گل حسن ڪلمتي
جنھن جي لاڏاڻي تي اسين
سڀ سوڳوار آهيون
ايڊيٽوريل
سنڌ جو ناليوارو
اديب ۽ محقق گل حسن ڪلمتي ڪالهه فجر وقت ڳچ عرصو موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ ڊائو
اسپتال ۾ علاج دوران وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز گڏاپ جي ملان عرضي بلوچ ڳوٺ ۾
ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.گل حسن ڪلمتيءَ جي وڇوڙي سڄي
سنڌ کي سوڳوار ڪيو آهي سندس علمي ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون سدائين
ياد رکيون وينديون.
گل حسن ڪلمتي
پنهنجي روين ۾ وڏو سادگي وارو ۽ رواجي ماڻهو هو جنهن ڪراچي سنڌ جي مارئي ڪتاب لکي
پنهنجو نالو سنڌ جي چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ تاريخدان ۾ لکايو. گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ع ۾ گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ ۾ جنم
ورتو، هن شاگرديءَ واري دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو هو، هن ايس ايم آرٽ ڪاليج ڪراچيءَ
۾ ۱۹۴۷ع ۾ داخلا ورتي هئي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. گل
حسن ڪلمتيءَ ۱۹۸۳ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان جرنلزم ۾ ماسٽرز ڪئي، ان وقت ڪراچي يونيورسٽي ۾
هن شعبي ۾ رڳو ٻه سنڌي شاگرد آهي. جن ۾ هڪ گل حسن ڪلمتي ۽ ٻيو اظهر ابڙو جيڪو جمال
ابڙي صاحب پٽ ۽ بدر ابڙي جو ڀاءُ هو. هن شاگردي واري زماني ۾ سياست نيشنل اسٽوڊنٽس
فيڊريشن (اين ايس ايف) ذريعي ڪئي بعد ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ( سي ايس او) جوائن
ڪئي سنڌ جي حقن ۽ دفاعي سياست کان بي ايس او جو پري هجڻ سبب هن جا انهن سان اختلاف
ٿيا جنهن کانپوءِ هن رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ بطور همدرد ڪم ڪيو. هو سنڌ
جي قومپرست سياست ۾ همدرد طور جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ سان رهيو بعد
۾ هن سياست کي الوداع ڪيو.
نوي جي ڏهاڪي ۾
روزاني عوامي آواز جي صفحي مورڙي جي ماڳ ۽ ادبي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو هن ڪراچيءَ جي
ٻهراڙين جي تاريخ ۽ ان جي ڄاڻ تاريخ ماڳ مڪانن قبيلن ۽ علائقي جي جاگرافي بابت
صفحي ۾ وسيع معلومات پنهنجي پڙهندڙ کي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان مهيا ڪئي جيڪا
اڳتي هلي سنڌ جي روينيو کاتي ان گڏ ڪيل معلومات کي پنهنجي رڪارڊ جو حصو بڻايو.
سنڌ جي تاريخ سان
اهو الميو آهي ته سنڌ جي تاريخ اڪثر ڌارين جي لکيل آهي يا وري رنگين داستانن سان ڀريل
آهي، اها تاريخ درٻاري ۽ مذهبي شيدائن جي مذهب جي پويترتا ۾ ويڙهيل ۽ نجومين جي ڳالهين
سان ڀريل ڪٿائن کان علاوه ڪجهه به ناهي. گل حسن ڪلمتيءَ هڪ پورهيت پيءَ جو پٽ هو
جنهن جو تعلق ملير جي گاپ واري علائقي سان هو هن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقن
جي تاريخ سهيڙڻ جي شروعات ڪئي اهو اسان لاءِ هڪ اتساهه هو. گل حسن ڪلمتي طبقاتي
طور اسان مان هو. جنهن مقامي ماڻهن جي ماضيءَ انهن جي تاريخ ۽ ماڳ مڪانن کي پنهنجي
تحقيق ذريعي بچائڻ لاءِ قلم ذريعي جنگ جوٽي هن کاهوڙي ماڻهوءَ سڀني کي اچرج ۾ وجهي
ڇڏيو. هن ڪراچيءَ جي تاريخ جي سڀني ڪردارن، جيڪي مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ هئا
انهن کي هيرو ڪري پيش ڪيو، جن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ترقي لاءِ جاکوڙ ڪئي ڌاريا
جڏهن به ايندا آهن ته اهي مقامي ماڻهن جي ماضيءَ ۽ انهن جي تاريخ، انهن جي ماڳ مڪانن
کي بدلائيندا آهن پر گل حسن ڪلمتي ڪراچيءَ جي تاريخ ورجائي ان کي آزاد ڪرايو.
ڪراچيءَ جي تاريخي ڪردارن
تي لکڻ لاءِ اوهان کي ڪو به ڪتاب ريفرنس طور نه ملندو سواءِ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب
“جنم گذاريم جن سين” ۽ پير علي محمد راشدي جي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” جي ان کان
اڳ ۽ پوءِ ڪراچي جي ڪردارن جي ڪا تاريخ ڪونه هئي. گل حسن ڪلمتي محنت ڪئي، هن
ميونسپل جو پراڻو رڪارڊ، پراڻيون اخبارون ۽ ذڪر ڪيل شخصيتن جي وارثن سان رابطو ڪيو،
پراڻا ماڳ مڪان، تاريخي عمارتن، پاڙن، ڍنڍن ڍور، ندين تي تحقيق ڪري ان کي ڪتابي شڪل
ڏني.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪراچيءَ تي سنڌين جي وارثي واري حق جو دستاويز لکت ۾ ڪتاب
جي صورت ۾ جنهن شخص ڏنو ان محقق ۽ محسن جو نالو گل حسن ڪلمتي آهي.
گل حسن ڪلمتيءَ ڪراچي
شهر ۾ پناهه وٺندڙن کي هن جديد دور ۾ تاريخي طور هڪ ٻيو ڪتاب ڏئي سندن ڪوڙين
دعوائن کي رد ڪيو، جيڪي پنهنجي چرند زبان سان ڪراچيءَ کي ٺاهڻ جو ناٽڪ زور شور سان
هر آئي ڏينهن ڪندا رهندا آهن. “ڪراچي جا لافاني ڪردار” سنڌ ڪتاب هڪ اهڙو دستاويز
آهي. جيڪو ۷۰ سالن ۾ هڪ تهذيب جوڙيندڙ هجڻ جو هوڪو ڏيندڙن لاءِ لکت ۾ جواب آهي. ۽ سنڌ ڌرتيءَ
جي وارثن لاءِ اعتماد پيدا ڪندڙ آهي ته ئي هن شهر جا خالق به اهي آهن ته اڏيندڙن
به آهن ۽ روشنين جو شهر بڻائيندڙ به جن هن شهر ڪراچيءَ کي تهذيب جو شهر بڻايو،
عالمي واپاري جي منڊي بڻائي ۽ امن ۽ محبتن جو شهر بڻايو.
گل حسن ڪلمتيءَ جا ڪتاب
اسان لاءِ هڪ حوالي سان قانوني اٿارٽي جي حيثيت رکن ٿا. هن پنهنجي تاريخي ۽ تحقيقي
ڪتابن ۾ ڪراچي سنڌ جي مارئي کانپوءِ “ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار” ۾ جن پنجويهن ڪردار
جو ذڪر ڪيو آهي اهي اسان جا آهن ۽ ڪراچي شهر جا محسن آهن. هن پنهنجي لکڻين ذريعي
اسان کي اعتماد ڏياريو ۽ تاريخ جي پڙهندڙن ڀرپور اتساهه ڏنو. ان سان ڪراچي ۾ رهندڙ
سنڌين جي مايوسي کي گهٽايو ۽ ويڳاڻپ مان ڪڍيو سندس هن ڪتاب کي سنڌ حڪومت جي گهرجي
ته تعليم کاتي ذريعي نصاب جو حصو بڻائي.
گل حسن ڪلمتي نه رڳو
پنهنجي لکڻين ذريعي پر عملي طور به سنڌ جي حقن ۽ ڪراچيءَ جي مالڪي ڪرڻ ۽ ڌاري آبادڪاري
خلاف جدوجهد ۾ سدائين اڳين صف ۾ رهيو. گل حسن ڪلمتي سنڌ جو فخر لائق فرزند جاکوڙي
محقق، تاريخدان، ادبي ۽ سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس جو باني ميمبر ۽ سنڌ جي قومي
مسئلن تي متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ دوست عالم ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو. هن سنڌي ٻولي
کي تاريخ ۽ ادب تي بهترين ڪتاب ڏنا جن ۾ ڪراچي سنڌ جي مارئي، ڪالاش ڪافرن جو ديس، ڪراچي
جا لافاني ڪردار، سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌوءَ جي سفر ڪهاڻي، سسئيءَ جي واٽ، هڪ رٺل
شهر جي ڪهاڻي، ڪراچي: انگريز دور جون عمارتون سان گڏ ٻارنهن ڪتاب شامل آهن. سنڌ جي
کاهوڙي ڪردار کي سنڌ اسيمبلي ۾ سندس ڪيل خدمتن تي خراج تحسين به پيش ڪيو ويو هو جيڪو
سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي گڏيل طور منظور ڪيو ويو هو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
ڪراچيءَ جي مؤرخ جو لاڏاڻو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو
محقق، اديب ۽ تاريخ جو ڄاڻو گل حسن ڪلمتي گذريل ڏينهن وفات ڪري ويو. ھو جنوري جي
مهيني کان وٺي شديد عليل ٿي چڪو ھو. سندس طبيعت ۾ ڪجھ ڏينهن بھتري آئي پر وري
اوچتو بگڙي وئي. گل حسن ڪلمتي ھيء جھان ڇڏي ويو، جنھن سان جيترو سندن پونيرن کي
نقصان ٿيو اوترو ئي سنڌي ادب جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جيڪو خال ڀرجڻ ڏکيو آهي. ھن ڪراچي
جي تاريخ کي جيئن بيان ڪيو ڪنھن ٻئي وٽ ايتري ڄاڻ نه هئي. گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ع تي، ڪراچي جي قديم وسنديء، گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ
حاجي عرضي بلوچ ۾ جنم ورتو، گل حسن ڪلمتي جو والد محمد خان هڪ پورهيت هو، جنھن سخت
محنت ڪري سبزي منڊي ڪراچي ۾ هڪ دڪان خريد ڪيو، جتان هو پنهنجي ننڍڙي ڪاروبار ذريعي
گذر سفر جو بندوبست ڪري ڪٽنب جو پيٽ پاليندو هو.
گل حسن ڪلمتي ننڍي
هوندي کان ئي پڙھڻ لکڻ سان لڳاء رکندو ھو، تنھن ڪري ھن شاگرديءَ واري دور ۾ ادبي دنيا
۾ پير پاتو. هن ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي ۾ ۱۹۷۴ع ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي
ميگزين ۾ هن سنڌي ادب تي لکيو. هن کي ڪاليج جي ادبي سرگرمين مان اتساهه مليو، جنھن
جي ڪري هن ڪراچي مان جاري ٿيندڙ هڪ سنڌي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۷۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾
داخلا ورتي، جتان ۱۹۸۲ع ۾ ماسٽرز ڪيائين.
گل حسن ڪلمتي، ڪراچي
يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست ۾ پڻ بھرو ورتو ۽ ابتدائي طور تي نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن
(اين ايس ايف) جو ڪارڪن بڻجي سياست شروع ڪيائين، بعد ۾ هن بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن
(بي ايس او) جوائن ڪئي پر ڪجھ عرصي کانپوءِ ھن جا ان تنظيم جي نظريي سان اختلاف ٿي
پيا. جنهن بعد هن، رسول بخش پليجو جي سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو،
گل حسن ڪلمتي ۱۹۸۴ع ۾ جيئي سنڌ محاذ(آريسر گروپ) ۾ شامل ٿيو پر ٿوري وقت کان پوءِ سياست وارو
رستو ڇڏي فقط علمي ادبي واٽ ورتائين.
ھن پڙھي لکي آفيسري
ته وٺي ڇڏي ھئي پر نوڪريءَ ۾ ھوندي به اڪثر وقت علمي ادبي ۾ مصروف رھندو ھو. ھو ڪراچي
جي بلدياتي اداري جي اھم عھدن تي ھجڻ جي باوجود به پاڻ کي آفيسر نہ سمجھندو ھو.
سادي سودي طبيعت رکندڙ گل حسن ڪلمتي ملير جي علائقي ۽ گڏاپ ٽائون کي بھتر ڪرڻ لاء
پاڻ پتوڙيو. ھن ملير جي تاريخ تي پڻ گھڻو لکيو ھو، جنهن مان ڪافي مضمون ۽ ڪالم
شايع ٿيا پر اڃا به ڪافي مواد سندس پونيرن وٽ اڻ ڇپيل صورت ۾ ھوندو.
گل حسن ڪلمتي
اخبارن ۽ رسالن ۾ پابندي سان مضمون ۽ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ھن جو گھڻو ڪري موضوع ڪراچي
جي تاريخ، سياسي ۽ عوامي شخصيتون، توڙي سياست رھيا. ھن “سنڌوءَ جي سفر ڪھاڻي” جي
سري هيٺ طويل سفرنامو تحرير ڪيو ھو، اھو سلسلو مقبول ٿيڻ بعد گل حسن ان کي ڪتابي شڪل
۾ آندو، جيڪو ۹۰۰ صفحن تي ڪتاب بڻجي پيو. ڪتاب ايتري قدر مقبوليت ماڻي جو کيس سنڌي ادبي
سنگت سميت ڪيترن پليٽ فارمن تان ايوارڊ مليا. ھيء ڪتاب بعد ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين
۾ پڻ شايع ٿيو. ھن “ڪالاش: ڪافرن جو ديس” ۽ “برف جو دوزخ” نالي پڻ سفرناما لکيا.
ھن جو ھڪ ڪتاب “عشق جون ڳليون” پڻ اچي چڪو آهي.
گل حسن ڪلمتي ڪراچي
جي تاريخ لکندڙ پھريون سنڌي اديب آهي، جنهن کوجنا ڪري ڪراچيءَ جي جاگرافيائي تاريخ
کان وٺي ان جي شخصيتن، ماڳن مڪانن، ڪراچي ۾ رھڻ وارين ذاتين ۽ برادين سميت ان جي
سياست تي قلم آرائي ڪئي. ان حوالي سان سندس ڪتابن “ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار”، “ڪراچي
سنڌ جي مارئي” ۽ “سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ” اھم حيثيت رکن ٿا. ھن جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو
تحقيقي ۽ علمي پورهيو، لطيفيات جي موضوع تي ڪيل آهي. ھيء تحقيقي پورھيو گل حسن ڪلمتي
۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري گڏجي ڪيو ھو جيڪو سسئي جي واٽ نالي ھڪ ڏکيو ڪم هو. ھن
تحقيق ۾ ڀنڀور کان ويندي ڪيچ مڪران تائين گل حسن ۽ رخمان گل ڏينهن رات سفر ڪري
انھي رستي تان پنڌ ڪيا، جتان سنڌ جي سرتاج شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سفر ڪيو ھو.
گل حسن ڪلمتي ھڪ
خوش مزاج طبيعت رکندڙ انسان هو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ ھاڃيڪار آهي. گل حسن جھڙا
سچا سپوت صدين ۾ جنم وٺن ٿا. رب سائين کيس جنت نصيب ڪري، آمين.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
رئوف نظاماڻي
گل حسن ڪلمتي جي
وفات جي خبر منهنجي لاء اوچتي ءِ صدمي واري هئي. سندس بيماري متعلق ته خبر هئي ءِ
هو ان جي علاج لاء گھڻا ڏينهن اسپتال ۾ به داخل رهيو. هڪ ڀيري ڊسچارج ٿيڻ کانپوء
هو ٻيو ڀيرو به داخل ٿيو هو. اسان کي اهو ٻڌايو ويو هو ته هومڪمل طور صحتياب ٿي
اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويو هو. پر هو مڪمل طور صحتياب نه ٿي سگھيو ءِ کيس اڃا علاج
جي ضرورت هئي يا ڊاڪٽر شايد سندس بيماري جي پوري تشخيص نه ڪري سگھيا هئا ءِ سندس
علاج تي پوري توجھ نه ڏني ويئي هئي. ان ڳاله جي شڪايت ڪرڻ جو ان ڪري به ڪو فائدو
ناهي ته هو هڪ وڏي ءِ نالي واري ليکڪ ءِ محقق هئڻ جي باوجود ماڻهن جي هڪ اهڙي طبقي
سان واسطو رکندڙ هو جنهن جي هن سماج ۾ ڪا حيثيت ناهي. هتي ماڻهو جي ڪم کان وڌيڪ
سندس سماجي حيثيت، عهدو ءِ مرتبو ڳڻپ ۾ اچي ٿو ءِ ان لحاظ کان گل حسن ڪنهن ليکي ۾
نه هو.
گل حسن سان ذاتي
طور منهنجو ڪو ويجھو تعلق نه هو. بس ساڻس مختلف ادبي پروگرامن ۾ ڪي مختصر ملاقاتون
ءِ فون تي ڪجھ ڀيرا ڳاله ٻوله ٿي هئي. هن مون کي پنهنجو ڪتاب عشق جون ڳليون موڪليو
هو. هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ مون کان ڪجھ سال جونيئر هو. اتي سندس تعلق بي ايس او ءِ
نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جهڙين ترقي پسند شاگرد تنظيمن سان هو. اهڙي ريت هڪ ترقي
پسند قوم پرست نڪته نظر هئڻ سندس لاء هڪ فطري ڳاله هئي.
گل حسن سان منهنجو
واسطو هن ريت به ٺهيو ٿي ته جيتوڻيڪ سندس تعلق گڏاپ ءِ ملير سان هو پر سندس پهرين
نوڪري موسالين لياري جي اسڪول ڏيپچند ٽي اوجھا ۾ پرائمري ماستر طور هئي. اهو اسڪول
هڪ لحاظ کان منهنجو الما ماتر رهيو ءِ مون پرائمري جا چار درجا هتان تعليم حاصل ڪئي
هئي. هتان پوء هو حڪيم بلوچ جي دور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ هليو ويو.
گھمڻ ڦرڻ گل حسن جي
شخصيت جو لازمي جز هو. رڳو بلوچستان ءِ سنڌ جا مختلف علائقا نه پر هن پاڪستان جي
مختلف ڏکين علائقن ۾ مهم جوئيون به ڪيون. مون گھڻو عرصو اڳ سندس ڪتاب برف جو دوزخ
پڙهيو هو. اهو سندس چترال جي سفر متعلق آهي جنهن ۾ زبيده ڀرواڻي به ساڻس گڏ هئي.
اهي ٻيئي اتي رستي بند هئڻ ڪري ڪيترن ڏينهن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيا هئا. هن پنهنجي
ان تڪليف، ڪيفيت ءِ صورتحال کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
گل حسن کيس صدارتي
ايوارڊ نه ملڻ تي به ڏکويل هو. سندس چوڻ هو ته ملير جي اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪمشنر پاران
سندس نالو تجويز ڪيو ويو هو ءِ ثقافت جي سيڪريٽري پڻ اها ڳاله ڪئي هئي ته انهن ان
تجويز کي منظور ڪري اڳتي وڌايو هو پر اهو ايوارڊ ڏيڻ وفاق جو ڪم هو ءِ اتي شايد ان
نالي کي تبديل ڪيو ويو.
آئون سمجھان ٿو ته
گل حسن کي ايوارڊ نه ملڻ جو هڪ اهم ڪارڻ سندس بحريا ٽائون خلاف انڊيجينيئس الائنس
يا مقامي ماڻهن جي اتحاد ٺاهڻ ۾ اڳڀرو ءِ سرگرم رهڻ به آهي جنهن جي ڪري مٿس گھڻا ڪيس
به ٺاهيا ويا.
گل حسن جو ڪراچي جي
تاريخي جاين ءِ سامونڊي ٻيٽن وغيره جي حوالي سان گھڻو ڪم ٿيل آهي پر آئون سمجھان ٿو
ته سندس ڪم جو مرڪزي نڪتو ملير جي ماحوليات هو. بحريا ٽائون ءِ ٻين تعميراتي رٿائن
رڳو ملير جي ڳوٺن ءِ ڳوٺاڻن کي متاثر نه ڪيو آهي پر ان سان اتان جا وڻ ٽڻ، پاڻي جا
ذخيرا، تاريخي ماڳ ءِ ٻي جيوت به متاثر ٿي رهي آهي.
گل حسن تاريخ سان گڏ
ٻين گھڻن پاسن تي ڪم ڪيو آهي. علمي ءِ ادبي ڪم سان گڏ خاص طور ملير جي ماحوليات جي
حوالي سان سندس ڪم جي گھڻي اهميت آهي جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.
(رئوف نظاماڻيءَ
جي فيسبڪ پوسٽ تان ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي کنيل)
گل حسن ڪلمتي
مڻيادار ماڻهوءَ جي موڪلاڻي
استاد لغاري
جڏهن به مان ڪنهن
محبوب ماڻهوءَ جي مرتيي تي لکندو آهيان، ته ھانءُ ۾ قلم ٻوڙي لکندو آهيان. هيءُ جو
اسان جو گلاب جي گلن جهڙو پيارو مُرڪندڙ ماڻهو، محترم گل حسن ڪلمتي صاحب اڄ اوچتو
موڪلائي ويو آهي، ته اهڙي موڪلاڻيءَ بابت شيخ اياز جا ٻه ٻول ياد اچن ٿا پيا. “گُل
ٽِڙن ٿا ڇڻي وڃڻ جي لئي، مُدعاءِ صبا خدا معلوم! مَوجِ خواب تي روان آهيون، انتها
آ، نه ابتدا معلوم!” گل حسن ڪلمتي صاحب سان منهنجي ملاقات ۰۹ آڪٽومبر ۲۰۱۰ع تي گڏاپ ۾ ٿي. آئون ۽ منهنجو فرزند اياز
علي لغاري، موکي ۽ متارن جا ماڳ مڪان ڏسڻ ۽ تحقيقي تصنيف تحرير ڪرڻ جي سلسلي ۾ وٽس
وياسين. سپر هاءِ وي تي قائم بقائي اسپتال جي سامهون، ڪراچي ٽول پلازه تي لهي، ساڻس
رابطو ڪيوسين، ته ٿورڙي ئي دير ۾، پنهنجي پوٽوهار جيپ ۾ اچي پهتو. چانهن پاڻي پيئڻ
کان پوءِ، سڀ کان پهريان متارن جي ماڳ نارا ٿر ٽڪريءَ تي وٺي هليو. متارن جي مزارن
جي ماپ، دور، اهڃاڻ ۽ تصويرن کان پوءِ، موکيءَ جي مئخاني تي اچڻ ٿيو. هن ماڳ کي
علائقي جا ماڻهو “ڪافرن جا گھر” ڪوٺين ٿا. البت اسان ديوين جي گھاٽن جُهڳٽن ۾، ڪيتريون
ئي گوهيون گُهتون ڏنيون، پر پوءِ به موکيءَ جو مئخانو ڳولي نه سگھياسين. پٿريلي
پِيلي رائي ۾، قديمي ڪوڏ، سڙيل ڳريل سپيون ۽ ٿُلين ٺَلهين ٺِڪرين جا ٽوٽا جام ڏسڻ
۾ آيا. اسان جي آمد جو آخري ٺِڪاڻو، موکيءَ جي مزار مقرر هيو. جتي هڪ ٺوٺ سُڪل وڻ
جي هيٺان، ڪجھ گُگھيون، صُراحيون، دُنگيون ۽ گگھريون رکيل هيون. موکيءَ جي مزار تي
سندس نالي وارو لکيل ڪو به ڪتبو ڏسڻ ۾ نه آيو. ڏکڻ جي نيم گرم هوا سُوسٽ ڪري رهي
هئي. ديوين جي وچو وچ ۾، ڪاري ڏامر سان جوڙيل، ڪاريهر نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندڙ
روڊ وڇايا پيا هئا. موکيءَ جي مزار ڀر سان هڪ عدد ننڍڙو قبرستان به موجود هو. جنهن
۾ ٻين ذاتين کان علاوه خاصخيلي ذات جا ماڻهو به مدفن هئا. موکيءَ جي ماڳ کان موڪلائي،
گل حسن ڪلمتي صاحب جي ڳوٺ “حاجي عرضي بلوچ” ۾ سندس اوطاق تي اچي، ٿڌو پاڻي پي ٿڪ ڀڳوسين.
مون پنهنجي پاران محترم گل حسن ڪلمتي صاحب کي پنهنجو سِرائيڪي منظوم ترجمو ڪيل ڪتاب
“شاھ دا رسالا” تحفو ڪري ڏنو. گل حسن ڪلمتي صاحب مون کي ٽي عدد ڪتاب “ڪراچي: سنڌ
جي مارئي”، “گڏاپ جا گُل” ۽ “برف جو دوزخ” سُوکڙيءَ ۾ ڏنا. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽
محفل جو مور ماڻهو، اسان کي پنهنجي پوٽوهار گاڏيءَ ۾ کڻي، وري واپس ڪراچي ٽول
پلازه تي به ڇڏڻ آيو. کانئس محبت سان موڪلائي، پنهنجي ماڳ موٽي آياسين. بعد ۾ اسان
جو فون تي رابطو رهندو آيو. ڪتاب “موکي متارا” جي تياريءَ بابت آئيڊيا ڏنائين، ته “مذڪوره
ڪتاب ۾، موکي متارن ڏانهن منسوب اهي سمورا بيت به شامل ٿيڻ گھرجن، جيڪي وقت جي سڀني
صوفي توڙي نون شاعرن چيا آهن.” پوءِ مون ايئن ئي ڪيو.
سندس ڪتاب “ڪراچي:
سنڌ جي مارئي” جي مطالعي مان به مون کي، موکي متارن جو مذڪور معلوم ٿيو ۽ ڪافي
سارو مواد ملي ويو. ان مواد کي مون پنهنجي ڪتاب ۾، گل حسن ڪلمتي صاحب جي نالي،
حوالن ۽ صفحي نمبرن سميت شامل ڪيو. مطلب ته منهنجي تحقيقي ڪتاب “موکي متارا” ۾ گل
حسن ڪلمتي صاحب جو تحقيقي پورهيو به شامل آهي. ڪوٽ غلام محمد (جيمس آباد) جي هڪ
ليکڪ، محترم محمد محسن خاصخيلي صاحب منهنجي ڪتاب “موکي متارا” تي تنقيد ڪرڻ ۽ ڇوھ ڇنڊڻ
جو هڪ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو، ته “موکي ذات جي خاصخيلي هئي” ۽ ٻيو هيءَ
ته “استاد لغاري، گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب “ڪراچي: سنڌ جي مارئي” مان، مواد چوري ڪيو
آهي،” وغيره وغيره. جيئن اڄ ڪلھ ٿيندو آهي يا ٿي رهيو آهي. ته هڪ اديب ٻئي اديب کي
برداشت ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهي. يعني حسد، ساڙ، بُغض ۽ اندر جي باھ ڪڍندو رهندو
آهي. هڪ ڏينهن اچانڪ ان جي جواب ۾ محترم گل حسن ڪلمتي صاحب جو آرٽيڪل اخبار ۾ آيو،
ته “استاد لغاري منهنجو ڪو به مواد چوري ناهي ڪيو. تحقيق ۾ ٻين ڪتابن تان حوالا کڻبا
آهن. استاد لغاري جيڪا به شئي منهنجي ڪتاب مان کنئي آهي، ته هن انهن جا مڪمل حوالا
ڏنا آهن. استاد لغاريءَ تي الزام اجايا، من گھڙت ۽ هڪ طرفا آهن.” (ڏسو روزاني
تعميرِ سنڌ ڪراچي. جمعو ۱۱ اپريل ۲۰۱۴ع) اهو ڏينهن اهو شينهن. تنقيد نگار منظر تان جو غائب ٿيو، ته اڄ سوڌو مون
کي وري نظر ناهي آيو.
محترم گل حسن ڪلمتي
صاحب جو نالو صدارتي ايوارڊ لاءِ، ڪيترائي ڀيرا اسلام آباد مان تجويز ٿي آيو، پر
اسان جي ادارن ۾ ويٺل خود ساخته اعليٰ اديبن، سندس نالو لسٽ مان خارج ڪرايو. جنهن
جو جيترو به افسوس ڪجي، اهو گھٽ آهي. “هن انڌي ديس انڌيري جي، تون سورين ڳالھ سويري
جي.” (شيخ اياز) مون کي تاريخ پڪ ڏني آهي، ته محترم گل حسن ڪلمتي صاحب کي صدارتي
ايواڊ هڪ ڏينهن ضرور ملندو، ان کي ڪير به روڪي نٿو سگھي. البت اها عزت افزائي،
سندس جئري ڪئي وڃي ها، ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. بقول ايوب کوسي جي:
سلسلا سڀ سوڳواريءَ تـــي کُٽا.
عشق پنهنجا اشڪباريءَ تي کُٽا.
يادگيرين ۾ ويون شامون ڇـــڻِي،
ڏينهن ڏاڍي بيقراريءَ تي کُـــــٽا.
فاصلن جي قهر جو آهي ڪــرم،
درد اڪثر دل اُڃاريءَ تي کُــــــٽا.
الوداع! اي گل حسن ڪلمتي
صاحب! “مون نه ڄاتو ته اي سج جهڙا پرين! روز پاتا پئي تو لڪي ليئڙا.” ۽ شيخ اياز ايئن
به چئي ويو آهي، ته “موت هڪ موڙ آهي، جتان راهي نظر مان گم ٿي ويندو آهي. موت هڪ
موڙ آهي، رستي جي پُڄاڻي ناهي. رستو جو اَکٽ آهي، اَننت آهي، اڳتي آهي ۽ اڳتي کان
اڳتي آهي. تون جو موڙ تان مُڙي ويو آهين، مان تنهنجي پيرن جو پڙلاءُ ٻُڌان ٿو. پير
جي وڃي رهيا آهن، اڳتي وڃي رهيا آهن، اڳتي کان اڳتي وڃي رهيا آهن. ڪوئي راهي گُم نٿو
ٿئي. رستو ڪٿي به نٿو کُٽي. رستو به سچ آهي، راهي به سچ آهي.”
(ڪاوش دنيا مئگزين
۾ وڇوڙي تي لکيل/ ڇپيل مضمون)
گل حسن ڪلمتي
تاريخ ۽ تحقيق جو وڇوڙو
خاصخيلي لطيف
راولاڻي
ملير جي سرسبز ساوڪ
جي مٽي ۾ ڪيئي ڪونڌرن ڏاھن جنم ورتو آھي.ھي ملير جي ڌرتي ڪڏھن تپي ٽانڊو ٿي پوندي
آھي ته ڪڏھن برف جھڙي ٿڌي ٿي پوندي آھي.انھي زميني ڦير گھير جي ڪري نوان خيال نوان
ذھن جنم وٺن ٿا.اھڙن ئي خيالن ۽ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ تحقيق جو شاگرد گل حسن ڪلمتي
به ملير جي مٽي مان ڦٽي نروارٿيو.شاگرد واري زماني کان ادب سان دلچسپي لکڻ پڙھڻ جو
شوق پيدا ٿيو.جنھن گڏاپ کان ڪراچي يونيورسٽي تائين اڻانگو سفر ڪري ضلع ڪاونسل ۾
پبلڪ رليشن جي آفيسري پوسٽ تي رھندي باقي ادبي سفر جاري رکيو.ضلع ڪاونسل طرفان
ماھوار ماروئڙا ادبي مئگزين ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيو ۽ ڪراچي مان نڪرندڙ ماھوار مئگزين ۽
اخبارن کي اشتھار وٺرائي ڏيڻ ۽ انھن جي مالي سھاتا پڻ ڪندو ھو.نوڪري مان فائدو کڻندي
ضلع ڪاونسل جي ڪافي ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاء ۾ڪوششون ورتائين نه صرف بلڊنگون
ٺھرائي ڏنائين پر انھن کي ھڪ ھزار ڪتاب به ضلع ڪاونسل طرفان وٺرائي ڏنائين.ملير جي
ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۾ پروفيسر محمد ابراھيم خاصخيلي جڏھن عثمانيه لائبريري قائم ڪرڻ
جو ارادو ڪيو ته ضلع ڪاونسل اتي بلڊنگ به ٺھرائي ڏني ۽ ڪتاب به ڏنا اھو سڄو ڪم گل
حسن ڪلمتي جي نگراني ۽ ذاتي دلچسپي جي ڪري ٿيو۔ان کان علاوه ملير جي ڳوٺن ۾
لائبريرين کي قائم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار ۽ ڪارنامو رھيو آھي.ڪتاب لکڻ سندس مشغلو
رھيوھو.ٻارنھن کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن اڃان به پنجن کان وڌيڪ ڪتابن جو مواد
تيار ٿيل آھي.پاڻ ھڪ دفعو ڪچھري ۾ ذڪر ۽ فڪر ڪيائين ته ڪتاب ته تيار آھن پر منھنجو
ذاتي پبلشر کنڀجي ويو آھي ان ڪري ڪافي ڪتاب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا آھن.جڏھن پبلشر
آزاد ٿي موٽي آيو ته ھو ٻين قومي اڳواڻن جي آزادي جي لاء پيرين پنڌ سنڌ ۾ نڪري ويو
جن سان ھو مختلف ھنڌن تي قيد ٿيل ڪارڪنن سان ملي آيو ھو ۽ انھي پبلشر سنڌي انعام
اھو وچن ڪيو ھو ته آزادي ملڻ کان پوء خاموش نه ويھبو ۽ اھو وچن پورو ڪري ڏيکاريو اڄ
به ھو سنڌ جي مختلف ضلعن جي پريس ڪلبن ۾ احتجاج ڪري رھيو آھي ۽ ائين جاکوڙي تحقيقي
ليکڪ جا ڪتاب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا.ڪراچي سنڌ جي ماروي ۽ ڪراچي جا لافاني ڪردار
تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آھن.پروفيسر اعجاز قريشي جڏھن ڪراچي جو ڪيس تيار ڪيو ته ان
جي مھاڳ لاء گل حسن ڪلمتي تي ذميواري رکي وئي ته ڪتاب جو مھاڳ لکي.ملير ۾ ڪوبه
سياسي سماجي ميڙاڪو ٿيندو ھو ته گل حسن ڪلمتي ان جو اھم حصو ۽ اڳواڻ طور تي شرڪت ڪندو
ھو.ملير جي اھڙي ڪابه سرگرمي ٿيندي ھئي ته گل حسن سڀ کان اڳڀرو نظر ايندو ھو.ھي ھڪ
متحرڪ ڪردار ھو جنھن جي ڪري ئي ملير جا ٻيا به متحرڪ سپاھي علم ادب جا ڄاڻو شاه جا
پارکو سندس ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا ان ۾ نالا ته گھڻا آھن پر خاص طور تي ملير بچايو
اتحاد جو باني سيد خداڏنوشاه.شاه جو پارکو پروفيسر رخمان گل پالاري سماجي اڳواڻ
غلام رسول بلوچ سدائين سفر ۾ ٻانھن ٻيلي ھوندا ھئا۔گل حسن ڪلمتي تاريخ تي لکڻ کان
پوء سمنڊ جو رخ ڪيو ۽ اتي به تحقيق ڪرڻ جو ارادو ڪيائين سمنڊ ۾ گم ٿيل ٻيٽن جي
تلاش ۾ نڪري پيو.اتي سامونڊي سونھي يونس خاصخيلي ۽ ايوب شان سمنڊ جا سڀ ٻيٽ گھمي ڦري
سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ ڪتاب تيار ڪري سنڌي ادب ۾ تحقيقي اضافو ڪيو جنھن جي مقبوليت ۽ اھميت
کي ڏسندي ان جو انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو.تاريخ ۽ تحقيق جو
سفر جاري آھي پر ان ۾ گل حسن ڪلمتي جو خال ھميشه لاء رھجي ويو.سندس ڪيل ڪارناما ڪتاب
اسان جي ۽ ايندڙ نسل جي لاء مشعل راه ثابت ٿيندا ماڻھو موڪلائي ويندو آھي پر ان جا
ڪيل ڪم ڪارناما ھميشه لاء تاريخ جو حصو بنجي ويندا آھن۔ڪتاب ھڪ اھڙو جاندار جيو
آھي جو ان جي ليکڪ کي مرڻ ڪونه ٿو ڏي ھو ان کي زنده رکندو آھي.پوء ڀلي صديون گذري
وڃن.ڪتاب جو خالق جيئرو رھندو آھي.ان لاء ڪنھن جو قول آھي ته ڪنھن شخص وڏي عالم
کان پڇيو ته مونکي آب حيات گھرجي جنھن جي پيئڻ سان آء سڄي ڄمار زنده رھان.ان تي ڏاھي
عالم وراڻيو ته پوء به تون مري ويندي آب حيات کان بھتر آھي ته دنيا ۾ اھڙو ڪم ۽ ڪارنامو
ڪري وڃ جو دنيا توکي سڄي عمر ياد ڪري.جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي.وڃي ڀون پيٺي
سڪندي کي سڄڻين
(ڏھاڙي سنڌيار
ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
ذڪر هڪ مثالي اتهاس ڪار
جو!
سڪندر گلاب سومرو
ڪيڏا عظيم آهن اهي
انسان، جيڪي ڪجهه اهڙا شاندار، پائيدار، ۽ تاريخي ڪم ڪري وڃن ٿا، جن کي مِٽائڻ ڪنهن
جي به وس ۾ نه هوندو آهي، ڇوته اهي تاريخ تي لکندي لکندي پاڻ تاريخ ٿي وڃن ٿا. سو
تاريخ کي غلط رخ ۾ پيش ڪرڻ سسٽم جي مفاد ۾ ته ٿي سگهي ٿو پر تاريخ مٽائڻ ۽ ميسارڻ ڪنهن
جي وس ۾ ناهي هوندو. سچا تاريخدان سدائين سچ جي ڳولا ۾ هجن ٿا ۽ هي اهي کاهوڙي هجن
ٿا، جو جيڪڏهن هنن تي ٽوڪ ٺٺول به ڪجي ٿي تڏهن به هو مڙن نٿا ۽ هنن کي زندانن ۾ قيد
ڪجي ٿو، تڏهن به پنهنجي ڪم تان هٿ نٿا کڻن. اهڙا انسان، اهڙا کاهوڙي سنڌ ۾ هڪ نه، ٻه
نه، سوين نه، پر هزارين آهن، جيڪي پنهنجي سنڌ جي سچائي ۽ سجائي جي کوج ۾ ڏينهن رات
هڪ ڪريو ويٺا پنهنجا پنا هيڏي هوڏي ڪن ۽ ڪتاب لکن ٿا. اهڙن کاهوڙي ماڻهن ۾ سائين
گل حسن ڪلمتي جن به هڪ هئا.گل حسن ڪلمتي سنڌ خاص طور تي سنڌ جي ساحلي پٽي جي حوالي
سان جيڪو تاريخي رڪارڊ هٿ ڪري ڪيئي ڪتاب لکي اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ
علمي ڪم ڪري ويا آهن. اهو تاريخ ۾ سدائين معتبر لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هونئن ته
گل حسن ڪلمتي ڪافي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي ملهائتا به آهن ته مهلائتا به آهن. تاريخ
به آهن ته زميني حقيقتون به آهن، پر “ڪراچي سنڌ جي مارئي” سندن جو هڪ اهڙو زبردست ڪتاب
آهي، جيڪو پنهنجي تاريخي مواد جي حساب سان هڪ الڳ مقام رکندڙ ۽ انفراديت وارو ڪتاب
آهي. هي اهڙو ته شاندار ۽ جاندار ڪتاب آهي، جنهن کي جيڪڏهن اسان جي سنڌ حڪومت چاهي
ته هن ڪتاب کي مقابلي جي امتحانن ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت کي سفارش ڪري
سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو جيڪي اسان جا روينيو جا ڪامورا آهن، انهن کي هن قسم جي ڪتابن کي
پڙهڻ جي گهڻي ضرورت آهي. “ڪراچي سنڌ جي مارئي” ڪتاب جيڪو آهي ئي ڪراچي جي باري ۾ ۽
ڪوبه اهڙو ڪامورو جيڪو روينيو ۾ پنهنجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ان کي جڏهن ڪراچي
جي چپي چپي ۽ ان چپي چپي جي حقيقت جي باري ۾ ڄاڻ هوندي ته هو پنهنجا فيصلا سولائي
سان ڪري سگهي ٿو ۽ شهري بابوئن جي چالبازين کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ايتري همت
نه ٿي ٿئي ته سنڌ حڪومت جي وس ۾ جيڪو ڪم آهي، اهو ته ڪري سگهي ٿي. ڪيڏو نه بهتر ٿيندو،
جيڪڏهن “ڪراچي سنڌ جي مارئي” ڪتاب جي باري ۾ سنڌ حڪومت هڪ بهترين خاڪو/سبق/بيت
تيار ڪرائي ثانوي يا اعلى ثانوي سطح واري نصاب جو حصو بڻائي ڇڏي. ائين ڪرڻ سان هڪ ته
ٻارن ۾ ڪتاب کي پڙهڻ جو رجحان وڌندو، ٻيو جيڪڏهن ساڳي خاڪي/سبق يا بيت ۾ هي ڳالهيون
ڪيون وينديون ته هي ڪتاب انهن ٻارن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪي مقابلي جي امتحانن ۾
ويهڻ جو شوق رکن ٿا. ٽيون فائدو هي ٿيندو ته ڪتاب جي ليکڪ کي تاحيات مڃتا ملي
ويندي. ائين ٿي وڃڻ سان هڪ پاسي سنڌ جو عوام خوش ٿيندو ته ٻئي پاسي سنڌ جا دانشور
حڪومت جي هن قدم کي قدر جي نگاهه سان پڻ ڏسندا. گل حسن ڪلمتي جو ڪم پاڻ ڳالهائي ٿو.
اهوئي سبب آهي جو گل حسن ڪلمتي جهڙا املهه اتهاس ڪار پنهنجي املهه ڪم جي ڪري قومن
جي گڏيل ڏاهپ، سمجهه، عقل، اميد ۽ سگهه جو حصو بڻجي وڃن ٿا. ساڳي وقت اهڙا سونهان
قومن جو ناز، فخر، اعزاز ۽ عزت پڻ بڻجي وڃن ٿا.مهان ماڻهو ئي اصل ۾ قومن جي سک ۽
بقا جو سبب بڻبا آهن، ڇاڪاڻ جو هو ڳالهه پنهنجي نه پر قومن جي بقا جي ڪندا آهن. جڏهن
ڪا قوم بقا جي جنگ مان پار پئجي وڃي ٿي ته اصل ۾ اها قوم ئي دنيا ۾ پنهنجو مقام
حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ٿي ۽ ان سڃاڻپ جي ڪري ئي ڄاتي
سڃاتي وڃي ٿي. حقيقت هي آهي ته سنڌ پنهنجي بقا جي جنگ ۾ آهي، هي جنگ جاري آهي، ڪيسيتائين
جاري رهندي، ان جي پڪ ته ناهي پر هن ملڪ جون قوتون جهڙي طرح سان پنهنجا پتا کيڏي
رهيون آهن، خاص طور تي ۲۰۰۰ع کانپوءِ، ان مان ته لڳي ٿو ته اهو وقت ويجهو ئي آهي، جڏهن بقا جي جنگ جي
پڄاڻي ٿي ويندي ۽ سنڌ کي ترقي ڏيارڻ ۽ اڳتي وٺي وڃڻ جا بحث مباحثا شروع ٿي ويندا.
جڏهن اسان قومن جي
گڏيل ڏاهپ ۽ گڏيل اميدن جو ذڪر ڪريون ٿا ته ان ذڪر مان اسان جي مراد تاريخ جو اهو
تسلسل آهي، جيڪو ڪنهن به قوم جي گڏيل ڏاهپ ۽ اميدن جي اظهار جو وڏو سبب ۽ پختو
ثبوت هوندو آهي. گل حسن ڪلمتي اهوئي ته ڪم ڪيو آهي، جيڪو اسان جي اظهار جو سبب به
آهي ته ڪراچي جي حوالي سان پختو ثبوت به. گل حسن ڪلمتي هو ته تاريخدان پر تاريخ کان
علاوه ٻيو به گهڻو ڪجهه هو. ڪراچي جي زمينن جي والار تي جتي ٻين سنڌين پئي آواز اٿاريا،
اتي گل حسن ڪلمتي جو آواز به اٿندو رهيو ۽ ڪراچي جي اصلي باشندن جي هڪ تنظيم “سنڌ
انڊيجينئس رائيٽس الائينس (ايس آءِ آر ايَ) جوڙي، جيڪا تاريخي جدوجهد ڪئي، اها به
سنڌ جي هاڻوڪي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي. گل حسن ڪلمتي جهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿين ٿا.سنڌ
جو هي ناميارو ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان شاگردي دور ۾ ادبي کيتر ۾ پير پاتو. ۱۹۷۴ع ۾، ايس ايم آرٽ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي
۽ اتي ئي نڪرندڙ هڪ ادبي رسالي ۾ هن سنڌي ادب تي لکڻ شروع ڪيو. ۱۹۸۳ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان جرنلزم ۾ ماسٽرز ڪيائين.
سياست جي شروعات نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن (اين ايس ايف) ذريعي ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن (بي ايس او)
سان جڙيو. بي ايس او سان صرف بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تان اختلافن سبب رسول
بخش پليجي جي عوامي تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو. ۱۹۸۴ع ۾ آريسر صاحب سان گڏجي جيئي سنڌ محاذ سان ڪلهو
ڪلهي ۾ ملايائون. ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي سان سياسي وابستگي رهي پر آخر ۾ سياست کان به پري ٿي
ويا. گل حسن ڪلمتيءَ بي بي سي تان رضا علي عابدي جو نشر ٿيندڙ شير درياهه واري ريڊيو
سلسلي کي انور پيرزادي جي ايڊيٽرشپ ۾ بي بي سي کان اجازت وٺي ترجمو ڪري عوامي آواز
۾ ترجمو ڪري هلايو. ڪراچي جا ڌرتي ڌڻي جيڪي اصل رهاڪو آهن، انهن جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي،
ماڳ مڪان ۽ ديهن تپن بابت “ڪراچي سنڌ جي مارئي” جيڪو ڪتاب لکيو ان ڪتاب کي ٽن ٻولين
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه گل حسن ڪلمتي جا ٻيا
به کوڙ سارا ادبي، علمي، ۽ تاريخي ڪم ۽ ڪارناما پڻ آهن. گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ ۾ گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ ۾
جنم ورتو ۽ ۶۶ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۶ مئي ۲۰۲۳ع تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي جنم ڀومي
عرضي بلوچ ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سنڌ کي پنهنجي هن سونهين تي سدائين ناز رهندو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ جون ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
الوداع اي سنڌ جا
سدا ملوڪ سپوت الوداع
ھن جھان مان ھلڻو
ته ھرڪنھن ماڻھو کي آھي. پر آءُ اُن موت تي اشڪبار ٿيندو آھيان جڏھين منھنجي ھن
ديس ۾ جتي اڳ ۾ ئي قحط الرجال آھي ان مان ڪو آڱرين تي ڳڻڻ جھڙو قيمتي ماڻھو اسان
کان موت کسي وٺي. گل حسن ھڪ اھڙو ئي سنڌ وطن جو خاموش خدمتگار ھو.
گل حسن سان گذريل
پنجويھه سالن کان ذاتي دوستي ۽ ڀائپي وارو رشتو پنھنجي جاءِ تي پر ھُن گذريل ارڙھن
ويھه سالن کان جيڪي تاريخ جا منفرد موضوع ھٿ ۾ کنيا تن ماڻھن کي پاڻ ڏانھن فوري
متوجھه ڪيو جن مان ھڪ موضوع ھو “پُراڻي ڪراچي “. ان ٽاسڪ کڻڻ جي پويان به ھڪ خاص
محرڪ ھو جيڪو ٻُڌائڻ ھتي ضروري ٿو ڀانئيان۔جيڪو ھن اسان کي ھڪ ڪچھري ۾ ٻڌايو.جنھن
۾ آءُ، ميڊم زبيده برواڻي، مرتضيٰ لاشاري، سارنگ لاشاري، ساجد صديقي، سندس دل
گھريو دوست زاھد ۽ ڪجھه ٻيا دوست مون وٽ بدين آيل ھيا. اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ تن ڏينھن
۾ ايم ڪيو ايم جي شروعائي ڀل ڀلان ھُئي ۽ ڪراچي جي اردو دان ھٿ ٺوڪين دانشورن اھو
رينگٽ ھلائڻ چالو ڪيو ته ڪراچي ۾ پناھگيرن جي اچڻ کان اڳ ۾ ڪراچي ڪجھه به نه ھئي مڙئي
ھڪ اڻ سُڌريل جھنگ ھو. باقي ھيءَ ڪراچي جيڪا ڪجھه آھي سا اسان جي ھنن پناھگيرن ڀائرن
اچي آباد ڪري ان کي ھڪ جديد شھرجي موجوده شڪل ۾ ھنن اچي ٺاھيو آھي. جيڪو رينگٽ اڄ
به مقبول صديقي جھڙا ايم ڪيو ايمي ھمراھ جاري رکيو اچن.
ان ڪچھري ۾ گل حسن
اسان کي ٻڌايو ته مون ھڪ ٽاسڪ ھٿ ۾ کنيو آھي ته دنيا کي انگن اکرن توڙي تصويري
ثابتين سان اھو چٽو ڪري ڏيکارجي ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ ڪراچي ڪيترو نه جديد ۽
اعليٰ شاندار تاريخي شھر ھو جيڪو اسان جي ھنن ڀائرن اچي ڪيئن برباد ڪيو آھي. پوءِ ڪئميرا
۽ قلم کڻي ھن پُراڻي پر ايشيا جي ھن جديد ترين شھر جا آھي حسين گوشا، ماڳ مڪان
يورو انڊين طرز تعمير جا مختلف زاويا انھن جي اڏيندڙن جا احوال، انھن جا معمار، ان
وقت جو واپار ڪاروھنوار بابت پنھنجي پھرئين ڪتاب “ڪراچي سنڌ جي مارئي “ لکي سڀني ٻُولھڙين
کي نه رُڳو چپ ڪرائي ڇڏيو پر سنڌ جي نئين نسل کي به ڪراچي جي ڀرپور جوڀن سان
روشناس ڪرائي اسان تي ھڪ عظيم ٿورو ڪيو. تھان پوءِ ته صفا اڻ ورڇ تي ٻين دوستن خاص
طور تي سائين رخمان گل پالاري ۽ ٻين سڄاڻ دوستن گڏجي سسئي جي ڀنڀور کان وٺي ڪيچ مڪران
تائين ڪيل پنڌ جي پيرا ڀيٽ ڪري سموري سُر سسئي کي ھڪ دستاويزي شڪل ڏئي ڇڏيائين.
تنھن کان پوءِ موکي متارن توڙي مورڙي مير بحر جي داستانن جي سُرن جي تاريخي کوجنا ڪري
سنڌ جي ماڻھن کي نه رُڳو موھيندو رھيو پر عملي طرح به ڪراچي خاص طور ملير جنھن سان
ھن جو مارئي وارو عشق ھو ان جي بربادي۽ پنھنجن ھٿان تين وال ٿيڻ تي نه رُڳو رت
روئيندو رھيو. پر ملير جي ويرين سان عملي ميدان ۾ يا ڄمار بر سر پيڪار رھيو. اھڙن
قيمتي ماڻھن ھو موت ئي قومن کي ولھو ڪري ڇڏيندو آھي. ڪاش ھو اڃان به وڌيڪ جيئي ھا
ته ڇا ڇا نه ھن ديس جي جھولي ۾ وجھي وڃي ھا. الوداع اي سنڌ جا سدا ملوڪ سپوٽ سوڍا
فرزند الوداع.
(فيس بڪ تان
ورتل)
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ مئئ ۲۹۲۳ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
ناميارو تاريخدان
پيار محمد
مون کي ياد آهي اهو ڏينهن ۽ اها
شام جنهن کان پوء سج لهي ويو هو ڪراچي شهر جي مٿان اونداهي جي ڪاري رات ڇانيل هئي ۱۶ مئي جو سج آسمان ۾ گم ٿي ويو هو سوين تارا آسمان تي ٽم ٽم ڪري ٽمڪي رهيا
هئا پري پري تائين اونداهي جو راڄ هو
ڪراچي جي هر شيء مٿان اونداهي ڇائيل
هئي اڌ رات لنگهي چڪي هئي اڃان ۱۷مئي ۲۰۲۳ جي سج نڪرڻ ۾ گهڻي دير هئي پريان سمنڊ مٿان اونداهي جو راڄ هيو
هن جي گهر مٿان بہ انداهي هئي سندوس
گهر ۾ هن جا پنهنجا ڪتاب پيل هئا
پر ڪتابن کي پڙهندڙ سنڌي ٻوليء
جو خوبصورت ليکڪ گل حسن ڪلمتي ڪراچي ڄائو گڏاپ ۾ زندگيء گذري هئي اهو شخص ڪراچي جي
اسپتال ۾ پنهنجي گهر کان ڏور زندگيء جا پويان پساھ کڻي هن جهان کي الوادع پئي ڪيو
پنهنجي ڌرتي جي تاريخ سان بيحد
محبت ڪندڙ گل حسن ڪلمتي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ سندوس ساھ ڪنهن پکيء جيان اڏامي
هليو ويو
گل حسن ڪلمتي سان منهنجي پهرين
ملاقات۲۰۲۱ ۾ ڪراچي
بار ۾ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن واري پروگرام ۾ ڪاظم حسين مهيسر ڪرائي هئي ان
کان پوء ڪڏهن ڪنهن احتجاج ۾ يا ڪڏهن وري آرٽس ڪانونسل ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي
گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڌرتي سان
بيحد محبت ڪندو هو پنهنجي ڌرتي تي آيل ڌارين جڏهن چيو تہ هن شهر کي اسان آباد ڪيو
آهي تہ پاڻ تاريخ جي تحخانن مان ڪيتريون تاريخون ميڙي ڪتاب ڇپرائي انهن کي ڏيکايريائي
تہ هي ڪراچي اسان جي آهي ۽ ڪراچي سنڌين جي آهي
هيئن تہ هن جا ۱۲
ڪتاب ڇپيل آهن پر ڪجھ ڪتاب جن جا نالا لکان ٿو
ڪراچي جا لافاني ڪردار
ڪراچي سنڌ جي مارئي
سسئي جي واٽ
۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب کي
ڏئي پاڻ هي۽ جهان ڇڏي هليو ويو پر هن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت هئي
پاڻ جيستائين جيئرو هو پنهنجي ڌرتيء
لاء جاکوڙيندو رهيو هو سندوس ڪردار ھميشہ امر رهندو.
(ڏھاڙي هلال پاڪستان حيدرآباد ۾
۱۷ آگسٽ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
گل حسن ڪلمتي بہ اڄ
صبح ساڍي ٽين بجي وڃي رب کي پرتو.
انا للہ وانا اليہ
راجعون
ھو ڪيتري ئي عرصي
کان بيمار ھو.
ان بيماري دوران ئي ڪجھ مھينا اڳ ۾ سندس مان
۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ھڪ پروگرام رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي..
مون سان ذاتي طور
ملاقات ٿي نه سگهي،پر موبائيل تي پيئي ڪچهري ٿيندي هئي.سندس لکيل ڪتاب سنڌ جي
مارئي ايتري تہ مشھوري ماڻي جو ڪراچي تي تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ ھڪ گائيڊ بڪ رھندو. ڪجھ
وقت اڳ جڏهن ايران جي سفر تي باء روڊ ويو تہ ھن اتي جي بلوچن ۽ جدگالن سان ڪچھري ڪئي
ھو ھڪ ئي وقت به
تاريخ دان، محقق، علم بشريات، آرڪيالاجي جو ڄاڻو ھو تہ ٻي طرف ڪراچي جي گردو نواح
جو جاگرافي دان پڻ.
گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ ۾ گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ ۾
جنم ورتو، ان وقت حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ ضلعي ٺٽي ۾ هيو، ۱۹۶۳ ۾ ملير جي ۳۷ ديهن کي ايوب خان واري دور ۾ ڪراچي ضلعي ۾
شمار ڪيو ويو، گل حسن ڪلمتي جو والد محمد خان هڪ پورهيت هو جڏهن ته ان دور ۾ گل
حسن جي والد ۱۵ روپيا مزدوري مان ڪمايا جن مان هن پراڻي سبزي منڊي ڪراچي ۾ هڪ دڪان خريد ڪيو،
جتان هو پنهنجي روزي روٽي ذريعي گل حسن سميت ۹ ڀيڻ ڀائرن جو پيٽ گذر ڪندو رهيو، گل حسن جي شادي پنهنجي ڪٽنب مان ٿي جنهن
مان سندس هڪ نياڻي جيڪا ايم اي سوشالوجي جي سند يافتا آهي. گل حسن، پنهنجي شاگردي
دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو. هن ايس ايم آرٽ ڪاليج ڪراچي ۾ ۱۹۷۴ ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي
ميگزين ۾ هن سنڌي ادب تي لکيو ۽ هو هن ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جوڙي. ان وقت هن ڪراچي
مان هڪ سنڌي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۷۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ جرنلزم ۾ داخلا ورتي
جتان ۱۹۸۳ ۾ ماسٽر ڪيائين. ان وقت ڪراچي يونيورسٽي جي هن شعبي ۾ فقط ٻه سنڌي شاگرد
هئا جن ۾ هڪ پاڻ ۽ ٻيو مرحوم جمال ابڙي جو پٽ اظهر ابڙو جيڪو بدر ابڙي جو ڀاءُ
آهي، گل حسن ڪلمتي پنهنجي شاگردي سياسي شروعات نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن (اين ايس
ايف) ذريعي شروع ڪئي، جڏهن ته ۱۹۸۳ع ۾ هن بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن (بي ايس او) جوائن ڪئي ۽
جتان ان جا اختلاف بي ايس او سان فقط ان ڪري ٿيا ته هو بلوچستان جي ڳالهه ڪري رهيا
هئا ۽ سنڌ جي ڪنهن به قسم جو دفاعي سياست کان پري هئا، جنهن بعد گل حسن، رسول بخش
پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۸۴ ۾ جيئي سنڌ محاذ جنهن جو چيئرمين عبدالواحد
آريسر هو تنهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايائون، جنهن بعد هن تنظيم کي به الوداع ڪيو، ۱۹۹۰ ۾ جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جنهن جو اڳواڻ ڊاڪٽر
قادر مگسي آهي، گل حسن جي ڪنهن حد تائين سياسي وابستگي رهي ۽ ان ڪراچي ٻهراڙي ۾ سنڌ
ترقي پسند پارٽي جا هٿ مضبوط ڪيا جنهن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ماما رحيم بلوچ پڻ هو، گل
حسن ڪلمتي ڪجهه سال ايس ٽي پي کي ڏيڻ بعد سياست کي هميشه لاءِ الوداع چيو. گل حسن ڪلمتيءَ
ان وقت ڪراچي مان سنڌ جو آواز بڻجي اڀرندڙ روزاني عوامي آواز جي صفحي موڙي جي ماڳ
۽ ادبي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو،. ڪراچي جي ٻهراڙين جي تاريخ جوڙي ۽ ان جي ڄاڻ تاريخي
ماڳ مڪانن قبيلن ۽ علائقي جي جاگرافيائي بابت صفحي ۾ وسيع معلومات پنهنجي پڙهندڙن
کي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان مهيا ڪئي جيڪا اڳتي هلي سنڌ روينيو کاتي ان گڏ ڪيل
معلومات کي پنهنجي رڪارڊ جو حصو ٺاهيو جيڪو روزاني عوامي آواز لاءِ اڄ به هڪ اعزاز
آهي.
گل حسن ڪلمتي ڳالهه
ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته بي بي سي تان رضا علي عابدي جو نشر ٿيندڙ شير درياهه واري ريڊيو
سلسلي کي مون انور پيرزادي جي ايڊيٽرشپ ۾ بي بي سي کان اجازت وٺي ترجمو ڪري عوامي
آواز ۾ ترجمو ڪري هلايو. بي بي سي کان اهڙي اجازت انور پيرزادي صاحب ورتي هئي. عوامي
آواز ۾ ۲۷ قسطن تي ٻڌل ان سلسلي کي ”سنڌو جي سفر ڪهاڻي“ جي عنوان سان شايع ڪيو ويو،
هن ٻڌايو ته جيڪو مون بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ آندو، هن ٻڌايو ته ڪراچي جا ڌرتي
ڌڻي جيڪي اصل رهاڪو آهن انهن جي زندگي جي رهڻي ڪرڻي، ماڳ مڪان ۽ ديهون بابت پهرين
مرحلي ۾ سن ۲۰۰۷ع ۾ “ڪراچي سنڌ جي ماروي” جيڪو ڪتاب ۶۰۰ صفحن تي ٻڌل هو شايع ٿيو، جنهن کي ٻن سالن
بعد واڌ ڪري ۹۰۰ صفحن تي شايع ڪرايو ويو، هن ڪتاب تي مونکي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ترقي پسند
پارٽي، ڊاڪٽر نجم عباسي ايوارڊ، سوجهرو ايوارڊ ۽ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي ٻولي
واري ايوارڊ سان گڏ نيشنل بينڪ پاران ۳ لک روپيا ڪيش ايوارڊ پڻ مليو، هن ڪتاب کي ٽن ٻولين ۾
ترجمو ڪيو ويو آهي سنڌي، انگريزي ۽ اردو، اي ايف ٽي انڊومينٽ ٽرسٽ جيڪا حميد آخوند
جي نالي سان ڄاتي سڄاتي وڃي ٿي تنهن ٽرسٽ پاران هن ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو
آهي جيڪو ترت مارڪيٽ ۾ پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو، هن مجموعي کي نئون نياپو اڪيڊمي
پاران اردو زبان ۾ پڻ شايع ڪري رهيو آهي، گل حسن ڪلمتي جيڪو انتهائي سٻاجهڙو ۽
سادي طبعيت جو مالڪ آهي، جنهن زندگي جا ڪيترا ئي لاها چاڙها ڏٺا، نه هن کي ڪنهن
سوني سڪي خريد ڪيو نه ئي هو ڪنهن ڪاموري توڙي سرمائيدار ۽ جاگيردار، وڏيري يا
سياستدان آڏو جهڪيو، هن ڪراچي جي شخصيتن تي هڪ ڪتاب جيڪو سنڌي سان گڏوگڏ انگريزي ۾
لکيو ويو جنهنجو نالو ڪراچي جا لافاني ڪردار جي نالي سان شايع ٿيو آهي هي ڪتاب ۴ جلدن تي ٻڌل آهي سندس ڪتاب سسئي جي واٽ سندس
ء دوستن جو ان ماڳ جو سربستو سفر اھي.
سنڌ جي ھن لازوال ڪردار جو اڄ انتقال سنڌ جي ھڪ
ساڃھ وند جو وڇوڙو وڍ وجھندو رھندو.رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا
فرمائي،پونئيرن کي صبر جي سگھ عطا فرمائي آمين.
(ڊاڪٽر محمد علي
محمدي پنوعاقل ۱۷ مئي ۲۰۲۳ع جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
گل حسن ڪلمتي
ڪراچيءَ جو سپوت -
(پھرين ورسي جي مناسبت سان)
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو
محقق، اديب ۽ تاريخ جو ڄاڻو گل حسن ڪلمتي گذريل سال جنوري جي مهيني کان وٺي شديد
عليل ٿي چڪو ھو. سندس طبيعت ۾ ڪجھ ڏينهن بھتري آئي پر وري اوچتو بگڙي پئي. ھن ڀيري
انھي حد تائين حالت خراب ٿيس جو گل حسن ڪلمتي ھيء جھان ڇڏي ويو. گل حسن جي وڇوڙي
سان جيترو سندس پونيرن کي نقصان ٿيو، اوترو ئي سنڌي ادب ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جي
تاريخ جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جيڪو خال ڀرجڻ ڏکيو آهي.
ھن ليکڪ ڪراچيءَ جي
تاريخ کي جيئن بيان ڪيو آھي، ھن کان اڳ ڪنھن ٻئي ايتري ڄاڻ نه ڏني هئي. مون ساڻس
جيترا ڀيرا بہ ڪچھري ٿي ھئي، ھميشه ڪراچيءَ جي تاريخ بابت ئي سوال ڪيا. آخري ڀيرو ڪراچي
يونيورسٽيء جي سنڌي شعبي جي گولڊن جوبلي سالگره واري تقريب جي موقعي تي مختصر ڳالھ
ٻولھ دوران بہ چؤڪنڊي قبرستان سان لڳ ڄام ڪنڊي ڳوٺ بابت حال احوال ڪيومانس ۽ ھن
بھترين معلومات ڏني.
گل حسن، ڪراچيءَ ڄائو
ھو ۽ ھن ان جو سپوت ھجڻ جو ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي تاريخ لکي ثبوت ڏنا آھن. گل حسن
اڄ جو مورڙو ھو، ڪراچيءَ جي ساک بچائي اٿس نہ تہ درسي ڪتابن ۾ تہ ٻارن کي اھو پڙھايو
۽ ٻڌايو ٿو وڃي تہ ڪراچي ورھاڱي کان پوءِ وجود ۾ آيو آھي. گل حسن ڪلمتي واري لکيل ڪراچيءَ
جي تاريخ کي اردو ٻوليءَ ۾ بہ لکڻ گھرجي تہ جيئن اھڙو تاثر ڏيڻ وارن جون اکيون پٽجن.
گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ع تي، ڪراچي جي قديم وسنديء، گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ
حاجي عرضي بلوچ ۾ جنم ورتو. گل حسن ڪلمتي جو والد محمد خان هڪ پورهيت هو، جنھن سخت
محنت ڪري سبزي منڊي ڪراچي ۾ هڪ دڪان خريد ڪيو، جتان هو پنهنجي ننڍڙي ڪاروبار ذريعي
گذر سفر جو بندوبست ڪري ڪٽنب جو پيٽ پاليندو هو.
گل حسن ڪلمتي ننڍي هوندي کان ئي پڙھڻ لکڻ سان لڳاء
رکندو ھو، تنھن ڪري ھن شاگرديءَ واري دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو. هن ايس ايم آرٽس
ڪاليج ڪراچي ۾ ۱۹۷۴ع ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي ميگزين ۾ هن سنڌي ادب تي لکيو. هن
کي ڪاليج جي ادبي سرگرمين مان اتساهه مليو، جنھن جي ڪري هن ڪراچي مان جاري ٿيندڙ هڪ
سنڌي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۷۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ داخلا ورتي،
جتان ۱۹۸۲ع ۾ ماسٽرز ڪيائين.
گل حسن ڪلمتي، ڪراچي
يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست ۾ پڻ بھرو ورتو ۽ ابتدائي طور تي نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن
(اين ايس ايف) جو ڪارڪن بڻجي سياست شروع ڪيائين، بعد ۾ هن بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن
(بي ايس او) جوائن ڪئي پر ڪجھ عرصي کانپوءِ ھن جا ان تنظيم جي نظريي سان اختلاف ٿي
پيا. جنهن بعد هن، رسول بخش پليجو جي سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو،
گل حسن ڪلمتي ۱۹۸۴ع ۾ جيئي سنڌ محاذ(آريسر گروپ) ۾ شامل ٿيو پر ٿوري وقت کان پوءِ سياست وارو
رستو ڇڏي فقط علمي ادبي واٽ ورتائين.
ھن پڙھي لکي آفيسري
ته وٺي ڇڏي ھئي پر نوڪريءَ ۾ ھوندي به اڪثر وقت علمي ادبي ۾ مصروف رھندو ھو. ھو ڪراچي
جي بلدياتي اداري جي اھم عھدن تي ھجڻ جي باوجود به پاڻ کي آفيسر نہ سمجھندو ھو.
سادي سودي طبيعت رکندڙ گل حسن ڪلمتي ملير جي علائقي ۽ گڏاپ ٽائون کي بھتر ڪرڻ لاء
پاڻ پتوڙيو. ھن ملير جي تاريخ تي پڻ گھڻو لکيو ھو، جنهن مان ڪافي مضمون ۽ ڪالم
شايع ٿيا پر اڃا به ڪافي مواد سندس پونيرن وٽ اڻ ڇپيل صورت ۾ ھوندو.
گل حسن ڪلمتي
اخبارن ۽ رسالن ۾ پابندي سان مضمون ۽ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ھن جو گھڻو ڪري موضوع ڪراچي
جي تاريخ، سياسي ۽ عوامي شخصيتون، توڙي سياست رھيا. ھن "سنڌوءَ جي سفر ڪھاڻي"
جي سري هيٺ طويل سفرنامو تحرير ڪيو ھو، اھو سلسلو مقبول ٿيڻ بعد گل حسن ان کي ڪتابي
شڪل ۾ آندو، جيڪو ۹۰۰ صفحن تي ڪتاب بڻجي پيو. ڪتاب ايتري قدر مقبوليت ماڻي جو کيس سنڌي ادبي
سنگت سميت ڪيترن پليٽ فارمن تان ايوارڊ مليا. ھيء ڪتاب بعد ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين
۾ پڻ شايع ٿيو. ھن "ڪالاش: ڪافرن جو ديس" ۽ "برف جو دوزخ"
نالي پڻ سفرناما لکيا. ھن جو ھڪ ڪتاب "عشق جون ڳليون" پڻ اچي چڪو آهي.
گل حسن ڪلمتي ڪراچي
جي تاريخ لکندڙ پھريون سنڌي اديب آهي، جنهن کوجنا ڪري ڪراچيءَ جي جاگرافيائي تاريخ
کان وٺي ان جي شخصيتن، ماڳن مڪانن، ڪراچي ۾ رھڻ وارين ذاتين ۽ برادين سميت ان جي
سياست تي قلم آرائي ڪئي. ان حوالي سان سندس ڪتابن "ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار"،
"ڪراچي سنڌ جي مارئي" ۽ "سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ" اھم حيثيت رکن ٿا.
ھن جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو تحقيقي ۽ علمي پورهيو، لطيفيات جي موضوع تي ڪيل آهي.
ھيء تحقيقي پورھيو گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري گڏجي ڪيو ھو جيڪو سسئي جي
واٽ نالي ھڪ ڏکيو ڪم هو. ھن تحقيق ۾ ڀنڀور کان ويندي ڪيچ مڪران تائين گل حسن ۽
رخمان گل ڏينهن رات سفر ڪري انھي رستي تان پنڌ ڪيا، جتان سنڌ جي سرتاج شاعر شاھہ
عبداللطيف ڀٽائي سفر ڪيو ھو.
گل حسن ڪلمتي ھڪ
خوش مزاج طبيعت رکندڙ انسان هو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ ھاڃيڪار آهي. گل حسن جھڙا
سچا سپوت صدين ۾ جنم وٺن ٿا. رب سائين کيس جنت نصيب ڪري، آمين.
(ڏھاڙي مومل ڪراچيءَ
۾ ۱۷ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
گل حسن ڪلمتي
محقق کي ڀيٽا
خاصخيلي لطيف
راولاڻي
ملير جي سرسبز ساوڪ
جي مٽي ۾ ڪيئي ڪونڌرن ڏاھن جنم ورتو آھي. ھي ملير جي ڌرتي ڪڏھن تپي ٽانڊو ٿي پوندي
آھي ته ڪڏھن برف جھڙي ٿڌي ٿي پوندي آھي. انھي زميني ڦير گھير جي ڪري نوان خيال
نوان ذھن جنم وٺن ٿا. اھڙن ئي خيالن ۽ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ تحقيق جو شاگرد گل حسن ڪلمتي
به ملير جي مٽي مان ڦٽي نروار ٿيو.
شاگرد واري زماني
کان ادب سان دلچسپي لکڻ پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو. جنھن گڏاپ کان ڪراچي يونيورسٽي
تائين اڻانگو سفر ڪري ضلع ڪائونسل ۾ پبلڪ رليشن جي آفيسري پوسٽ تي رھندي باقي
تحقيقي سفر جاري رکيو. ضلع ڪائونسل طرفان ماھوار ماروئڙا ادبي مئگزين ۾ ٻانھن ٻيلي
ٿيو ۽ ڪراچي مان نڪرندڙ ماھوار مئگزين ۽ اخبارن کي اشتھار وٺرائي ڏيڻ ۽ انھن جي
مالي سھاتا پڻ ڪندو ھو ۔نوڪري مان فائدو کڻندي ضلع ڪائونسل جي ڪافي ڳوٺن ۾
لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ ۾ڪوششون ورتائين نه صرف بلڊنگون ٺھرائي ڏنائين پر انھن
کي ھڪ ھزار ڪتاب به ضلع ڪائونسل طرفان وٺرائي ڏنائين ۔ملير جي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ
۾ پروفيسر محمد ابراھيم خاصخيلي جڏھن عثمانيه لائبريري قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته
ضلع ڪائونسل اتي بلڊنگ به ٺھرائي ڏني ۽ ڪتاب به ڏنا اھو سڄو ڪم گل حسن ڪلمتي جي
نگراني ۽ ذاتي دلچسپي جي ڪري ٿيو. ان کان علاوه ملير جي ڳوٺن ۾ لائبريرين کي قائم ڪرڻ
۾ سندس وڏو ڪردار ۽ ڪارنامو رھيو آھي.
لکڻ سندس مشغلو
رھيوھو ۔ٻارنھن کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن اڃان به پنجن کان وڌيڪ ڪتابن جو مواد
تيار ٿيل آھي ۔پاڻ ھڪ دفعو ڪچھري ۾ ذڪر ۽ ڳڻتي ڪيائين ته ڪتاب ته تيار آھن پر
منھنجو ذاتي پبلشر کنڀجي ويو آھي ان ڪري ڪافي ڪتاب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا آھن ۔جڏھن
پبلشر آزاد ٿي موٽي آيو ته ھو ٻين قومي اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پيرين پنڌ سنڌ ۾ نڪري
ويو جن سان ھو مختلف ھنڌن تي قيد ٿيل ڪارڪنن سان ملي آيو ھو ۽ انھي پبلشر سنڌي
انعام اھو وچن ڪيو ھو ته آزادي ملڻ کان پوءِ خاموش نه ويھبو ۽ اھو وچن پورو ڪري ڏيکاريو
اڄ به ھو سنڌ جي مختلف ضلعن جي پريس ڪلبن ۾ احتجاج ڪري رھيو آھي ۽ ايئن جاکوڙي
تحقيقي ليکڪ جا ڪتاب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا.
ڪراچي سنڌ جي ماروي
۽ ڪراچي جا لافاني ڪردار تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آھن. پروفيسر اعجاز قريشي جڏھن ڪراچي
جو ڪيس تيار ڪيو ته ان جي مھاڳ لاءِ گل حسن ڪلمتي تي ذميواري رکي وئي ته ڪتاب جو
مھاڳ لکي ۔ملير ۾ ڪوبه سياسي سماجي ميڙاڪو ٿيندو ھو ته گل حسن ڪلمتي ان جو اھم حصو
۽ اڳواڻ طور تي شرڪت ڪندو ھو. ملير جي اھڙي ڪابه سرگرمي ٿيندي ھئي ته گل حسن سڀ
کان اڳڀرو نظر ايندو ھو ۔ھي ھڪ متحرڪ ڪردار ھو جنھن جي ڪري ئي ملير جا ٻيا به متحرڪ
سپاھي علم ادب جا ڄاڻو شاهه جا پارکو سندس ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا ان ۾ نالا ته گھڻا
آھن پر خاص طور تي ملير بچايو اتحاد جو باني سيد خداڏنوشاهه، شاهه جو پارکو
پروفيسر رخمان گل پالاري، سماجي اڳواڻ غلام رسول بلوچ سدائين سفر ۾ ٻانھن ٻيلي
ھوندا ھئا. گل حسن ڪلمتي تاريخ تي لکڻ کان پوءِ سمنڊ جو رخ ڪيو ۽ اتي به تحقيق ڪرڻ
جو ارادو ڪيائين سمنڊ ۾ گم ٿيل ٻيٽن جي تلاش ۾ نڪري پيو. اتي سامونڊي سونھي يونس
خاصخيلي ۽ ايوب شان سمنڊ جا سڀ ٻيٽ گھمي ڦري سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ ڪتاب تيار ڪري سنڌي
ادب ۾ تحقيقي اضافو ڪيو جنھن جي مقبوليت ۽ اھميت کي ڏسندي ان جو انگريزي ٻولي ۾
ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو. تاريخ ۽ تحقيق جو سفر جاري آھي پر ان ۾ گل حسن ڪلمتي
جو خال ھميشه لاءِ رھجي ويو ۔سندس ڪيل ڪارناما ڪتاب اسان جي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ
مشعل راهه ثابت ٿيندا ماڻھو موڪلائي ويندو آھي پر ان جا ڪيل ڪم ڪارناما ھميشه لاءِ
تاريخ جو حصو بنجي ويندا آھن.
ڪتاب ھڪ اھڙو
جاندار جيو آھي جو ان جي ليکڪ کي مرڻ ڪونه ٿو ڏي ھو ان کي زنده رکندو آھي. پوءِ ڀلي
صديون گذري وڃن ۔ڪتاب جو خالق جيئرو رھندو آھي. ان لاءِ ڪنھن جو قول آھي ته ڪنھن
شخص وڏي عالم کان پڇيو ته مونکي آب حيات گھرجي جنھن جي پيئڻ سان آئون سڄي ڄمار
زنده رھان. ان تي ڏاھي عالم وراڻيو ته پوءِ به تون مري ويندين آب حيات کان بھتر
آھي ته دنيا ۾ اھڙو ڪم ۽ ڪارنامو ڪري وڃ جو دنيا توکي سڄي عمر ياد ڪري۔
جان جان ھئي جيئري،
ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي،
ساريندين کي سڄڻين.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ مئي ۲۰۲۴ع ۽ ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ مئي ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا