فريد نواز بلوچ
سنڌي ڊرامن جو شاهاڻو انداز رکندڙ - ستر هين ورسي جي مناسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
فريد نواز بلوچ ريڊيو،
ٽي وي ۽ فلم جو سدا بهار اداڪار ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي اداڪاري ۾ فطري رنگ ڀري
هڪ منفرد ۽ ور اسٽائيل اداڪار جي حيثيت ماڻي ۽ ڏسندڙن جي دلين ۾ جڳھه پيدا ڪئي. فريد
نواز بلوچ فريد محلا گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رئيس خان محمد نوحاڻي جي گهر ۾ ۹ سيپٽمبر ۱۹۴۶ع ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس پيدائش کان اڳ ئي
سندس والد صاحب وفات ڪري چڪو هو. رئيس خان محمد نوحاڻي بلوچ کي ۲ پٽ ۽ ۲ نياڻين جو اولاد هو. جنهن ۾ عبدالستار نوحاڻي،
آپا مريم نوحاڻي، آپا نظير ۽ فريد نواز بلوچ هئا. فريد نواز بلوچ شروعاتي تعليم حيدرآباد
۾ ئي ورتي ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. اهڙي طرح هن مختلف کاتن ۾ نوڪري
به ڪئي ۽ ٽي سي پي جي عهدي تي به رهيو.
