; سنڌي شخصيتون: احساس ميرل، سعيد چانڊيو، مسافر هاليپوٽو، ڪمال اوٺو،
Showing posts with label احساس ميرل، سعيد چانڊيو، مسافر هاليپوٽو، ڪمال اوٺو،. Show all posts
Showing posts with label احساس ميرل، سعيد چانڊيو، مسافر هاليپوٽو، ڪمال اوٺو،. Show all posts

01 September, 2019

احساس ميرل

احساس ميرل
حساس طبيعت جو مالڪ
سعيد چانڊيو
شاعر جو تخليقي ڪارنامو انھن حقيقتن جو عڪس ھوندو آھي، جيڪي سماج ۾ مروج ھونديون آھن. اُھي حقيقتون دنيا جو حسن، خوبصورتي، چمن، چراگاھون، گلزاريون، گلڪاريون، سمنڊ، نديون، نئيون، واديون، ڍنڍون، ڍورا، بحر، بيابان، ريگستان، جبل، پھاڙ، ٽڪريون، ماٿريون، ٿر، بر، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاھ، گل ۽ ٻيا قدرتي نظارا ھوندا آھن، جيڪي ڪشش جو سبب بڻبا آھن . ھن جي شاعريءَ جا موضوع اميد ۽ مايوسي، خواب ۽ خواھشون، آسون، امنگون، رنگ ۽ رتيون، بھار، خزان، سردي، گرمي، سرءُ، سرنھن جا پيلا گل، پيار محبت، شڪوا، شڪايت، سرچاءُ، رسامان، چنڊ، چانڊوڪي، اڪيلائي، ويراڳي، نشيلا نيڻ، ڪڪر، بارشون، بوندون، وڏڦڙا، کنوڻ، گجگوڙ ھوندا آھن. شاعري شاعر جي زندگيءَ جي غير مرتب تاريخ ھوندي آھي، جنھن ۾ شاعر جا داخلي ۽ خارجي، فڪري ۽ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي مطلب ته ھر پھلو ظاھر ٿي سامھون ايندا آھن. شاعر جي شاعري ئي سندس آتم ڪٿا آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي زندگي جا عڪس چٽيندو آھي. سندس شاعريءَ ئي حياتيءَ جي آرسي آھي، جنھن ۾ سندس زندگي جا واقعا ۽ وارتائون پسي سگھجن ٿا. شاعر سماج جو اھو فرد ھوندو آھي، جنھن کي سماجي بھتريءَ جو گھڻي کان گھڻو اونو ھوندو آھي. تنھنڪري ئي ھڪ سٺي ۽ سماجي درد رکندڙ شاعر جي شاعريءَ سماجي برائيءَ، ظلم ۽ ستم، ناانصافيءَ ۽ حق تلفيءَ خلاف ھٿيار ثابت ٿيندي آھي.