خليل مورياڻي
نسيم بخاري
سنڌ جو ناميارو اديب،
محقق ۽ مرتب شڪارپور جو عاشق خليل مورياڻي اڄ صبح پنهنجي گهر مورياڻي محلا شڪارپور
۾ ۷۰ سال ۽ ڪجھ مهينن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي خليل مورياڻي شڪارپور هسٽاريڪل
سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان هو سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ شڪارپور سونهن جو شهر، شڪارپور
تاريخ ۽ تحقيق، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، ڀڳت ڪنورام ۽ موئن جو دڙو شامل آهن شهيد
قيوم منگي بابت ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي.
خليل مورياڻي انڊيا
جي مشهور سنڌي رسالي ''رچنا'' جي خصوصي نمبر ثميرا زرين جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي
پاڻ شڪارپور جي شخصيتن جي حوالي سان توڙي شڪارپور بابت ڪيترائي سيمينار به ڪرايائين
خليل مورياڻيءَ بابت سنڌ جي نامياري صحافي، ناولسٽ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سنڌيڪار مرحوم
آغا سليم چيو هو ته اوهان کي جيڪڏهن شڪارپور سان ملڻو آهي ته اوهان خليل مورياڻيءَ
سان ملو.
ڪجھ وقت اڳ خليل
مورياڻي پنهنجي ڪراچيءَ کان آيل هڪ دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته شاهي باغ جي
مک دروازي تي ٿاٻڙجڻ سبب ڪري پيو هو جنهن ڪري ڄنگھ ڀڄي پئي هئي پاڻ ڪيتري ئي عرصي
کان شگر جو مريض به هو خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن هو هن سڄي زندگي
شادي نه ڪئي کيس اڪيلائيءَ سان پيار هو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ
شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر پاران خليل مورياڻيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي ۳ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
---
نامياري اديب خليل
مورياڻي سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان سوڳوار ماحول ۾ مختيارڪاري قبرستان ۾ مٽيءَ
ماءُ حوالي ڪيو ويو جنهن جي جنازي نماز مورياڻي پاڙي ۾ قاري نثار احمد منگي پڙهائي
جنازي نماز ۾ سنڌ جي نامور اديبن اسرار علوي، اياز گل، ادل سومرو، ڊاڪٽر عامر عباس
سومرو، بدر اڄڻ، ارشاد شيخ (آدرش)، ضياءُ شاھ، عديل مهر، نسيم بخاري، انور سومرو،
سجاد مهر، لطف سيال، اسد مڱڻهار، زبير سومرو، حسام ميمڻ، حمير چانڊيو، سلمان سومرو
سميت اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي لطف الله منگي جماعت اسلامي سنڌ جي
نائب امير نظام الدين ميمڻ، عبدالحئي مورياڻي، فهد مورياڻي، ڪائونسلر عرفان مورياڻي،جسقم
اڳواڻ عبدالسميع بلالي، پروفيسر بدر هڪڙو، ضلعي ڪائونسل ميمبر نادر شاھ، پروفيسر
پرڪاش لعل، محمد حسين سومرو پرنسپل حرا اسڪول، پروفيسر آغا سمندر خان، پروفيسر
عبدالباقي شيخ، جگن ناٿ لائبريريءَ جي لائبريرين فريد احمد شيخ، پريس ڪلب صدر حاجي
رحيم بخش جمالي، زاهد نون، سلطان رند، سوڍو جي، صلاح الدين اوستو، جلال الدين
اوستو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
خليل
مورياڻي
منظور پرواز
اسان جو پيارو دوست
۽ سنڌ جو مايه ناز اديب محقق سائين خليل مورياڻي اسان کان ھميشه لاء موڪلائي ويو.
ساڻس آخري ملاقات ۽ ڪچھري ۱۴ نومبر خميس ڏينھن سائين ضياء شاھ سان گڏ ٿي. مگرسندس طرفان
گروپ ڦوٽوء جي فرمائش پوري نه ٿي سگھي جو اسان ۾ ڦوٽو ڪڍڻ جو افعال ئي ڪونه ھيو۰مان وڏي عرصي کانپوء شايد ساڻس ئي آخري
ملاقات لاء آيو ھوس جو پاڻ به فون تي بار بار ملاقات لاء ياد پئي ڪيائين شايد اسان
کان جلد ئي موڪلائڻو ھيس. ملاقات دوران فزيوٿراپيءَ واري کي به ڪلاڪ دير سا اچڻ
لاء چيائين. ھوھڪ ٻئي پياري دوست ارشاد ڪاغذي جي وڇوڙي کانپوءِ اڪيلو ٿي پيو ھو جيڪو
کيس ھر وقت اچي سنڀاليندو ھو ۽ سندس لاء وڏو آٿت ھيو. خليل مورياڻي جو اوچتو وڇوڙو
ھند سنڌ ۽ شڪارپور لاء ھڪ وڏو نقصان ۽ خال آھي جيڪو زندگيء ڀر ڀرجي نه سگھندو. خدا
پاڪ کيس جنت ۾ جاء ڏيندو ۽ دوستن ۽ پوين کي صبر جي توفيق عطا ڪندو. آمين
خليل مورياڻي
شڪارپور جو اتهاس
وحيدمحسن
شڪارپور علم و ادب
جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي ۽ اُن مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن پنهنجي خوشبو کي
قائم رکيو آهي ۽ هڪ اهڙو تسلسل ڏنو آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رهن ٿا! جيئن
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار امر جليل هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته: ”آءٌ شڪارپور ۾ ڇو
نه ڄميس“ بهر حال هن مٽيءَ جي محبت جا وڏا وڏا مثال ملن ٿا، جهڙي طرح سامي، غلام
علي مسرور بدوي، شيخ اياز، نياز همايوني، ثميره زرين، نقش ناياب منگي، ڊاڪٽر
عبدالخالق ”راز“ سومرو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن هن ئي مٽيءَ مان جنم
ورتو. شڪارپور جي ڇا ڳالهه ڪجي ڪو دؤر هو جڏهن شهر جي چئني طرفن کان خوبصورت باغ
هوندا هئا ۽ اُتي فطرت مرڪندي هئي، اهڙي ئي ماحول ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي خليل مورياڻي جنم ورتو جنهن جو ڇٺيءَ
جو نانءُ خليل الرحمان رکيو ويو اهو ڏينهن شڪارپور جي لاءِ ڀاڳن ڀريو ثابت ٿيو.
خليل مورياڻي
شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي،
انٽر ۱۹۶۷ع ۾ بي.اي ۱۹۶۹ع ۾ سي.اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪئي. اُن کان پوءِ ايم.اي (پوليٽيڪل
سائنس) ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي.
جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو
خليل مورياڻي کي مطالعي
جو ذوق اسڪول واري دؤر کان ئي رهيو هن پڙهي پرجهي مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪي
مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهيا ۽ سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي
ادب رهيو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا خليل مورياڻيءَ کي نمايان ڪري ٿي اُها اهم ڳالهه اها آهي
ته هن شڪارپور جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻه ڪتاب انهيءَ موضوع تي مرتب ڪيا آهن.
اسان جڏهن خليل مورياڻيءَ سان ڪچهري ڪندا آهيون ته شڪارپور جي تاريخ جا ورق کلي
پوندا آهن ۽ انهيءَ مهل خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس لڳندو آهي ۽ سندس گفتگو ۽
چاشني هوندي آهي هڪ تسلسل هوندو آهي. اهڙو اتهاس ٻُڌي تاريخ کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو
آهي.
خليل مورياڻي شڪارپور
سان بي انتها پيار ڪندي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اديب دوستن سان ملي ڪري ۱۹۸۴ع ڌاري شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد
وڌو ۽ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي اڄ به قائم دائم آهي ۽ مان به اُن جو حصو آهيان ورڪر
آهيان، ويجهڙ ۾ خليل مورياڻي جي جستجو سان مشاهير شڪارپور ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون
آهن جنهن سان پڻ شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب کي روشناس ڪيو پيو وڃي سندس اها خدمت پڻ
قابل داد آهي، خليل مورياڻي هڪ باذوق مرتب آهي ۽ پاڻ بنيادي طور تي مضمون نگار آهي
جنهن پنهنجي ڪرت کي قائم رکيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
۱. ”شڪارپور: سونهن جو شهر“ ۱۹۹۶ع ۲. ”شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق“ ۲۰۰۴ع، ۳. ”ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون“ ۲۰۱۰ع ، ۴. ”موهن جو دڙو“ ۲۰۱۱ع ، ۵. ”سنڌ جو ڪنور ڀڳت رام“ ۲۰۱۴ع ۶. ”ساهت ۽ ڪلا جي - رچنا ثميره زرين نمبر“ انڊين انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي جي طرفان شايع ڪيو ويو آهي.
خليل مورياڻي جا اڻ
ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن. ۱. ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ: ٿر جو سفر نامو ۲. صدين جو سرجڻهار ۳. تاج صحرائي فن ۽ شخصيت ۴. سامي سهسين سج.
خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن نالي اشاعتي ادارو ڪائم ڪري
سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”هوءَ موٽي
آئي“ شايع ڪيو هو.
خليل مورياڻيءَ جي
سهيڙيل ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته انهيءَ مان هڪ ڳالهه عيان ٿئي ٿي ته سندس
ترتيب ۽ چونڊ شاهڪار آهي ۽ هن جي تحريرن ۾ سنڌ؛ شڪارپور، سونهن ۽ تاريخ جا تجلا ڏئي
ٿي.
خليل مورياڻي اڄ
صبح ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ ع تي شڪارپور کي الوداع ڪندي پنهنجي گهر مورياڻي محلي ۾ اسان کان ھميشھ
لاء وڇڙي ويو سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا اديب سوڳوار آهن.
خلیل موریانی بھی نہیں
رہے
علی
عابد سومرو
میں
جب بھی شکارپور جاتا تو لکھیدر گیٹ پرموجود ادیبوں ، شاعروں اور صحافیوں کے ملنے کی
جنکشن اسٹیشن۔ انڈس ہوٹل پر چکر ضرور لگاتا ، جہاں پر آدرش، سلمان سومرو، ھمیر چانڈیو
اورمحترم خلیل موریانی صاحب بھی اکثر ملا کرتے تھے۔
خلیل
موریاںی سے ملاقات ہوتی تو شکارپور کی تاریخ کے کسی نہ کسی پہلو پربات ضرور ہوتی۔۔کبھی
وہ شکارپور کے ادب پر کبھی شکاپورکے تعلیمی اداروں پر کبھی اس شہر کی خوبصورتی اور
یہاں کے لوگوں کی خوش لباسی پر بات کرتے تو کبھی شاہی باغ اور شیخ ایاز اور ان کی
شاعری میں آرائیوں کے ذکر پرمفصل گفتگو کرتے۔۔۔
خلیل
موریانی تقسیم ہند سے پہلے کی شکارپور اور یہاں پر ہونے والے عالمی سطح کے کاروبار
اور یہاں کے لوگوں کی خوشحال زندگی پر بڑی دیر تک بات کرتے ۔۔
شکارپور
میں روایتی تانگہ سواری اور تانگہ بانوں کی خوش گپیوں پر بڑے ہی دلچسپ تبصرے اورسیرحاصل
گفتگو کیا کرتے ۔۔۔ان کے منہ سے نکلی ہر بات مصدقہ اورعالمانہ ہوتی تھی ۔۔
خلیل
موریانی شکارپور شہرکے چلتی پھرتی انسائکلو پیڈیا کی حیثیت رکھتے تھے ۔۔وہ جہاں پیرس
دور کے شکارپور کی خوبصورتیاں بیان کرکے نہیں تھکتے تھے وہیں انہیں شکارپورشہر کے اصل
شہریوں کی کراچی اوردیگر ممالک نقل مکانی پربھی بڑا افسوس رہتا تھا ۔۔
وہ
کہتے تھے کہ قبائلی لوگوں کی شہرمیں دھڑا دھڑ آبادی جہاں شکارپور شہر کے موجودہ حالت
کی ذمہ دار ہے ۔۔وہیں اس شہر کے اصل باسیوں کی اس سے بیوفائی کو اس سے بری الذمہ
نہیں کر سکتے ۔۔
خلیل
موریانی صاحب کا پہلے لکھیدر پر ہی واقع ماڈرن پرنٹنگ پریس مسکن ہوا کرتی تھی ۔۔جب
غلام رسول میمن جو اس وقت اپنی پرنٹنگ پریس سے قربانی اخبار سمیت رسائل اور جرائد
نکالا کرتے تھے ۔۔
شکارپور
میں ماڈرن پرنٹنگ پریس بھی علمی ادبی لوگوں کے ملنے کا ایک اہم مقام ہوتا تھا ۔۔
مرحوم
غلام رسول میمن کے بعد وہ پریس ان کے شاگرد وحید قریشی نے آباد رکھا تھا لیکن
پھرانہوں نے بھی اپنا الگ رائل پرنٹنگ پریس کے نام سے الگ پریس قائم کرلیا ۔۔خلیل
موریانی سے وحید قریشی کے پریس پر بھی ملاقاتیں ہوتی تھیں ۔۔
شہر میں
ادبی کانفرنسز ہوں یا دیگر تقریبات خلیل موریانی ہر جگہ پہنچ جاتے اوراپنے ہونے کا
احساس دلاتے۔۔ادبی سنگت کے ہفتہ وار کلاسز ہوں یا شعرا کے ساتھ شامیں۔۔ خلیل موریانی
کسی بھی نشست میں غیر حاضر نہیں رہتے تھے۔
میں نے
تو ان کو موسیقی کی محفلوں میں بے حد محظوظ ہوتے اور گلوکاروں کو داد دیتے ہوئے بھی
دیکھا تھا ۔گویا وہ فنون لطیفہ کی ہر صنف سے بے انتہا محبت کرتے تھے ۔
وہ
فنون لطیفہ سے محبت کرنے والا بندہ تھا ، اس لیے تو مزاجاً اتنا ماٹھا ،سنجیدہ اور
ملنسار تھا ۔۔خلیل موریانی اپنے اندر ایک الگ دنیا آباد رکھے ہوئے تھے ۔۔ وہ دنیا
تھی ان کے خوابوں کی ۔۔
ان کا
خواب تھا کہ شکارپور پھر سے پیرس بن جائے۔۔۔یہ شہر پھر سے پڑھے لکھے لوگوں کا شہر ہوجائے
۔۔اس کی سڑکیں پھر سے گلاب کے پانی سی دھوئی جائیں ۔۔۔وہ آرائیں اچانک کہیں سے آجائیں
جو شاہی باغ سے پھول توڑکر ٹوکریاں بھربھر کر شہر میں ہردروازے پر پھول پیش کیا
کرتے تھے ۔۔
خلیل
موریانی شکارپور شہر کی ادبی محفلیں پھر سے آباد دیکھنا چاہتے تھے ، وہ اس شہر کا پھر
وہی اوج دیکھنا چاہتے تھے ۔۔لیکن موت نے ان کی یہ مہلت نہیں دی ۔۔اور اچانک ہی خبر
آگئی کہ خلیل موریانی اب جہاں میں نہیں رہے ۔۔۔
ہاں
خلیل موریانی اس دنیائے فانی میں نہیں رہے مگران کے خیال ان کے خواب یہیں کہیں
موجود ہیں ۔۔۔وہ ہمارے ارد گرد ان خیالوں اور خوابوں کی صورت میں موجود ہیں۔۔ہمیں
ان کے ان خیالوں اور خوابوں کو تکمیل تک پہنچانے کے لئے ان کے اس سفر کو آگے لیکر
چلنا ہوگا ۔۔ہمیں شکارپور کو پھر سے محبتوں اور ادبی سرگرمیوں کا گہوارہ بنانا
ہوگا ۔۔ہمیں آنیوالی نسلوں تک خلیل موریانی کا یہ پیغام پہنچانا ہوگا ۔۔۔
خليل مورياڻي
سنڌ ۽ هند کان وڇڙي ويل پيارو ماڻهو
نسيم بخاري
سنڌ ۽ هنڌ کان هڪڙو
پيارو اديب خليل مورياڻي هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، جنهن جي وڇڙي وڃڻ جو درد
سندس خاندان، پاڙي ۽ شهر تائين ئي محدود ناهي پر ان جو دائرو سنڌ ۽ هنڌ تائين پکڙيل
آهي. ڇو ته خليل مورياڻي صاحب جو سنڌ ۽ هنڌ جي اديبن سان هڪ ئي وقت هڪ جيترو نه رڳو
تعلق هوندو هو پر مسلسل رابطو ۽ واسطو به رهندو هو.
خليل مورياڻي پاڻ
ته هينئر اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊيءَ جي سامهون واري قبرستان ۾ مدفون آهي
پر هن جون ساروڻيون پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جڳن تائين ڳائبيون رهبيون. هن
سنڌ جي پراڻي تهذيب موهن جو دڙو جي حوالي سان يادگار مضمونن تي مشتمل هڪ لاجواب ڪتاب
ترتيب ڏئي پڙهندڙن کي تاريخي معلومات فراهم ڪئي آهي. خليل مورياڻي صاحب سنڌ جي امر
ڪردار ڀڳت ڪنور رام جي حوالي سان لکيل شاندار مضمونن کي سهيڙي ۽ ڪتابي صورت بخشي
نئين نسل آڏو ڀڳت ڪنور رام جي عظمت اظهاري آهي. هن گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب
به ڇپرايو هو، جنهن جون ڪجھ ڪاپيون مون کي به سوکڙي ڪري ڏنيون هئائين. خليل مورياڻي
صاحب شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان رهيو، سندس محنتن سان شڪارپور
۾ ادبي سازگار فضائون يقيني بڻيون. دراصل شڪارپور ورهاڱي کان اڳ ايڏو ادبي شوق ۽
ذوق سان ڀرپور رهيو آهي جو ڪوئي چاهي يا نه چاهي، ان ۾ ادبي رجحان پيدا ٿي وڃي ٿو.
اهو ئي سبب آهي ته خليل مورياڻي صاحب به ادبي دنيا ۾ پنهنجو نانءُ پيدا ڪيو؛ نه رڳو
نانءُ پيدا ڪيو پر گهڻو ڪجھ ڪري به ڏيکاريائين.
سندس جنم ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي مورياڻي محلا شڪارپور ۾ هدايت الله
مورياڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هدايت الله مورياڻي پنهنجي دور جو معتبر اوستو هو. خليل
مورياڻي جنهن گهر ۾ رهندو هو، اهو ننڍڙو ۽ خوبصورت گهر به سندس بابا جي هٿن سان
تعمير ٿيل آهي. هي دل سان ماڻهن جا گهر ٺاهيندو هو، جيڪي اڄ به يادگار آهن. هدايت
مورياڻي ماڻهن کي اجها آڇيا، خليل مورياڻي وري ماڻهن جي دلين ۾ ادبي احساس جاڳايو
۽ اهو محسوس ڪرايو ته خوراڪ صرف جسم کي نه کپندي آهي پر روح ۽ دل کي به اها درڪار
هوندي آهي، جيڪا سٺي صحبت ۽ بهترين مطالعي سان ئي ممڪن هوندي آهي. خليل صاحب جو
گهر نه رڳو شڪارپور جي اديبن آرٽسٽن ۽ محققن لاءِ ادبي مرڪز بڻيل هوندو هو پر سنڌ
جو يا هنڌ جو ڪو به اديب شڪارپور ايندو هو ته اهو خليل مورياڻي صاحب جو مهمان بڻبو
هو ۽ خليل صاحب نه رڳو سٺي ميزبان جا فرض سرانجام ڏيندو پر ٽوئرسٽ گائيڊ بڻجي کيس پنهنجي
شهر جا تاريخي ماڳ مڪان به گهمائيندو هو. هو سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر هو. ادبي
تقريبن ۾ نه رڳو شريڪ ٿيندو هو پر انهن جي اهتمام ۾ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو
هو. خليل مورياڻي صاحب جي اها به خوبي هئي ته پنهنجي شهر کان ٻاهر ٻين ضلعن جي
شهرن ۾ ادبي تقريبن ۾ پنهنجي شهر جي اديبن کي به پاڻ سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ساڻ وٺي
ويندو هو. هن قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي مورياڻي پاڙي جي ۱۹۵۵ع ۾ عبدالمجيد مورياڻيءَ پاران قائم مدرسي
مان قاري نثار احمد صاحب کان حاصل ڪئي. ان مدرسي ۾ علي محمد ڪاڪيپوٽو به ايندو هو،
جيڪو جڏهن لاهور اورينٽل ڪاليج ۾ استاد هو ته لاڳيتو ٽي مهينا اردوءَ جي مشهور
شاعر علامه اقبال کي فلسفو پڙهايو هئائين ۽ زندگيءَ جي پڇاڙڪي دور ۾ ساڳي مدرسي ۾ ٽي
مهينا به گذاريا هئائين. خليل مورياڻيءَ جو ويجهو عزيز بشير مورياڻي سنڌي ٻوليءَ
جو مشهور ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، جنهن جي ترجمن جا ڪتاب به عاليشان آهن. سندس ڪهاڻين
جي مجموعن ۾ نيو فيلڊس پاران ڇپايل ڪتاب ۽ ايڇ آر احمد وارن پاران شايع ٿيل
”اجنبي“ سيني ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي. هن جو ٻيو به ڪيترو ئي مواد شايع ٿي چڪو آهي.
خليل صاحب جي ويجهي مائٽ عبدالحئي مورياڻيءَ جو شڪارپور جي مسجدن جي حوالي سان
تازو تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اهڙي خانداني ادبي پس منظر سان تعلق رکندڙ
خليل مورياڻيءَ پرائمريءَ جا پنج درجا جماڻي هال اسڪول ۾ پڙهيا، کيس پهريون ۽ ٻيون
درجو نامياري محقق ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي والد محمد صديق هڪڙو پڙهايو. خليل مورياڻي
صاحب محمد صديق هڪڙو جي آڱر پڪڙي پنهنجي گهر موٽندو هو. محمد صديق صاحب جي لاڏاڻي
کان پوءِ به هن جو هٿ ڊاڪٽر انور فگار جي هٿَ ۾ رهيو ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ۽ عقيدت مورياڻي صاحب جي آخري پساهن
تائين برقرار رهي.
خليل مورياڻي ميٽرڪ
هاءِ اسڪول نمبر ون مان ڪئي. گريجوئيشن سي اينڊ ايس ڪاليج ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس
۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. شڪارپور سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي حوالي
سان به متحرڪ رهيو. خوراڪ کاتي ۾ فوڊ انسپيڪٽر طور نوڪريءَ جو آغاز ڪيائين ۽ ڊسٽرڪٽ
فوڊ ڪنٽرولر تائين ترقي ڪيائين. سندس شڪارپور سان بي انتها محبت هئي. اهو ئي سبب
آهي جو پاڻ ناميارن ڪالمنگارن، محققن ۽ ليکڪن جو مواد سهيڙي نه رڳو شڪارپور ”سونهن
جو شهر“ ڪتاب ڇپرايائين پر شڪارپور ”تاريخ ۽ تحقيق“ به پڙهندڙن جي هٿن تائين
پهچايائين. ويجهڙ ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران شڪارپور بابت مضمونن تي مشتمل شايع ڪرايل
مدد علي سنڌيءَ جي ڪتاب جي حوالي سان به خليل مورياڻي صاحب جو مدد علي سنڌيءَ سان
وڏو سهڪار رهيو. هن جو ٿر سان وڏو لڳاءُ هو، ان ڪري ٿر بابت لکيل مضمون ۽ سفرناما
سهيڙيا هئائين. هن ڇپائيءَ لاءِ هڪ اداري کي مواد به ڏنو هو پر ڪتاب ڇپجي نه سگهيو
آهي. شڪارپور جي صوفي منش سياسي شخصيت قيوم منگيءَ بابت به مختلف وقتن تي شايع ٿيل
مضمون گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ پئي چاهيائين. هن اهو مواد ڪمپوز به ڪرائي ڇڏيو هو،
پر ان ڪتاب جي ڇپائي سندس حياتيءَ ۾ ٿي نه سگهي. هن شڪارپور جي شخصيتن بابت به هڪ ڪتاب
مرتب ڪري ڇپائڻ پئي چاهيو ۽ مواد به گڏ ڪري ڇڏيو هئائين. شڪارپور شهر بابت به لکيل
تحريرون ڪتابي صورت ۾ آڻڻ پئي گهريائين پر بي رحم موت کيس اها مهلت نه ڏني.
عام طور تي ماڻهو
مرڻ کان پوءِ رڳو چند ڏينهن تائين ئي ساريو ويندو آهي پر خليل مورياڻيءَ جون ادبي
خدمتون کيس گهڻي وقت تائين زنده ۽ جاويد رکنديون. خليل مورياڻي جي جنازي ۾ رڳو شهر
جا ماڻهو پلٽجي نه پهتا هئا پر جتي جتي به ۽ جنهن جنهن کي به ان جي لاڏاڻي جي خبر
پئي هئي. اهو اتان هلي هن جي آخري ديدار پسڻ لاءِ پهتو هو. ماڻهن جي هن سان اها
محبت اسان لاءِ اهو پيغام ڏئي وئي آهي ته اسان به پنهنجي زندگي اهڙي نموني سان
گذاريون جو اسان پڄاڻان ڪو اسان کي محبت سان ياد ڪرڻ لڳي.
خليل مورياڻي صاحب
جو مون سان تمام گهڻو پنهنجائپ وارو تعلق هو. هن جي هر روز صبح جو جيئن اک کلندي
هئي، تيئن هن جو آڱريون جيڪو پهريون نمبر ڊائل ڪنديون هيون سو منهنجو هوندو هو. هن
منهنجي ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ جو نه رڳو شاهڪار مهاڳ لکيو پر منهنجي اسرار تي
منهنجي ايڊيٽرشپ هيٺ شايع ٿيندڙ ماهوار ”وک“ شڪارپور جي لاءِ هندستان جي سفرنامي
لکڻ جي شروعات به ڪئي، جنهن جي پهرين قسط مون پنهنجي رسالي ۾ شايع به ڪئي هئي، ان
کان پوءِ اڳتي لکي نه سگهيو.
خليل مورياڻي صاحب
کي شگر جي بيماري هئي پر کيس شگر ايتري تڪليف نه ڏني جيتري پريشاني سندس ڄنگھ ڀڃڻ
جي ڪري ڏسڻي پئي. هو پنهنجي هڪ ڪراچيءَ مان آيل دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته
شاهي باغ جي مک دروازي وٽ پير ٿاٻڙجڻ وارو واقعو پيش آيو، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڏينهن
پاڻ سکر جي حرا اسپتال ۾ داخل هئا. شڪارپور ۾ ڪافي عرصو پنهنجي گهر ۾ بستري تائين
محدود رهيا. بعد ۾ صحت ۾ ڪافي بهتري آئي، شهر ۾ ٻاهر چڪر لڳائڻ لاءِ به نڪرندا
هئا. هن جي گهر اڪثر ادبي دوستن جي اچ وڃ سندس آخري ڏينهن تائين برقرار رهي. ۲۶ نومبر جو سج جيئن ئي اڀريو ته اهو ننڊ ستل
خليل مورياڻي صاحب لاءِ ابدي آرام جو اطلاع کڻي آيو. اهو اطلاع رڳو عام اطلاع نه
هو پر ان اطلاع سبب ادبي، صحافتي ۽ شهري سڄاڻ حلقن جي هانءُ ۾ هٿ پيا هئا، دلين تي
سوڳ جي موسم طاري ٿي وئي هئي. ڇو ته هاڻ خليل مورياڻي صاحب هن فاني دنيا مان هليو
ويو هو.
خليل مورياڻيءَ جي
لاڏاڻي واري خبر جيئن ئي پهتي، تيئن ئي مورياڻي محلي ۾ سندس رهائشگاھ تي پرستارن
جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. هن جي جنازي کان تدفين تائين سندس برادريءَ جي ماڻهن کان ڪيترائي
ڀيرا وڌيڪ شهر جا ٻيا ماڻهو متحرڪ به ٺاهيا. مقصود ميراڻي هجي يا ميراڻي برادريءَ
جا نوجوان، آزاد جوکيو هجي يا وقار سومرو، ڪنهن ڪنهن جي ڳالھ ڪجي، مورياڻي محلي
کان نئين مقام تائين وارو پنڌ چڱو خاصو پنڌ آهي. ان سفر دوران ميت کي ڪنڌي ڏيندڙن
جي محبت ڏسڻ وٽان هئي. هر ڪنهن ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو اعزاز ماڻڻ پئي چاهيو. اها ايڏي
وڏي عوامي محبت ۽ ادبي خراج هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندو. مورياڻي صاحب جي تڏي کڻڻ
کان نئين مقام تي سندس مزار تي اديبن پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور
سجاد مهر جي اڳواڻيءَ ۾ حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي قل پڙهي دعا بخشڻ تائين هر لمحو
پنهنجي اندر لطيف سرڪار جي ان بيت کي جيئاري رهيو هو ته،
ماڻهو سڀ نه سهڻا
پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ
منجھ اچي بوءِ بهار جي
خليل مورياڻيءَ جو
موت اسان کي اهو احساس ڏياري ويو آهي ته مرڻو ته هر ڪنهن کي آهي پر موت کي جيڪڏهن
مات ڏيڻي آهي ته زندگي ائين گذارجي جيئن خليل صاحب گهاري ويو آهي.
خليل مورياڻي
تعزيتي گڏجاڻي
۲۸ نومبر ۲۰۱۹ ع خميس ڏينهن سانجھ ڌاري نامياري اديب خليل مورياڻي جي مرتيي تي سنڌي ادبي
سنگت شاخ ڪراچي جي گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ گل رنگ جي آڳنڌ تي مظفر ميمڻ جي
صدارت ۾ ٿي.
گڏجاڻي جي ڪارروائي
سيڪريٽري باري منگي ھلائي ان ڳالھائيندي چيو ته خليل مورياڻي سنڌ جو ڏاھو اديب ھو
ان جون ادبي خدمتون قابل داد آهن ۽ خاص ڪري شڪارپور جي تاريخ تي جيڪي ھن ڪتاب مرتب
ڪيا اھي ھن وقت اھي حوالي طور ڳڻجن ٿا ۽ ھو ترقي پسند اديب ھو سندس ڪاوشون بھترين
۽ شخصيت مثالي ھئي. وحيدمحسن پيپر پڙھندي چيو ته شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيھان
ڏيھ مشهور آهي انھيءَ مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رھن ٿا! خليل
مورياڻي جي ھڪ مرتب طور چونڊ لاجواب ھوندي ھئي ان جا ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي
سان سھڻا ڪتاب آهن. پنج ڪتاب ۽ ماھوار رچنا جو خاص نمبر جنهن کي مرتب ڪيائين ”ساھت
۽ ڪلا جي رچنا ثميرا زرين نمبر“ قابل ذڪر آهن. شھيد قيوم منگي جي شخصيت تي ڪتاب ڪمپوز
ٿيل موجود آهي ۽ چار ڪتاب اڻ ڇپيل موجود آهن - ادب ۽ شڪارپور جو عاشق ھو سندس
گهر ۾ موجود خوبصورت لائبريري ان جي وابستگيء جو شاھڪار مثال آهي جنهن ۾ شڪارپور
بابت سڀئي ڪتاب موجود آهن ۽ ان جي ڪتابن جي ڪليڪشن لاجواب آهي جنهن مان مون به ڪجهه
استفادو ڪيو ھو، خليل مورياڻي منھنجن ويجهن دوستن مان ھو ڇا ته شخص ھو جڏهن اسان
علمي ادبي ڪچھري ڪندا ھئاسين ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا ھئا ان جو حافظو آخر تائين
قائم رهيو ۽ مطالعي جي ڪرت کي به قائم رکيو جنهن جو مثال ورلي ملي ٿو اڄ ان جي
مرتيي تي اسان ڏک ۾ ويڙهيل آهيون، س ا س شاخ ڪراچي ان کي ٽربيوٽ ڏيندي گڏجاڻي
ترتيب ڏني. عبدالواحد سومري چيو ته خليل مورياڻي تي جيڪو مضمون وحيدمحسن پڙھيو آهي
ان جي ادبي خدمتن کي ڏسي اھا ڳالهه ذهن تي لھي اچي ٿي ته ان پنهنجي حياتي ۾ تمام
گهڻو ادبي ڪم ڪيو ۽ دوستن جي رھنمائي به ڪئي جيڪا وڏي ڳالهه آهي تاريخ ۽ تھذيب تي
سٺو ڪم ڪيو ان جو ڪتاب ”موھن جو دڙو“
به ھڪ مثال ملي ٿو - گڏجاڻي جي صدر مظفر ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته سائين خليل مورياڻي
جي شخصيت جي وڇوڙي سان گڏ سندس تعارف منهنجي سامهون آيو اھو اسان جي سماج جو وڏو
الميو آهي ڪاش سندس حياتيء ۾ اسان سندس تعارف سان ھمڪنار ٿيون ھا، اھا خلش عمر ڀر
تائين رھندي - ان جا شڪارپور جي تاريخ تي سھيڙيل ڪتاب پڙهڻ لاء ذھن ۾ خيال ڊوڙن ٿا
۽ رشڪ پيدا ٿئي ٿو.
امين جويي ڳالھائيندي
چيو ته خليل مورياڻي جي ڪتابن جو ذڪر ٻڌي مون کي پڙهڻ جو عشق جاڳي ٿو ۽ تحقيق تي ڪتاب
ھونئن به منهنجي لاء اھم ھوندا آهن.
ھن گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر
جويريا شيخ، پرويز وسطڙي، اصغر علي، ڊاڪٽر محمد حسن ۽ سليم انور عباسي شرڪت ڪئي.
(وحيدمحسن جي
وال تان ۲۹ نومبر ۲۰۱۹ع)
ڀيٽا پيش
رستم
۾ شاعر ۽ محقق جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي
لکي غلام شاھ (ت ر)
رستم ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم پاران نامياري شاعر اديب محقق خليل مورياڻي جي ياد
۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، گڏجاڻي جي صدارت وقتي صدر فدا حسين سمون ڪئي، ان
موقعي تي يونٽ سيڪريٽري گوهرسنڌي ڪارروائي هلائي، جنهن ۾ غني غمدل، سارنگ لطيف، ميان
سعيد سومرو، حاجي عبدالحق سومرو، گوهرسنڌي، عرفان دانش، سهيل سومرو ۽ ٻين ادبي
دوست خليل سائين جي زندگي تي روشني وڌي، وقتي صدر فداسمون، گوهر سنڌي ڳالهائيندي
چيو ته خليل مورياڻي اسان جو سرمايو هو، هو هڪ بااخلاق شخص هو، جنهن جي اوچتي وڇوڙي
جيءَ جهوري وڌو آهي، غني غمدل خليل مورياڻي جي ياد ۾ شاعري ٻڌائي ۽ چيو ته خليل
سائين جي وڇوڙي تي ساري سنڌ ڏکاري آهي، خليل مورياڻي جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي. آخر ۾
خليل مورياڻي جي مغفرت جي لاء دعا گهري وئي.
خليل مورياڻي
ھڪ ليکڪ، محقق ۽
تاريخدان
فقير محمد سنڌي
سنڌ جي مهان ڪوي
شيخ اياز جي جنم ڀوميءَ جي هڪ لاثاني وارث ۽ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي عاشق، ناليواري
ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان خليل مورياڻيءَ زندگيءَ جون ۷۰ بهارن پوريون ڪري، سنڌ ۽ ادب کان هميشه
لاءِ موڪلاڻي ڪئي آهي. خليل مورياڻي، سنڌي ادب جو برجستو نالو رهيو آهي. سندس اصل
نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي
هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ڪنهن ڄاتو ٿي ته اهو ننڍو ٻالڪ، سڀاڻي هڪ
جاکوڙي فرد ثابت ٿيندو. خليل مورياڻيءَ جو شعور آهستي آهستي تعليم جي طرف وکون کڻندو
رهيو. سال ۱۹۶۵ع ۾، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين. سال ۱۹۶۹ع ڌاري، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي
اي ڪري، پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. خليل مورياڻي اسڪول
جي دور کان نثر ۾ سھڻي اسلوب کي ڄاڻي ورتو هو. خليل مورياڻي، ٽئين اک جي سوجهري
سان ڪيترا ئي مضمون لکي، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايا. سندس سوچ جو محور ۽
دلچسپي جا موضوع، تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا. ڇو جو محقق، انساني غور ۽ فڪر، دلي امنگن
جا ترجمان ئي رهن ٿا. خليل مورياڻيءَ کي ۱۹۷۳ع تي فوڊ کاتي ۾ ملازمت جو موقعو ملي ويو. جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
۱۹۸۴ع کان شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ لاءِ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين.
ادب، نالو آهي انسان لاءِ انسان کي تلاش ڪرڻ جو. ادب فن آهي، جنھن جو موضوع زندگي
آهي. اهڙن ئي موضوعن کي خليل مورياڻيءَ جهڙا انسان دوست ئي تلاش ڪندا آهن. ۲ مئي ۱۹۸۵ع ۾ شڪارپور سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ سندس ڪردار
ساراهه جوڳو هو.
ڪماري دُرو گرسهاڻي
جي چوڻ مطابق ته “هر قوم کي پنھنجي ٻولي ۽ ادب تي فخر هوندو آهي، مون کي پنهنجي
قوم، ٻوليءَ ۽ ادب تي فخر آهي. جڏهن مان سنڌين جي ساراهه ٻڌندي آهيان ته منهنجي
واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته مون کي ناز آهي ته مان سنڌياڻي آهيان”. خليل
مورياڻي به سڄي زندگي ان سوچ تي عمل ڪيو. خليل مورياڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب
اچي وڃن ٿا: شڪارپور سونهن جو شهر، ۱۹۹۶ع، شڪارپور، تاريخ ۽ تحقيق، ۲۰۰۴ع، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، نعمت الله ڀٽو جي
ياد ۾ لکيل مضمون ۲۰۱۰ع ۽ موهن جو دڙو ۲۰۱۱ع شامل آهن، جيڪي يقينن سنڌي ادب جو اثاثو آهن ۽ رهندا. فنڪار جي ميراث، ڇڏيل
سندس فن ۽ فڪر آهي، جيڪو تاريخ ۾ امر رهڻو آهي. خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن قائم ڪري، سنڌ جي ترقي
پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڇپرايا. ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ع تي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي زندگيءَ جا خوبصورت لمحا ڇڏي،
مختيارڪاري واري قبرستان شڪارپور ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو آهي. ٻرياسون ته ٻه پل،
پر اجھامڻ کان اڳ، هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
تعزيتي ميڙاڪو
شڪارپور جي عاشق،
نامياري اديب سائين خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾
*نامور اديب
مرحوم خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران جگن ناٿ
لائبريريءَ ۾ منعقد تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامور اديب اسرار احمد علوي چيو آهي
ته خليل شڪارپور جو عاشق ۽ اندر جو اجرو انسان هو هن نه ته ڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ڏني
نه ئي ڪنهن جي گلا ڪئي هو ماڻهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو.*
*خليل مورياڻيءَ
جي ويجهي مائٽ ۽ شڪارپور جي مسجدن ۽ عيد گاهن جي حوالي سان تحقيقي ڪتاب لکندڙ
عبدالحئي مورياڻي چيو آهي ته خليل مورياڻي نه رڳو ادبي پر مذهبي خدمتون به ڪيون
آهن هن ٻه ڀيرا عمرا ڪيا سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ مسجدون به جوڙايون.*
*خليل مورياڻي
جي ڀاڻيجي فهد مورياڻي چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ۽ ڇپيل
مواد سهيڙي ڪتاب ڪمپوز ڪرايو هو جيڪو جلد شايع ڪرائبو.*
*نامياري
صحافي ۽ ايڊيٽر عبدالحميد منگي جو چوڻ هو ته مورياڻي صاحب جيترو باشعور هو اوترو
ئي بهترين انسان به هو خليل صاحب جسماني طرح جدا ٿيو آهي پر ان جو پورهيو اسان وٽ
موجود آهي.*
*سيڪريٽري سنڌي
ادبي سنگت ۽ جديد غزل جي شاعر سجاد مهر چيو ته خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان
مطمئن ۽ اڪيلائيءَ سان پيار ڪندڙ انسان هو.*
*ڪالمسٽ نسيم
بُخاري چيو ته خليل مورياڻي سٺو نثر نويس به هو هن جي ''جاگيرداراڻي جبر هيٺ'' ڪتاب
جي لکيل مهاڳ تي اديب ريس ڪندا آهن هن هندستاني سفرنامو به لکڻ پئي چاهيو ۽ ان
حوالي سان ابتدائي تحرير نه رقم ڪئي هئائين.*
*ڪالمسٽ
ممتاز منگي چيو ته دنيا جي وڏن اديبن جيان خليل مورياڻيءَ پڄاڻان ان جو ذاتي گهر
ميوزيم ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته سندس ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب
جگن ناٿ لائبريريءَ ۾ رکي هڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي.*
*ڪالمسٽ عديل
مهر چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور جو تعارف قلمي انداز ۾ ڪرائي وڏو ڪم ڪيو آهي خليل
جو جسم ڀل قبر ۾ لهي ويو هجي پر خليل خود پاڻ اسان جي روح ۽ دل ۾ لهي ويو آهي.*
*شاعر حسام
ميمڻ چيو ته خليل صاحب جو تحقيقي ڪم ته گهڻو ڪيل آهي پر تخليقي ڪم گهٽ ٿيو آهي.*
*پروفيسر خالد
ويسر چيو ته تحقيق به هڪ قسم جي تخليق ئي هوندي آهي خليل مورياڻي تعلقات رڳو رکڻ
نه ڄاڻيندو هو پر اهي نڀائڻ جو آرٽ به رکندو هو.*
*پروفيسر
شريف شاد چيو ته هاڻ شڪارپور جون شامون ۽ ميلا خليل کان سواءِ خالي خالي ۽ اڪيلا ٿي
ويا آهن خليل جو چؤياريون هاڻ ساروڻين ۾ بدلجي ويون آه
(نسيم بخاريءَ جي
فيسبڪ وال تان کنيل)
خليل مورياڻي
شڪارپور جو اتهاس - پھرين
سار
وحيدمحسن
شڪارپور علم و ادب جي
حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي ۽ اُن مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن پنهنجي خوشبو کي قائم
رکيو آهي ۽ هڪ اهڙو تسلسل ڏنو آهي جنهن تي
دنيا وارا رشڪ ڪندا رهن ٿا! جيئن سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار امر جليل هڪ تحرير
۾ لکيو آهي ته: “آءٌ شڪارپور ۾ ڇو نه ڄميس” بهرحال هن مٽيءَ جي محبت جا وڏا وڏا مثال
ملن ٿا، جهڙي طرح سامي، غلام علي مسرور بدوي، شيخ اياز، نياز همايوني، ثميره زرين،
نقش ناياب منگي، ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن
هن ئي مٽيءَ مان جنم ورتو. شڪارپور جي ڇا ڳالهه ڪجي ڪو دؤر هو جڏهن شهر جي چئني
طرفن کان خوبصورت باغ هوندا هئا ۽ اُتي فطرت مرڪندي هئي، اهڙي ئي ماحول ۾ هدايت الله
مورياڻي جي گهر ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي خليل مورياڻي جنم ورتو جنهن جو ڇٺيءَ جو نانءُ خليل الرحمان رکيو ويو
اهو ڏينهن شڪارپور جي لاءِ ڀاڳن ڀريو ثابت ٿيو.
خليل مورياڻي شروعاتي
تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي،
انٽر ۱۹۶۷ع ۾ بي اي ۱۹۶۹ع ۾ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪئي. اُن کان پوءِ ايم اي (پوليٽيڪل
سائنس) ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي.
جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
خليل مورياڻي کي
مطالعي جو ذوق اسڪول واري دؤر کان ئي رهيو هن پڙهي پرجهي مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي
جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهيا ۽ سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي
ادب رهيو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا خليل مورياڻيءَ کي نمايان ڪري ٿي اُها اهم ڳالهه اها
آهي ته هن شڪارپور جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻه ڪتاب انهيءَ موضوع تي مرتب ڪيا
آهن. اسان جڏهن خليل مورياڻيءَ سان ڪچهري ڪندا آهيون ته شڪارپور جي تاريخ جا ورق
کلي پوندا آهن ۽ انهيءَ مهل خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس لڳندو آهي ۽ سندس گفتگو
۾ چاشني هوندي آهي هڪ تسلسل هوندو آهي. اهڙو اتهاس ٻُڌي تاريخ کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي.
خليل مورياڻي شڪارپور
سان بي انتها پيار ڪندي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اديب دوستن سان ملي ڪري ۱۹۸۴ع ڌاري
شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي اڄ به قائم
دائم آهي ۽ مان به اُن جو حصو آهيان ورڪر آهيان، ويجهڙ ۾ خليل مورياڻي جي جستجو سان
مشاهير شڪارپور ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن جنهن سان پڻ شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب کي روشناس
ڪيو پيو وڃي سندس اها خدمت پڻ قابل داد آهي، خليل مورياڻي هڪ باذوق مرتب آهي ۽ پاڻ
بنيادي طور تي مضمون نگار آهي جنهن پنهنجي ڪرت کي قائم رکيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
۱. “شڪارپور سونهن جو شهر” ۱۹۹۶ع ۲. “شڪارپور – تاريخ ۽ تحقيق” ۲۰۰۴ع، ۳. “ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون” ۲۰۱۰ع، ۴. “موهن
جو دڙو” ۲۰۱۱ع، ۵. “سنڌ جو ڪنور ڀڳت رام” ۲۰۱۴ع ۶. “ساهت ۽ ڪلا جي – رچنا ثميره زرين نمبر” انڊين انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي جي طرفان شايع ڪيو ويو آهي.
خليل مورياڻي جا اڻ
ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن. ۱. ٿر ۾ ڪهڙ اٿاڪ – ٿر جو سفر نامو ۲. صدين جو سرجڻهار ۳. تاج صحرائي فن ۽ شخصيت ۴. سامي سهسين سج. ۵ - شھيد
قيوم منگي جي شخصيت تي ڪتاب ڪمپوز ٿيل آهي
خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن نالي اشاعتي ادارو ڪائم ڪري
سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو “هوءَ موٽي آئي”
شايع ڪيو هو.
خليل مورياڻيء جي سهيڙيل
ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته انهيءَ مان هڪ ڳالهه عيان ٿئي ٿي ته سندس ترتيب ۽ چونڊ
شاهڪار آهي ۽ هن جي تحريرن ۾ سنڌ : شڪارپور، سونهن ۽ تاريخ جا تجلا ڏئي ٿي.
خليل مورياڻي ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ ع تي شڪارپور کي الوداع ڪندي پنهنجي گهر مورياڻي
محلي ۾ اسان کان ھميشھ لاء وڇڙي ويو ھو اڄ ان جي پھرين سار آهي سڀيئي دل گهريا دوست ان کي ياد ڪري رھيا
آهن.
خليل مورياڻي
نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ
جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، ۱۹۶۹ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان
۱۹۷۲ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين.
ادبي مطالعي جو ذوق کيس اسڪول واري زماني کان ئي رهيو، ڪيترائي مضمون لکي مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين، سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا. ۱۹۷۳ع ڌاري هن سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ۱۹۸۴ع ڌاري قائم ڪيل شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو. ۲ مئي ۱۹۸۵ع ۾ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرڻ
۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
(۱) ’شڪارپور سونهن جو شهر‘ (۱۹۹۶ع)
(۲) ’شڪارپور- تاريخ ۽ تحقيق‘ (۲۰۰۴ع)
(۳) ’ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون‘ (نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: ۲۰۱۰ع)
(۴) موهن جو دڙو (۲۰۱۱ع).
خليل مورياڻيءَ ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن نالي اشاعتي ادارو قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار
گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘شايع ڪيو هو.
اڄوڪي ڏينهن ۲۰۱۹ع تي سنڌ جو هي يگانو اديب اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان
کنيل)
خَليل مورياڻي
پِپَر ۾ پَرميشِوَر
سجاد مھر
اکين جي علاج کان
ويندي روحَ جي رهنمائي ڪندڙ، فِتني ۽ فساد کان ناآشنا، رابيلن ۽ گلاب جي گلن سان ڌوپجندڙ،
هن شهر شڪارپور جو هڪ اهڙو شخص جنهن جي اڳيان اوڌو داس جهڙي عظيم انسان کان ويندي
سَرهينري هالينڊ، چيلا سنگهه سيتل داس ۽ شهيد الهه بخش سومري جهڙن جڳ مشهور انسانن
جو حوالو تاريخ جي سونن ورقن مان سِج جي ڪِرڻن جيان ليئا پائي لنگهندو هُجي، اُن
شهر سان اسان جي سائين خليل مورياڻيءَ جو نالو سلهاڙجڻ کانپوءِ سَچُ پُڇو ته ائين ٿو
لڳي، جيئن دَلپت جهڙي دلير شاعر پنهنجي بي باڪ اظهار ۾ چيو هو ته:
”جي پِپَر ۾
پَرميشوَر تان ڪو ٻَٻر ۾ ٻيو،
مُڙهَي ۽ مسجد ۾،
روشنِ هڪ ڏيئو،
دَلپت ڪيئن پَيو،
خلل اچي هِن خلق ۾...“
پپر ۽ پرميشور وارو
اهو شاعراڻو اظهار مون کي لڳو ته اهو شعر ڪيئي سال اڳ هُو، سائين خليل مورياڻيءَ
جي شخصيت لاءِ لکي ويو هُجي، يا کڻي اتفاق وارو اهو اندازو جيڪو موجوده حالتن ۾ هڪ
اهڙي شخص تي سئو سيڪڙو ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ويندي ويندي پنهنجي دل جي اڱڻ تي نمن جي ٻُورَ
جهڙو ساءُ ۽ پنهنجي پَرَ ۾، پِپَر ۾ پرميشور پوکي ويو آهي.
پوشاڪ ۽ پاٻوهَه جو
پُختو، ٻُڪ ۾ دُعا جيان ڀريل هي دلبر ماڻهو، سَچُ ته رابطن جو راڻو هُيو. پکيءَ جهڙي
اک رکندڙ هُجومن ۽ هُشمامن کان گهڻو اڳتي هيڪلائيءَ کي پسند ڪندڙ، مِٺيءَ ماٺ جو
ماهرُ هي ماڻهو پنهنجي روحَ جي سحرا ۾ اڪيلو رَهڻ ئي پسند ڪندو هو. توڙي جو هُن جي
دوستن جي ڊگهي فهرست آهي، هند کان سِنڌ تائين هِن جي چاهيندڙن ۽ پيار ڪندڙن جو وڏو
انگ موجود آهي ۽ انهن سڀني رشتن کي نڀائڻ ۾ ڪمال حد جو ڏانءُ رکندڙ هي محبوبُ ماڻهو
وقت جي وارن ۾ وڇوڙي جي ڦَڻي ڦيري، پَرَ هڻي الاهي پَري اُڏامي ته ويو آهي پر سندس
ساروڻيون ۽ ڇڏي ويل احساس اڄ به اسان جي اکڙين ۾ واسو ڪري ويهي رهيا آهن.
هي شخص مُحبت جو
مُنڪر ته نه هيو پر عِشق جي ڄَڻُ ته انڪار مان اُڀري آيو هو. محبت جو مڪتب ويران ڪري
ويندڙ هي وجود، ڪچهريون ڪندڙ ڪتابن جي وات ۾ اچرج وچان آڱريون وجهرائي ويو آهي،
هِن جي محبت جو مَحور اهي سمورا سٿيل ڪتاب، خانن ۾ پنهنجي خراب قسمت تي ماتم ڪري
رهيا آهن. انهن هٿن جي ڳولها ۾ آهن، جن هٿن سان هو الماڙين جي جنت ۾ پاڻ کي محفوظ
هُجڻ جي بيعت ڪري ويٺا هئا. انهن ڪتابن جو والد وفات ڪري ويو آهي، سندس سوڳ ۾ وَرق
وَرق مٿان سڪتو طاري آهي، پَنو پَنو پنهنجي مالڪ جي منهن موڙڻ تي اُداس حال آهي.
مورياڻي محلي ۾ اَڏيل چاهت وارو اهو چئونرو ڄَڻُ ته ڪنهن سنسان مندرَ جو ڏيک ڏئي
رهيو آهي، هَڙئي ڪتابن تي چڙهيل دَز چَئي رهي آهي ته سوڳ اسان سان گڏ اچي سُتو
آهي. اکرُ اکرُ اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو آهي، اولاد جڏهن پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي
ويندو آهي ته پوءِ مايوسي ولرن جي صورت وٺي اُڏامي ايندي آهي.
سائين خليل مورياڻي
انتهائي عجيب ماڻهو هو، مِٺو ٿيندو هو ته صفا ماکي لڳندو هو ۽ جي تکو ٿئي ته تلوار
به نه پُڄيس. اڪثر ماٺيڻو رهندو هو، هُن جي مخالفت جو انگ صفا ٿورو ۽ سندس محبت ڪندڙن
جا ڪٽڪ آهن. پکين کي پيار جي دامَ ۾ ڦاسائڻ جو فن خوب ڄاڻيندو هو. هر ڪنهن لاءِ دل
۾ دُعا جا داڻا هوندا هئس. هِن جي هُجري ۾ آيل همراهه هِن جو مداحُ ٿي موٽندو هو.
سندس اکين جو آکيرو هَر پکيءَ لاءِ کليل رکندو هو، ڏيکاوَ کان ڏاڍو لنوائيندو هو،
اسٽيج تي ويهڻ کان اڳواٽ مَنع ڪري هَٿ ٻڌي، هيٺ ويهڻ کي پَلو پائيندو هو. هِن جي
قلندريءَ دل تي جڏهن ڪيف جي ڪيفيت طاري ٿيندي هُئي ته ملاقاتين جا سلسلا وڌائي ڇڏيندو
هو، هُو خيالن جي خُدائيءَ جو اڪيلو وارث هو ۽ پنهنجي بي خوديءَ ۾ پنهنجن پيارن
سان پيار جا واهُڙ وهائيندو. هَڙان وَڙان خرچ ڪري ڪيڪ گهرائي سنگت جون سالگراهون
ملهائيندو هو، هُو ماڻهن جي مصيبت تي گهري نظر رکندڙ هُيو.
ڪيلاش واديءَ جو وڻجارو
اهو شخص پنهنجي شهر مٿان وَسڻ جي موسم هرگز نه هٽائيندو هو. ٻاهريون آيل ماڻهو هِن
جي شهر اچي اطلاع ڪري ته قرب ۾ قالين جيان وڇائجي ويندو هو. دل جي دَستر خوان تي ڀانت
ڀانت جي سَوادنِ سان پنهنجي سِر سنوارجي ويندو هو. اکين انتظار جي موسم ۾ خالي
پينگهه تي لڏڻ سيکاري ڇڏيو هئس. پُڇڻ تي ٿڌو ساهُه ڀرڻ کانپوءِ هلڪي مُرڪ سان سوال
کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيندو هو، اڪيلائيءَ جي اُس هُن کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏني، دونهون
بڻجي سونهون ٿيڻ ڄاڻيندو هو.
عاشق ته نه هو پر
انداز سمورا عاشقانه هُئس. پنهنجي شهر جو ديوانو هو. مورُ ماڻهو هو، تنهن ڪري ٿَر
بَر کوڙ پنڌ ڪيائين. هُن جي خيالن جي خوشبوءِ مان گُلن جا گنجَ پيدا ٿي پيا آهن.
خاموشي هِن جي گهر جي ڪيئي سال مهمان ٿي ٽِڪي هُئي، اُجري جَهرڻي جهڙي آواز ۾ ڪال ڪري
جڏهن چوندو هو ته ڪٿي آهيو؟ اچو ته گڏجي چانهه پيئون ۽ ڪي گهڙيون ڪچهري ڪيون ته ماڻهو
پنهنجي نصيب تي سوچڻ ويهي رهندو هو. وڃڻ وقت ڀلي گهري ننڊ ۾ هُجي پر پيرن جي آهٽ ۽
دروازي جي چيڪٽ کان پوءِ ڪيرُ چَوي ته سائين سُتل آهي. اکيون مهٽي اُٿي مُرڪ سان آڌرڀاءُ
ڪندو هو. توڙي جو دردُ اڪيلائيءَ جي چَپن تي چُميون رکي ويندو هُئس پر هِن مَن جي
مومن ڪڏهن به مات نه مَڃي، هن جي دل جي ڪچي قلعي ۾ سارَ ساندهه حَملا ڪندي رهندي
هئي پر ناسي نيڻن وارو هي البيلو شخص پنهنجو واڱڻائي وقت گذارڻ خوب ڄاڻندو هو.
لفظن جا لشڪر پالي
رکندو هو ۽ پُڇڻ تي ڏاڍو سنجيدگيءَ سان چوندو هو ته يار ڪجهه گذري آ ڪجهه گذري ويندي.
پنهنجي طلسماتي شهر تي پيو سوچيندو ۽ ليکڪن کي گهرائي ان جا گهڙاوٽ ۽ بُنياد تي
پيو قديمي شهر جا قصا کڻندو هو. شهر هُن لاءِ شهزاديءَ مِثل هو ۽ ان جو هر منظر مَڇيءَ
جي لڙاٽيل اک منجهان ڏسي وٺندو هو. وڃڻ هارو منهنجو سُپرين کلندي کلندي اکين جي اسڪرين
تان اڏامي ويو. هَر فرد کي فَهد سان مِلائي ڄَڻ ته پنهنجو جانشين ادبي ڇڏيل ڪم جي
پورائي لاءِ ڇڏي ويو. ڏائڻ وقت کي گُل مَروڙڻ جي عادت ته اوائلي آهي پر هي اهڙي
ويل وٺي ويو جيڪا ويل وَڃڻ جهڙي نه هُئي، هِن جي وڇوڙي تي گهايل هَوا نوحو ڳايو، مَن
جي موتيي، مگري سورج مُکيءَ سوچيو، مور جي ٽهوڪي سان ڪونج الائي ڇو ڪُرايو، رومَ
جون رنگين بَتيون ٻري، اُجهاميون، هُجومن اهو معجزو پنهنجي گناهگار اکين سان
پَسيو.
هڙئي خواهشون پيرانديءَ
کان پاسو جهلينديون اچي سيرانديءَ کان سُتيون، ساهَه جي اُڏامڪ پکيءَ جڏهن پَرڙا
ساهيا ته ڪمري ۾ ڪاغذن وَجهه وٺي اُڏامڻ جي ڪَئي، پر پوءِ سنجهي تائين سندس ڇاتيءَ
جي سرحد تي چنبڙيا رهيا، ڀَر ۾ پيل ٽيليفون جي ڀڻڪي ماڻهن جي ميڙ کي ڄَڻيو، آواز ڏنائين
ته وقت جو وڻجارو وڃي رهيو آهي. ڪمري ۾ ٽنگيل تصويرن ۾ سُس پُس پئجي وئي. اکين جي
خيمي مان ٻه ڳوڙها گلن جي جنت ڇُهڻ ڪاڻ لهي آيا، دردُ مِٽيءَ تي نانگ جو پٽو پائي
ويو. وقت جي چيچَ مان زندگي ڇڏائجڻ لڳي، ماڻهن جو مَحبوب رُسامو ڪري رهيو هو، اينٽڪ
شيون ترتيب بدلائڻ لڳيون، ڪٻٽ ۽ ڪُرسيون خاموش ٿي ويون، صوفن ۽ شيشي جي ٽيبلن روئي
ڏنو، ڀڙڪو کائي ڀتيون اورانگهي هڪڙو اُلڪو اڏامي ويو. گلن جو اجلاس ٿيو، مورياڻي
محلي جي هوائن اوڇنگارون ڀريون، سمورو سامان سُڏڪي رهيو هو. فرش تي پيل مجسمي مٿان
پاڻي هاريو ويو، نئون وڳو اوڍايو ويو، دُعائن لاءِ هٿ هوائن ۾ هليا ويا، اکين آلو ٿي
پنهنجو ڪم ڪيو. نئين قبرستان تائين پيرن پنڌ ڪيو. ساميءَ جي سلامي ڀري وئي. ڌڱ ڌوڙ
۾ لَٽجي ويو، اسان اُڀي بيهي ڏٺوسين، مٽي، مٽيءَ سان وڃي سانتيڪي ٿي ته گل مٽيءَ جي
بَدن تي چُميون ڏيڻ پهچي ويا...
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
خليل مورياڻي
شڪارپور سان نينهن جو
ناتو نڀائڻ وارو نرالو ڪردار. . .
حسيب ناياب منگي
سنڌي ٻولي جي عظيم
شاعر شيخ اياز پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور کي “هڪ ڪيفيت” قرار ڏنو هو، واقعي شڪارپور
هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. هي شهر صدين کان وٺي سنڌ جي سونهن ثابت ٿيو آهي. علم، ادب،
فن، آرٽ، سياست، صحافت، سماجي خدمت ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن جي ڪري شڪارپور جو مٽ ملڻ
مشڪل آهي. هن شهر جي سڻڀي مٽيءَ تي جن به هيرن جو جنم ٿيو آهي، سي پنهنجي پنهنجي
حصي جو ڪم ڪندي لعل ثابت ٿيا آهن. فن ۽ آرٽ جي دنيا ۾ شڪارپوري ڪمال جو ڪم ڏيکاري
ويا ۽ ساڳيو ئي جوش اڃان پڻ جاري آهي. سياست هجي يا سماجي خدمت اندر پڻ شڪارپور جا
ماڻهو واقعي سنڌ اندر اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ ثابت ٿيا آهن. صحافت ۽ علم جون آڱريون جي
روشن ٿيون ته شڪارپورين جي هٿ هيٺ! ساڳئي طرح ادب جي دنيا ۾ جهاتي پائي ڏسبي ته شڪارپور
راڄ ڪندي نظر ايندي. سامي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، فقير
ميان غلام علي “مسرور”، پروفيسر لطف الله بدوي، شيخ اياز، هاسي ٻائي “نماڻو” فقير،
بادام ناتوان، ثميره زرين، روشن آرا مغل، رشيده حجاب، آغا سليم، چنا شبير احمد
ناز، ولي دائود پوٽو، تاج صحرائي، نورالدين سرڪي، شاهه محمد “ثاقب”، “نقش” ناياب
منگي، غلام رسول ميمڻ، الهورايو طارق صديقي، پروفيسر اسرار احمد علوي، رئيس
عبداللطيف ناپر، نظر محمد “بسمل”، بيدل مسرور بدوي ۽ ٻيا ڪيترائي عالم، اديب ۽
شاعر شڪارپور جي پيداوار آهن.
اهڙن انمول هيرن جو
ذڪر ڪندي مون کي شڪارپور سان پيار ڪندڙ ڪيترائي اهل علم ياد اچن ٿا. پروفيسر لطف
الله بدوي شڪارپور متعلق گهڻا ئي سنڌي توڙي اردو ۾ مضمون توڙي مقالا لکيا. جيڪي
تاريخ ۽ تحقيق جي راهه تي هلڻ وارن شاگردن لاءِ اڄ به ڪارائتا آهن. ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي به شڪارپور ۾ ڄمڻ ڪري هميشه شڪارپور متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
سووينئر ۽ ڪتاب ترتيب ڏنا، “شڪارپور جي ٻولي” جهڙو بهترين ڪتاب لکيائين. سائين
حبيب الله ڀٽو مشهور استاد، اديب ۽ شاعر هو. پنهنجي شهر سان بي پناهه محبت ڪندو
هو، سالن جا سال شهر جي حوالي سان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي مضمون لکيائين.
روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جي مختلف اشاعتن ۾ سندس جيڪي مضمون ڇپيا هئا، سي ڄڻ “شڪارپور
خاص اشاعت” لڳندا هئا. ڇو جو اخبار جو سمورو صفحو سندس هڪ ئي تحرير ۽ شڪارپور جي
تصويرن سان سينگاريل هوندو هو. ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” به شڪارپور متعلق ڪافي مضمون
۽ مقالا لکيا. اهڙي ريت مرحوم “نقش” ناياب منگي، مرحوم غلام رسول ميمڻ ۽ مرحوم
غلام مرتضيٰ ابڙي به شڪارپور سان بي پناهه محبت ڪئي، “نقش” ناياب منگيءَ شڪارپور
جي حوالي سان ڪيترائي ليک لکيا ۽ ڌارين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، غلام رسول
ميمڻ ڪڏهن پبلشر ته ڪڏهن تنظيم جو اڳواڻ ثابت ٿي ڪتاب ۽ اخبارون شايع ڪيون ۽ ليڪچر
يا پروگرام ترتيب ڏنا، ساڳئي طرح غلام مرتضيٰ ابڙي صحافي جي روپ ۾ شڪارپور جي
نمائندگي ڪندي سرخرو ٿيو. سندن ئي همعصر ۽ صحبتي خليل مورياڻي به شڪارپور جو عاشق
هو.
خليل الرحمٰن مورياڻي
شهرين وٽ گهڻو اڳ “چَاچا خليل” جي نالي سان مشهور هو، علم ادب دوست هجن يا ڪامورا
۽ سياستدان کيس چاچو ڪري ڪوٺيندا هئا. شهر جي ننڍڙن کيس “سائين” ڪري ڪوٺيو. منهنجي
نگاهه ۾ هو “شڪارپور جو عاشق” هو. چاچا خليل مورياڻي نفيس طبيعت جو مالڪ، ڪاٺ، ڪپڙي
۽ ڪتاب جو شوقين، دوستن جو خيال رکڻ وارو، مطالعي جو پابند، سير سفر جو ڪوڏيو،
سنجيده شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجي لياقت ۽ حيثيت مطابق ڪم ڪري ڏيکارڻ جو پابند هو.
پاڻ ظاهري طور تي ته اسان جي وچ ۾ ناهي پر هن جون يادون ۽ صلاحون اڄ به سڀ جي ذهن
تي نقش ۽ سيني ۾ سانڊيل آهن.
خليل مورياڻيءَ کي
شڪارپور سان گهڻو پيار هو، شهر جي تاريخ ۽ ان سان وابسته موضوعن تي پاڻ گهڻو مواد
گڏ ڪيو هيائين. ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وٺندي انهن مان “شڪارپور” تي ڇپيل مواد گڏ ڪرڻ
جو کيس گهڻو چاهه هو. اهو چاهه ۽ خاص ڪري تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ جو رنگ کيس “نقش” ناياب
منگيءَ جي صحبت ۾ رهندي چڙهيو هو، نه ته ان کان اڳ پاڻ ۽ توڙي سندس سنگت کي ناول، ڊائجسٽ
۽ سياسي ادب پڙهڻ ۾ دلچسپي هوندي هئي. شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ ۽ نوان موضوع ڏئي سنڌ
توڙي هند جي قلمڪارن کان مضمون ۽ مقالا لکرائڻ سندس خاص مشغلو بڻجي ويو هو. خليل
مورياڻي، پنهنجي دوستن: غلام رسول ميمڻ، “نقش” ناياب منگي، نثار چنا، ڊاڪٽر ڪشور ڪمار
۽ گرڏنو گرل داس وغيره سان گڏجي ۱۹۸۴ع ۾ “شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي” جو بنياد رکيو.
نئين پليٽ فارم تان نوان موضوع متعارف ٿيا، ڪڏهن ليڪچر ته ڪڏهن ڪانفرنس جو اهتمام ڪرائڻ
۾ خليل مورياڻي پنهنجي دوستن جو ٻانهن ٻيلي ثابت ٿيو. ابتدائي طور تي ته “شڪارپور
سيمينار” نالي هڪ سووينئر “نقش” ناياب منگيءَ کان ترتيب ڏياري سندس معاون ٿي ۱۹۸۵ع ۾ شايع ڪرايائين، ان کانپوءِ هڪ ڪتاب “شڪارپور
صدين کان” ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومري کان ترتيب ڏياري پهرين جنوري ۱۹۸۸ع تي شايع ڪرايائين، جنهن ۾ به منهنجو والد
سندس ٻانهن ٻيلي هو.
خليل مورياڻيءَ جو
پنهنجي جنم ڀوميءَ سان اهو عشق وڌندو ويو، ان وچ ۾ هن “سرهاڻ پبليڪيشن” جو پايو
وجهي سگهاري ڪهاڻيڪار ۽ شڪارپور ڄايي، هندستان جي نامور قلمڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين
جو ڪتاب “هوءَ موٽي آئي” ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. “شڪارپور سونهن جو شهر” ۽ “شڪارپور
تاريخ ۽ تحقيق” جهڙا تحقيقي ڪتاب سهيڙي پاڻ شڪارپور سان محبت ڪرڻ جو چٽو ثبوت پيش ڪري
ويو. خليل مورياڻي جا اهي ٻئي ڪتاب اڄ به تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ
مددگار ثابت ٿين ٿا. شڪارپور تي انگريزي زبان ۾ ڪتاب آڻڻ جو پڻ کيس وڏو شوق هو، جيڪو
افسوس جو پورو نه ڪري سگهيو، ان سلسلي ۾ پاڻ گهڻو مواد گڏ ڪيو هيائين، جيڪو هاڻي
به منظر عام تي اچي سگهي ٿو. ساڳئي ڪوشش “شيخ اياز”، “قيوم منگي”، “سامي” ۽ “تاج
صحرائي” متعلق پڻ ڪيائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪافي مواد گڏ ڪري، ڪتاب سهيڙي ويو
پر ڇپجي ناهن سگهيا. “موهن جو دڙو”، “ثميره زرين رچنا خاص نمبر”، “ڀڳت ڪنوررام” ۽
“ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون” سندس ڇپيل ڪتاب آهن.
مون کي ياد آهي ته
شڪارپور جي شخصيتن تي “مشاهير شڪارپور” جي نالي سان ڪجهه پروگرام ڪرايا هيائين، شڪارپور
۾ پهريون ڀيرو “صوفي ٻڍل فقير” جي حوالي سان شاندار ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ جو سهرو به
سندس سر تي رهيو، سڀني پروگرامن ۾ مون کي الڳ الڳ موضوعن تي مقالا لکڻ جي دعوت ڏنائين،
مون سڀني پروگرامن ۾ نه صرف شرڪت ڪئي هئي پر پنهنجا لکيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڻ
پڙهيا هئا. شڪارپور چار سوءُ سالا جشن جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڪرايل ڪانفرنس
کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سندس هٿ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ
لکي گهر گهر پهچائڻ واري عمل کان ڪجهه مضمون ۽ سفرنامو وغيره لکڻ تائين سندس
تحريرون پسند ڪرڻ جهڙيون ۽ معلوماتي آهن.
شڪارپور شهر جي سڌاري
۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي رٿون ترتيب ڏنيون وينديون هيون ۽ سرڪاري سطع تي جيڪي پروگرام ٿيندا
هئا تن مان گهڻن ۾ وس پڄندي وڃي پهچندو هو ۽ بنا اجوري پنهنجون صلاحون، مشورا ۽
قيمتي وقت “شڪارپور” جي لاءِ پيش ڪندو هو. گهڻن ئي شهر سڌارڪ ڪاميٽين جو حصو ٿي
رهيو هو. گهڻن ئي شاعرن، اديبن، استادن، عالمن، صحافين ۽ ڪامورن سان گهرا ۽ گهريلو
تعلقات عمر جي آخري وقت تائين قائم رکندو آيو.
اها ڳالهه کلي عام
چئي سگهجي ٿي ته شڪارپور جي حصي ۾ پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
۽ حبيب الله ڀٽو جهڙا لائق پٽ نه اچن ها ته شڪارپور تي لکي ڪري عشق نڀائڻ واري
روايت جنم نه وٺي ها. مرحوم غلام رسول ميمڻ، مرحوم “نقش” ناياب منگي ۽ مرحوم خليل
مورياڻي شڪارپور سان محبت جي عيوض علم ۽ ادب جي سخا نه ڪن ها ته شڪارپور جي تاريخ
تي ايترو ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها ۽ هن شهر جي تاريخ جا ورق حقيقتن
سان ايترا لبريز نه هجن ها جيترو اڄ جرڪي رهيا آهن. شڪارپور کي پنهنجي انهن نيڪ
صالح ٻچڙن تي ناز آهي، جن پنهنجي جيئري ته جيئري پر مُئي پڄاڻان به شهر جي نانءَ
کي روشن رکيو آهي. انهن ٽنهي وڏڙن جي روايت تي هلندي اسان شڪارپور متعلق جيڪو به
تاريخي ۽ ادبي يا تحقيقي پورهيو ڪري رهيا آهيون تنهن ۾ به سندن ئي علم ۽ ڄاڻ جي کاڻ
جي روشني عيان آهي. شل سندن علم جي لاٽ هر دور ۾ قائم ۽ دائم رهي.
خليل مورياڻي جو
جنم ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۾ ٿيو هو، پاڻ ۲۳ نومبر ۲۰۱۹ع تي گذاري ويو.
(ڏھاڙي هلال
پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا