; سنڌي شخصيتون: اي ڊي ناريجو، سليم چنا، نور محمد هاءِ اسڪول،
Showing posts with label اي ڊي ناريجو، سليم چنا، نور محمد هاءِ اسڪول،. Show all posts
Showing posts with label اي ڊي ناريجو، سليم چنا، نور محمد هاءِ اسڪول،. Show all posts

07 September, 2019

اي ڊي ناريجو


اي ڊي ناريجو
سياسي ۽ سماجي ڪردار
سليم چنا
سياسي، سماجي ۽ اڻٿڪ محنت جي علامت بڻيل ڳوٺ جهنڊو ناريجو جو الله ڏنو جيڪو پوءِ پنهنجي طويل جدوجهد جي سڄي دور ۾ اي ڊي ناريجو بڻجي سامهون آيو. تنهن، سنڌ جي عظيم سورهيه شهيد هوش محمد شيدي جي آخري آرامگاهه ويجهو ميرن ۽ انگريزن جي جنگ واري علائقي ۾ بهار رُت وارن ڏينهن ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۵ع ۾ ڳوٺ جهنڊو ناريجا ۾ وڏيري الله بچائي ناريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. اي ڊي ناريجو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر مسلم ڪاليج مان ڪري جڏهن سچل ڪاليج ۾ آيو ته نوجوان شاگردن جو اڳواڻ ٿيو.