سنڌ- هند جو مشهور سماجي
خدمتگار ۽ قانوندان
ڏيارام گدو مل، ۳۰ جون ۱۸۵۷ع تي منشي گدو مل جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو،
جيڪو پاڻ به وڏو سخي مرد هو. سندس ڏاڏو منشي ميگهراج، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جي
جرنيل شاهه بهاري جو منشي هو. شاهه بهاري سان ويجهڙائپ جي ڪري هنن جو خاندان شاهاڻي
سڏجڻ لڳو.
