساس ميرل چوي ٿو ته:
عشق سُک آ ، عشق ڏک آ، عشق آھي زندگي،
عشق آ احساس، ٻيو سڀ ڪجھه اجايو دوستو.
عجب آ عشق جو دريا؛ نه تاري ٿو، نه ٻوڙي ٿو.
اڄ اسان جي معاشري کي اھڙو ته واءُ لڳو آھي جو ھر پاسي نفرت ۽ ڪدورت آھي، پيار محبت رھي ناھي. پنھنجي ۾ پنھنجائپ رھي ناھي، ھر پاسي رکائپ ۽ ناسھپ جو ڪوسو واءُ پيو گھلي. پيار ڀري دل رکندڙ ماڻھو ان عمل کي ننديندو ته آھي پر ڪوشش ڪندو آھي رشتن کي ڳنڍڻ جي نڪي ٽوڙڻ جي. ھن وٽ رڳو جوڙڻ جو درس ھوندو آھي، جيئن احساس ميرل وٽ آھي:
دلين کي يار، جوڙڻ سک،
نه ڪر تون ڌار، جوڙڻ سک.
تون ٻن ماڻھن کي ٽوڙڻ جا،
ڇڏي ڪم ڪار، جوڙڻ سک.
ڌرتيءَ سان پيار ھر انسان جو فطري عمل آھي. شايد ئي ڪو اھڙو بي دل انسان ھجي جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ کي وساري ويٺو ھجي. شاعر پنھنجي شاعريءَ جو ڳچ حصو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ سرجيندو آھي. جنھن ۾ ڌرتي ڌڻين جي ڏک سک جو ذڪر ته ڪندو آھي، پر ان کان علاوه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ھر ظلم ۽ ستم کي ننديندو آھي ۽ ظالم حڪمرانن کي ظاھر ڪندي قوم کي سڄاڳي جو درس ڏيندو آھي. احساس ميرل پڻ سنڌي قوم کي انھن لُٽيرن، راشي ۽ ڪرپٽ سياستدانن کان پاڻ بچائڻ جون صلاحون ڏيندي چوي ٿو ته:
لُٽي ھن قوم جو پئسو، ڀريائون پيٽ پنھنجو بس
وٺي رشوت، کڻي دولت غدارن موڪلاڻي ڪئي.
سنڌ ڌرتي سنڌين جي ئي آھي، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ کي ٽوڙڻ جي ڳالھه ٿا ڪن، اھي اصل ۾ ڀليل آھن. انھن کي سنڌين جي غيرت ۽ ھمت جي خبر ڪونھي. سنڌ جو ٻچو ٻچو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جان ڏيندو. احساس ميرل پڻ اھڙن ڪم ظرف ماڻھن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
نه ٽوڙي تون سگھندين، مُڙي وڃ مُڙي وڃ
اڃا تو ڏٺي آ شرافت اسان جي.
احساس ميرل کي پنھنجي سنڌڙيءَ سان بيحد پيار آھي، پنھنجي شاعريءَ ذريعي ھو رب عظيم کان دعا گھرندي چوي ٿو ته :
ھجي سنڌ ميرل پري دشمن کان،
ڪري شال پرورُ حفاظت اسان جي،
رھي سنڌ موليٰ، سلامت اسان جي،
محبت ئي آھي، ثقافت اسان جي.



احساس ميرل

نئين ٽھيءَ جي سدا ملوڪ شاعر سان ڳالھ ٻولھ......

ڳالھ ٻولھ: مسافر هاليپوٽو...

مسافر: پنهنجو مڪمل تعارف؟

احساس ميرل: جي مٺا

ٻانگ جو نالو ميرمحمد،

ولد نور محمد سهتو

جنم ۱۵ ڊسمبر ۱۹۸۴،

 ڳوٺ نئي وسي ضلعو مٽياري، پوءِ ميرل ٿيس اهو سفر هلي اچي احساس ميرل تي پهتو آ...

مسافر: لکڻ جي شروعات؟

احساس ميرل: ۱۹۹۹ع کان.

مسافر: ڇپيل پهرين تخليقَ؟

احساس ميرل: مونکي ڪنفرم ياد ناهي پر پنهنجي هر نئين تخليق کي پهرين  لکڻي  سمجهي سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

مسافر: اوهان جا ڇپيل ڪتاب؟

احساس ميرل: مسافر پيارا منهنجو پهريون شاعري جو ڪتاب، ”تو زندگي چيو هو“ ۲۰۱۴ع، ۽ شاعري جو ٻيو مجموعو ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“ ۲۰۱۶ ۾ ڇپيو، تنهن کان پوء مون فيس بڪ تي تعارفي سلسلو هلايو  جنهنجا ٻه گڏيل  شاعري جا  ڪتاب ڀاڱو پهريون ۲۰۱۷ع ڀاڱو ٻيون ۲۰۱۸ ۾ نالي ”سخنور سنڌ ڌرتيء جا“ ڇپيا جنهن ۾ پوري سنڌ ۽ ھند جا ۳۰۰ سخنور شامل آهن، ۲۰۱۹ ع ۾  منهنجو نثر جو پهريون ڪتاب، ”مان شهر اڏيري ٽيشڻ جو“، ڇپيو  جنهن ۾ سفر ۽ ساروڻيون شامل آهن.

۲۰۲۰ع ۾ منهنجي شاعري جو ٽيون ڪتاب، ”درد گهنگهرو ٻَڌا“، ڇپيو، هاڻ تازو ئي آگسٽ ۲۰۲۰ ۾ طرحي غزل تي ڪتاب، ”ڪيئن الائي عيد آئي“، ڇپيو آهي جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ طرح تي مڪمل پهريون ڪتاب آهي۔

ان حساب سان ٽوٽل ست ڪتاب ڇپيا آهن...

(مسافر واه ميرل واه)

مسافر: اوهان شاعر نه هجو ها ته؟

احساس ميرل: مسافر اهو تڏهن ٻڌايان ها جڏهن شاعر نه هجان ها...

مسافر: ڪهڙا سبب هئا جو اوهان شاعريءَ جي واٽ ورتي؟

احساس ميرل: آئون سمجهان ٿو انسان جي اندر ۾ سوين احساس هوندا آهن جيڪي عشق کان ويندي سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ڏمر ۽ اڻ برابري جي صورت هجن ٿا، جيڪي ماڻهوء کي ڌڪيندي ڌڪيندي ڪنهن دڳ لاهيندا آھن شايد مونکي به ڪنهن اهڙي احساس شاعري طرف آندو..

مسافر: شاعريءَ جي پنڌ ۾ اوهان نئين ٽھيءَ مان ڪيترا مطمئن آھيو؟

احساس ميرل: نئين ٽهيءَ مان وڏي اڪثريت تمام سٺو لکي رهي آهي جنهن کي مٿي تي هٿ رکڻ ۽ جاء ڏيڻ لاءِ سينئرن اديبن ۽ شاعرن کي سوچڻ گهرجي.

مسافر: موجوده سنڌي ادب ڪهڙي معيار جو سرجي يا لکجي پيو؟

احساس ميرل: ڪافي حد تائين بهتر آهي.

مسافر: اوهان جون پسنديده صنفون ڪهڙيون آھن؟

احساس ميرل: غزل، نظم

مسافر: ڪهڙا اُپاءَ وٺجن جن سان سنڌي ادب ترقي ماڻي سگھي؟

احساس ميرل: رائيٽرن کي حق ملڻ گهرجي اسان کي ڪتاب ڇپائي ورهائڻان نه پون...

تخليقي بنيادن تي اسان جي ادارن کي نوجوانن لاءِ راهون هموار ڪرڻ گهرجن دنيا جي ادب،ٻولين ۽ مشاعرن جي محفلن ۾ سنڌي سينئر ۽ جونئير نوجوانن کي جڳھ ملڻ گهرجي.

۽ اسان کي لائبريرين جو تعداد وڌائڻ گهرجي جتي مطالعي جو رجعان وڌي ۽ اسان کي دنيا جي ادب جي به ڄاڻ ملي.

مسافر: سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڪٿي بيٺل ٿا ڏسو بحيثيت هڪ شاعر جي؟

احساس ميرل: مسافر ماري وڌئي.... حقيقت اها آھي ته مون ڪجھ ڪهاڻيون لکيون به آھن پر نه ڪٿي ڇپايون آھن نه ئي فيس بڪ تي شيئر ڪيون اٿم، اصل ۾ ڪهاڻي صنف مطالعي ۾ به گھٽ رهي آھي ان ڪري شايد بهترين راءِ نه ڏئي سگھان پوءِ به ايترو چوندس ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي مات ناهي اچڻي..

مسافر: ادب ۾ تنقيد جو عمل ڪيترو ضروري آھي؟

احساس ميرل: تنقيد کان سواء اسان جي لکڻي ۾ ڪافي جهول رهجي ٿا وڃن پر تنقيد براءِ اصلاح هجي اڄ ڪلھ تنقيد تخليق تي نه پر شخصيت تي ٿئي ٿي.

مسافر: هڪ بهترين نقاد ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون هجڻ ضروري آھن؟

احساس ميرل: بهترين نقاد ۾ سڀ کان پهرين ته ٻولي تي دسترس حاصل هجي جنهن به صنف تي ڳالهائي ان ۾ مهارت هجيس ۽ تخليقڪار کي تخليق متعلق واضع نموني سمجھائي سگھي، ۽ سندس تنقيد تخليق تي هجي شخصيت تي نه هجي..

مسافر: هڪڙا شاعر خيال جي اڏار کي ترجيح ڏيندا آھن ته ٻيا عروض کي، اوهان ڇا ٿا چؤ؟

احساس ميرل: منهنجي خيال ۾ ٻئي صحيح آهن اسان  کي صرف اها سوچ  ڪرڻ گهرجي ته جيڪو خيال جنهن صنف جو هجي ان کي اتي رکجي، ٺيڪ آ اوهان کي سٺو تخيل ذهن ۾ اڀري  ٿو اچي ۽ اهو عروض ۾ فٽ نٿو اچي ته ان کي نثر طرف کڻي وڃو

مسافر: پنهنجي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ واري عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

احساس ميرل: ڏسو اصل ڳالھ آهي بيهڪ جي اوهان کي پنهنجي شعر يا ٻي لکڻي لاء ڌاري ٻولي جو لفظ سٺو ٿو لڳي ته ان ۾ ڪو به هرج ناهي صرف معيار جو خيال هجي.۔۔ اهو منهنجو خيال آھي ضروري ناهي سڀ مون سان متفق هجن! پر مثال وٺو لطيف سرڪار جو هي بيت ڏسو؛

”ديکيندي“ ديدار کي، قل سُڃاڻي ڪيئن.

جانب منهنجا جيئن،  ماهر ئي  منجهي پيا..

مسافر: شاعر قومن جي اصلاح جا ذميوار هجن ٿا ان حوالي سان موجوده وقت ۾ اسان جي تعليمي معيار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

احساس ميرل: بلڪل شاعر قومن جي اصلاح جا ذميوار ٿين ٿا پر اڄ جو نوجوان تاريخ ۽ ادب کان گهڻو پري آهي جنهنجو سبب ڪاپي ڪلچر آهي  

منهنجي خيال ۾  اسان سڀ ان قومي ڏوھ ۾ برابر جا شريڪ  آهيون..

مسافر: ڀلا تعليم جي هلندڙ نظام ۾ سڌارا ڪيئن آڻجن؟

احساس ميرل: مسافر اسان وٽ سڄو سسٽم بگڙيل آھي تعليم جي تباه حال نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ پهريون قدم اهو هوندو جو ووٽ ڏيڻ وقت ٻچن جو مستقبل سامهون رکي ضمير کان پڇي معياري نمائيدا مقرر ڪجن

مسافر: شاعري ۾ ڏات ۽ الهام واري ڳالھ کي مڃو ٿا؟

احساس ميرل: بلڪل سؤ فيصد ڏات الهام جو روپ آهي۔ اسان جي شعرن ۾ اھڙا اهڙا لفظ  اچن ٿا جيڪي اسان جا ڪنهن به ڪتاب ۾ پڙھيل ناهن هوندا، اهو سڀ قدرت طرفان  عنايت ٿئي ٿو۔۔ جنهن کي الهام چئجي ٿو

مسافر: اوهان نئين ٽھيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪنهن ڪنهن کان متاثر رهيا آھيو؟

احساس ميرل: نالا ڪيترا کڻجن کوڙ دوست ڏاڍو بهترين ادب لکي رهيا آھن جيڪو ڏاڍو متاثر ڪندڙ ھجي ٿو..

مسافر: پنهنجي ادبي سفر مان ڪيترو مطمئن آھيو؟

احساس ميرل: ادبي سفر ۾ اهي پيار محبتون مليون آهن جن کي زندگي جو سرمايو سمجهان ٿو

باقي دل جي ڳالھ اها آهي ته مون اڃا سفر جي ابتدا ڪئي آهي اڃا ڪافي سفر ڪرڻو اٿم

مسافر: شاعر ٿيڻ لاءِ ڇا ضروري آھي علم، عشق، حساس دل، يا استاد ؟

احساس ميرل: منهنجي خيال ۾ شاعر ٿبو ناهي ماڻهو ڄائي ڄمندي شاعر هوندو آهي جنهنکي وقت ظاهر ڪندو آهي..

مسافر: پڙھندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

احساس ميرل: محبتون ورهايو

جتي به هجو خوش هجو

دعائن لاء جڏهن به هٿ کڻو اسان کي نه وسارجو۔۔۔!!

 

(ماهوار همسري مئگزين  جي سيپٽمبر ۲۰۲۰ع واري پرچي ۾ ٿيل ڳالھ ٻولھ/ انٽرويو) 



احساس ميرل

۱۵ ڊسمبر ۲۰۱۸ ع تي پياري ڪمال اوٺي جي ٿيل ڳالھ ٻولھ

ڳالھ ٻولھ: ڪمال اوٺو

سوال: پنھنجو تعارف ڪرايو

جواب: پيارا پنهنجي بابا سائين ۽ امڙ سانئڻ مونتي ٻانگ جو نالو ميرمحمد رکيو

جيڪو اڳتي هلي احساس ميرل ٿي ويو

سوال: اوھان جي خواھش ڪا پوري نٿي ھجي

جواب: مونکي ننڍي هوندي کان ئي موسيقي ٻڌڻ جو شوق هوندو هو جڏهن هوش سنڀاليم ته فوزيه سومرو جو مڌر آواز منهنجي شوق کي شاعري طرف وٺي آيو بس هڪ ارمان رهجي ويو آئون پنهنجي شاعري فوزيا سومرو کان ڳارائي نه سگهيس اھا خواھش رھجي وۂي

سوال: اوهان جو ادب ڏانھن لاڙو ڪيئن ٿيو

جواب: منهنجي خيال ۾ انسان جي اندر ۾ جيڪا اُٿل پٿل ٿئي ٿي جنهنکي اظهار چيو وڃي ٿو اهو اظهار هر ماڻهوءَ جو الڳ الڳ ٿئي ٿو آئون سمجهان ٿو ٻين جي دردَکي اجاڳر ڪرڻ لئه الله پاڪ مونکي ڏات ڏني آهي

سوال: اوھانجي ننڍپڻ جو ڪو واقعو جيڪو اڄ ب اوھان کي وسريو نَه ھجي

جواب: مونکي منهنجو ننڍپڻ هڪ اهڙو واقعو ٿو لڳي جيڪو ڪڏهن به ڪين وسرندو ان لاءِ آئون پنهنجو هي شعر عرض ڪندس ته

جوڀن جا ڪئين سپنا آڇي،

وقت کسي ويو بچن آخر

سوال: نوجوان شاعري لکن پيا اوھان ان مان ڪيترا مطمئن آھيو ؟

جواب: مٺا ڪمال اڄ جو نوجوان تمام سٺو لکي رهيو آهي بس اسان جي سينئرن کي اسپيس ڏئي انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ کپي

سوال: شاعري جو سفر ڪڏھن کان شروع ڪيو ۽ ڪھڙن فنڪارن شاعري ڳائي؟ ڪيترا شعر لکيا آھن ۽ ڪھڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ شاعري ڇپي آھي؟

جواب: پيارا مون شاعري جي شروعات ۱۹۹۹ ۾ ڪئي منهنجي شاعري سنڌ جي تقريبن هر اخبار مئگزين رسالن ۾ ۽ هندستان جي ڪجھ اخبارن ۾ ڇچي آهي ان کان سواء منهنجو شاعري جو پهريون ڪتاب ( توزندگي چيو هو) ۲۰۱۴ ۾ ۽ شاعري جو ٻيو ڪتاب ( جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو ۲۰۱۶۾ ڇپيو ۲۰۱۷ ۾ سنڌ جي ۳۰۰ سخنورن جا گڏيل ۲ ڪتاب ( سخنور سنڌ ڌرتيء جا) ڀاڱون پهريون ۲۰۱۷ ۽ سخنور سنڌ ڌرتي جا ڀاڱون ٻيو ۲۰۱۸ ۾ ڇپيو آهي ٻه ڪتاب ٻيا به تيار آهن هڪ شاعري جو هڪ نثر جو جيڪو انشاء الله سال کن ۾ ڇپجي ويندا باقي منهنجي شاعري ڪجھ فنڪارن ڳائي آهي انهن ۾ ثمينه ڪنول. بشير جتوئي، خالد علي ميرالي، شمع ناز، ۽ طفيل علي ڳائي آهي حسرت اٿم ته منهنجي شاعري ميڊم عابدا پرين، ۽ استاد شفع فقير ڳائي

سوال: ماڻھو چوندا آھن ته عشق نه ڪرڻ کان سواءِ شاعر ٿئي نٿو سگھي ان بابت اوھان ڇا چوندا؟

جواب: بلڪل ادا عشق کان سواء ته عبادت به ڪم جي ناهي آئون سمجهان ٿو منهنجي شاعري پنهنجي ڌرتي سان عشق جو ثبوت آهي.

سوال: اوھانجي ڪاميابي م ڪنھنجو ھٿ آھي؟

جواب: پيارا منهنجي ڪاميابي جو سبب منهنجي جيجل ماءُ آهي جنهنجي دعائن جا لفظ عرش کي عُبور ڪندا آهن.

سوال: اوھانجو استاد ڪير آھي شاعري ۾ ڪنھن کان سِکيا ورتي؟

جواب: پيارا ڏات خدا طرفان عنايت ٿيندي آهي باقي ڏانءُ سکڻون پوندو آهي هون ته ماڻهو جنهن کان هڪ لفظ به سکي ته اهو ان جو استاد هوندو آهي پر باقائدي شاعري جا لوازمات سائين امين اڏيرائي کان سکيا آهن منهنجو ادبي استاد سائين امين اڏيرائي آهي

سوال: جونئيرن جو چوڻ آهي ته سينئرن جو رويو سٺو ناھي جونئيرن سان ان بابت اوھان ڇا چوندا؟

جواب: پيارا اهو مون پهرين عرض ڪيو ته اسان جي سينئرن کي اسپيس ڏيڻ کپي پر اسان جو به فرض آهي ته پنهنجي موحسنن جي عزت ڪيون.

سوال: شاعري جي جھان م اچڻ کانپوءَ ڇا حاصل ڪيو اوھان؟

جواب: ادب جي دنيان ۾ تمام گهڻي عزت ملي مونکي شاعري سڄي سنڌ ۽ ٻاهر سڃاڻپ ڏني آئون پاڻ کي تمام گهڻو امير سمجهندو آهيان ڇو ته منهنجا دوست تمام گهڻا آهن.

سوال: اوھانجي پنھنجي اولاد کي ادب ڏانھن آڻڻ چاھيندا.

جواب: بلڪل ادا ادب کان سواء ٻيو ڪجھ نه ناهي علم ته ابليس وٽ به تمام گهڻو هيو پر ادب کان خالي هو.

سوال: پيار محبت بابت ڇا چوندا؟

جواب: پيار زندگي آهي ۽ محبت زندگيء جي ضمانت.

سوال: اوھانجي سياست ساڻ دلچسپي آھي

جواب: سياست سان ڪا خاص دلچسپي ناهي پر پنهنجي ديس جا هال ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي

سوال: سنڌ ۾ نياڻي ڄمڻ سان ماڻهون خوش ناهن ٿيندا پر پٽ ڄمڻ تي ڏاڍا خوش ٿيندا آھن ان بابت اوھان ڇا چوندا

جواب: آئون بس ايترو چوندس ته جنهن گهر ۾ نياڻي ناهي ڄمندي اهو گهر رحمتن کان خالي هوندو آهي

سوال: زندگي ۾ ڪو اھڙو ڏک ڏٺو جو اڻوسرندڙ ھجي

جواب: ڏک ۽ سک زندگي جو حصو آهن پر مونکي الله پاڪ ايترا ته سک ڏنا آهن جو ڏکن کي ياد ڪرڻ جو موقعو ئي ناهي ملندو

سوال: آخر ۾ پرھندڙن لاءِ ڪھڙو پيغام ڏيندئو

جواب: آخر ۾ اهوئي پيغام ته جيترو به ٿي سگهي هڪ ٻي سان پيار ڪيو ڪوشش ڪيو ته اوهان جي زبان ۽ هٿ کان ٻيو ماڻهون محفوظ رهي.

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا