سيد رسول بخش شاهه
لطيف جو پارکو ۽ تعليمي
ماهر
علي ڏنو جروار
سنڌ سونهاري هر دور
۾ ڪيترا ئي اديب، دانشور، ڏاها، اهلِ علم ۽ تعليمي ماهر پيدا ڪيا آهن، جن مان هن وقت
سيد رسول بخش شاهه به اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ ايليمينٽري
اسڪولس، هاءِ اسڪولس ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولس حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. ان
جو سڀ کان اهم ڪارنامو ۽ ڪردار هي آهي ته هن حيدرآباد ريجن جي سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري
۽ ايليمينٽري اسڪولن اندر گذريل ڪجهه سالن کان لطيف شناسيءَ جو هفتو ملهائڻ جو
انعقاد ڪيو آهي. سندس اهو ڪارنامو تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙو آهي. انهيءَ هفتي
دوران حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ لطيف شناسيءَ جا تقريري مقابلا لطيف جا بت پڙهڻ
يعني بيت بازيءَ جا مقابلا، لطيف جي شاعري تي خطاطي، لطيف جي سورمين ۽ ٻين ڪردارن
بابت سوالن جوابن جهڙا پروگرام شامل آهن. جن حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ نواڻ پيدا ڪري
ڇڏي آهي. ڇو ته ان کان اڳ سنڌ جي ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ اهڙو ڪوبه
سلسلو باقائدگيءَ سان ۽ رٿابنديءَ سان شروع نه ڪيو ويو آهي. مختلف هنڌن تي مختلف وقتن
مطابق اهڙي قسم جا پروگرام ته ٿيندا رهندا آهن پر انهن کي باقائدگيءَ سان ڪا ترتيب
ڏنل نه هوندي آهي. هي پهريون موقعو آهي جو سائين رسول بخش شاهه ذاتي طور تي ڪوششون
ڪري اهڙي قسم جو سلسلو شروع ڪيو آهي. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي تعليمي آفيسر ۽ ٻين کاتن
جا آفيسر موجود آهن، جيڪي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر سان ته ضرور لاڳاپيل رهيا آهن، پر
اهي اهڙي قسم جي پروگرامن ڪرڻ کان پاسيرا رهيا آهن. سائين رسول بخش شاهه صاحب جن
کي جس هجي جن اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ۽ پاڻ انهن پروگرامن
۾ باقائده ٽائيم سان طئي ڪيل هنڌن تي پهچندو ر هيو آهي.
