فائونڊر ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽ فائونڊر چيئرمين يونين ڪائونسل ڌڱاڻو
مھيسر
مرحوم نظر محمد خان
مھيسر، سن ۱۹۰۹ع ۾ پيدا ٿيا. پاڻ فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻو ھئا. ننڍپڻ کان ئي تمام گھڻا ذھين ۽ داناءَ ھئا. سندن ڏاھپ ۽ دانائي، اڄ به مشھور آھي.
نظر محمد خان جن جي
سوچ، تمام گهڻي
گھري ۽ وسيع ھئي. پاڻ جوانيءَ جي عمر ۾ ئي سوشل ايڪٽيوسٽ طور اڀريا. ان کان علاوه پاڻ
تعليم دوست ھئا. سال ۱۹۴۸ع ڌاري ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول منظور ڪرايائون ۽ اڳتي ھلي، جڏھن ۱۹۶۰ع ڌاري بلدياتي نظام متعارف ٿيو ته پاڻ سياسي
طور تي سرگرم ٿيا ۽ يو سي ڌڱاڻو مھيسر جا فائونڊر چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو جا ميمبر منتخب ٿيا.