سيد رسول بخش شاهه
لطيف جو پارکو ۽ تعليمي
ماهر
علي ڏنو جروار
سنڌ سونهاري هر دور
۾ ڪيترا ئي اديب، دانشور، ڏاها، اهلِ علم ۽ تعليمي ماهر پيدا ڪيا آهن، جن مان هن وقت
سيد رسول بخش شاهه به اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ ايليمينٽري
اسڪولس، هاءِ اسڪولس ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولس حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. ان
جو سڀ کان اهم ڪارنامو ۽ ڪردار هي آهي ته هن حيدرآباد ريجن جي سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري
۽ ايليمينٽري اسڪولن اندر گذريل ڪجهه سالن کان لطيف شناسيءَ جو هفتو ملهائڻ جو
انعقاد ڪيو آهي. سندس اهو ڪارنامو تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙو آهي. انهيءَ هفتي
دوران حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ لطيف شناسيءَ جا تقريري مقابلا لطيف جا بت پڙهڻ
يعني بيت بازيءَ جا مقابلا، لطيف جي شاعري تي خطاطي، لطيف جي سورمين ۽ ٻين ڪردارن
بابت سوالن جوابن جهڙا پروگرام شامل آهن. جن حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ نواڻ پيدا ڪري
ڇڏي آهي. ڇو ته ان کان اڳ سنڌ جي ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ اهڙو ڪوبه
سلسلو باقائدگيءَ سان ۽ رٿابنديءَ سان شروع نه ڪيو ويو آهي. مختلف هنڌن تي مختلف وقتن
مطابق اهڙي قسم جا پروگرام ته ٿيندا رهندا آهن پر انهن کي باقائدگيءَ سان ڪا ترتيب
ڏنل نه هوندي آهي. هي پهريون موقعو آهي جو سائين رسول بخش شاهه ذاتي طور تي ڪوششون
ڪري اهڙي قسم جو سلسلو شروع ڪيو آهي. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي تعليمي آفيسر ۽ ٻين کاتن
جا آفيسر موجود آهن، جيڪي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر سان ته ضرور لاڳاپيل رهيا آهن، پر
اهي اهڙي قسم جي پروگرامن ڪرڻ کان پاسيرا رهيا آهن. سائين رسول بخش شاهه صاحب جن
کي جس هجي جن اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ۽ پاڻ انهن پروگرامن
۾ باقائده ٽائيم سان طئي ڪيل هنڌن تي پهچندو ر هيو آهي.
لطيف سائين به
پنهنجي شاعري ۾ اهڙن ئي ڪردارن لاءِ لکيو آهي ته:
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا
اچن،
کڙيون، که ڀڪليون، پگهر
سر پيرن،
ايءُ وڙ ويڙهيچن،
مون لوڏائين ليکيا.
سو لطيف سائين به
پنهنجن پارکن، پوئلڳن، عقيدتمندن ۽ شناسائن جا پار پتا ۽ اهڃاڻ به ڏسيا آهن ته
مونکي چاهيندڙ هن انداز وارا هوندا. يقينن سائين رسول بخش جنهن قسم جو ڪردار نڀائي
رهيو آهي، اهوئي هڪ قسم جو مثالي ڪردار آهي، جنهن ۾ پاڻ لطيف سائينءَ جي شاعري
سندس سورمين ۽ ٻين ڪردارن کان قوم جي معمارن يعني شاگردن کي انهن کان آشنا ڪرڻ ۾
اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس انهيءَ ڪردار جي ڪري ڪيترن ئي هنڌن تان ۽ ادارن
طرفان مڃتا ۽ مانُ پڻ کيس ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ اڄ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ صوفي
فائونڊيشن پاران ڏنل آجياڻي ۾ کيس مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي ويندي ۽ سندس ڪردار بابت
سنڌ جون علمي، ادبي ۽ تعليمي شخصيتون روشني وجهنديون.
ياد رهي ته هي شيون
اهڙن ئي ماڻهن کي نصيب ٿينديون آهن يا اهڙن ئي جي حصي ۾ اينديون آهن، جيڪي سدائين
حق، سچ، روشني جي راهه ۾ پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن. کين ڪنهن به قسم جي اجوري يا شهرت
جي گهرج نه هوندي آهي. ان سلسلي ۾ بلغاريه جي عظيم شاعر نڪولا واپتساروف جون هي سٽون
پيش ڪجن ٿيون، جيڪي هن ڪنهن اهڙي ئي مهل ۽ موقعي لاءِ سرجيون آهن.
انهيءَ دک جي، پيڙا
جي قيمت نٿا گهرون
عيوضي ۾ ڪنهن
اجوري، شهرت جي گهرج ناهي
نه ئي ڪئلينڊر جي
تصوير بڻجڻو اٿئون.
بس جي اسان کان پوءِ
اچن کين ايترو چئجو،
هڪ زندگي، هڪ مورت،
هڪ ڪلپنا گهڙيندا رهياسين،
روشنيءَ لاءِ اونداهي
۾ وڙهندا رهياسين.
سائين رسول بخش شاهه
به اهڙو ئي ڪجهه عمل ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو ڪنهن به قسم جي ڪا گهرج ۽ طمع نٿو
رکي. کيس چڱيءَ ريت خبر آهي ته طمع ۽ طلب جي تنوار مان ڇا حاصل ٿيندو آهي، تنهن ڪري
هو انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ٿي لطيف جي خدمتگارن جي لسٽ ۾ خاموشيءَ سان پنهنجو
نالو لکرائي چڪو آهي. کيس لطيف سائين جي هيٺين سٽن کان چڱيءَ ريت واقفيت آهي ته جيڪڏهن
انسان پنهنجي لاءِ ڪا شيءِ گهرندو يا ڪا لالچ، طمع ۽ طلب ڪندو ته پوءِ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو، ان
سلسلي ۾ لطيف سائين جون هي سٽون عرض ڪري سگهجن ٿيون ته:
طلب جي تنوار، متان
ڪرين، مڱڻا،
ڌڪي ڪندئي ڌار، موتي
ڏئي مٺ ۾.
تنهن ڪري سائين رسول
بخش شاهه پنهنجو پاڻ کي رڳو لطيف سائين جي خدمت ڪرڻ تائين محدود رکيو آهي، وڌيڪ ڪنهن
به قسم جي ڪا لوڀ يا لالچ نه رکي آهي. هن فقط ۽ فقط لطيف جي ڪردارن، سورمين، سرن ۽
داستانن کان سنڌ جي سڀ کان وڏي ڊويزن جنهن ۾ ۹ ضلعا شامل آهن، تنهنجي شاگردن کي واقفيت ڏيڻ
جو سلسلو شروع ڪيو آهي، پر سندس هي مقصد ضرور آهي ته سنڌ جا ماڻهو ۽ حيدرآباد جا
ماڻهو خاص طور تي شاگرد منهنجو مقصد سمجهن. ان سلسلي ۾ ماياڪو فسڪي جون هي سٽون
عرض ڪجن ٿيون ته:
مان چاهيان ٿو منهنجي
ڀومي مونکي سمجهي،
پر جيڪڏهن ائين نه
به ٿيو ته خير آهي.
آئون پنهنجن اباڻن
پوٺن تان،
ائين گذري ويندس، جيئن
ترڇو مينهن.
No comments:
راءِ ڏيندا