; سنڌي شخصيتون: عارفه بشير احمد شاهاڻي

29 December, 2019

عارفه بشير احمد شاهاڻي


عارفه بشير احمد شاهاڻي
اسان کي پنهنجي نياڻي تي فخر آهي جنهن تازو لنڊن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي
آصف رضا موريو
اسان جي ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ موريو ۽ شاهاڻي ذات جا لوڪ صدين کان ڀائيچاري، محبت ۽ مروت جي لڙي ۾ پوئيل رهندا اچن ٿا. جيڪي پنهنجي تر ۾ انتهائي امن پسند، سٻاجها، مهمان نواز، ٻني ٻاري، اوکي پوکي، مال متاع ۽ باغن واڙن وارا خوشحال ماڻهو آهن. زرخيز زمينن، ٻيلن، چراگاهن، باغن ۽ کوهن جي هنج ۾ اوتيل هن شاندار وستي ۾ رهندڙ شاهاڻي ذات جي ماڻهن جو اسان جي سانڀر ۾ چڱيرڙو زميندار، معتبر ۽ نيڪ مرد مرحوم چاچو غلام علي شاهاڻي هوندو هيو جيڪو اسان جي پياري دوستن مظفر علي، نثار علي، اياز علي ۽ نادر علي شاهاڻي جو والد پڻ هيو.


چاچي غلام علي کي ٻه ڀينرون هونديون هيون جن مان هڪ سائين الله ڏتي کي ۽ ٻي مرحوم نبي بخش کي (جيڪو ايجوڪيشن ڊيپارٽمنٽ ڪلرڪ هوندو هيو) ڏنل هئي. مرحوم نبي بخش کي سائين حبيب الله، بشير احمد، نذير احمد، منير ا حمد ۽ شبير احمد نالي پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي جنهن جو وهانءُ اسان جي ڀاءُ مظفر علي شاهاڻي سان ٿيو هيو جڏهن ته بشير احمد شاهاڻي جي شادي مظفر علي جي ڀيڻ سان ٿي هئي.
۱۴سيپٽمبر ۱۹۵۰ع ۾ جنم وٺندڙ بشيراحمد شاهاڻي سنڌ يونيورسٽي مان اقتصاديات ۾ ماسٽرز ڪئي هئي سو ۱۹۸۴ع ڌاري پاڪستان مان بي روزگاري، افراتفري، ڪوڙي ڪيسن ۽ غربت جهڙن معاملن مان بيزار ٿي ويزا وٺي آمريڪا هليو ويو جتي هن ورڪ پرمٽ وٺي محنت مزدوري، نوڪري چاڪري ۽ جدوجهد ڪري نه رڳو ڌارين جي ڌرتي تي پنهنجو نالو ۽ مقام ٺاهيو پر سپر شاپس جو ڪاروبار پڻ مستحڪم ڪيو. آمريڪا جهڙي وشال خطي ۾ پنهنجا پير ڄمائي جڏهن کيس اتان جي شهريت ملي ته هن پنهنجي گهر ڀاتين کان علاوه خاندان جي ڪيترن جوانن کي همٿائي، گهرائي رهائش، ڪم، ڌنڌي ۾ سهڪار ڪيوجيڪي هاڻي پنهنجا قلعا جوڙيون بيٺا آهن.
بشير احمد شاهاڻي هڪ ساڃاهه وند پڙهيل لکيل ماڻهو هيو جنهن جي گهاٽائي محنت سان گڏ روشن خيالي ۽ روشن ضميري سان پڻ هئي. هو پنهنجي ملڪ ۾ رهندي جيئي سنڌ تحريڪ سان واڳيل هوندو هيو جو هو پڙهائي دوران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊيريشن جو صدر هوندو هيو سو پنهنجي ديس کان هزارين ميل پري آمريڪا ۾ رهي ڪري به سنڌ ۽ سنڌين لاءِ پنهنجي اندر ۾ جڙندڙ روحاني جذبي کي ڪڍي ڪونه سگهيو ۽ اتي پڻ انهن تمام معاملن سان ڪنهن نه ڪنهن نموني واڳيل ۽ سلهاڙيل رهيو جتي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ٿيندي هجي يا انهن لاءِ سوچيو ويندو هجي چاهي اهو پليٽ فارم سنا هجي يا ڪو ٻيو، اتي هو اڳيان اڳيان هوندو آهي. جيڪڏهن ائي کڻي چئجي ته بشيراحمد شاهاڻي اسان جي ڳوٺ جو پهريون بين الاقوامي فرد هيو ۽ آهي ته غلط ڪونه ٿيندو.
امريڪا جي ٽيڪساس رياست جي ڳت آبادي واري شهر هوسٽن (جنهن تي هي نالو ٽيڪساس ريپبلڪ جي صدر سام هوسٽن جي ڪري پيو) ۾ رهندڙ ڪوٽ واسي، ڏوڪري واسي، لاڙڪاڻو واسي، سنڌ واسي ۽ پاڪستان واسي بشيراحمد شاهاڻي کي ٽي پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي تنهن محنت ڪش ڪوٽائي پنهنجي اولاد جي پڙهائي لکائي دنيا جي انهن عظيم تعليمي ادارن ۾ ڪرائي آهي جتي اسان جي ملڪ جي وزير اعظمن ۽ صدرن جون اولادون پڻ پڙهنديون آهن. سندس پٽن مان هڪ ڪينيڊا جي پيٽروليم ڪمپني ۾ آفيسر آهي. سندس هڪ پٽ آسٽريليا ۾ پڙهي رهيو آهي ته ٻيو ڪينيڊا ۾ ۽ هڪ نياڻي ڪراچي ۾ پڻ تعليم حاصل ڪري رهي آهي.
تازو ۲۰۱۷ع ۾ سندس نياڻي عارفه بشير احمد شاهاڻي لنڊن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري پاس ڪئي آهي. اهڙيون ڊگريون ڪنهن دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو (لنڪن ان) ۽ قائدِ اعظم محمد علي جناح (لنڪن ان) جهڙن عظيم رهنمائن پنهنجي دور ۾ حاصل ڪيون هيون جيڪي پنهنجي دور جي امير ترين وڏيرن، سرمائيدارن جي اولاد هيا پر وقت بدلجندو نظر اچي رهيو آهي جو اڄ هڪ سنڌ جي ڳوٺ واسي ڪامريڊ جي نياڻي ساڳي طرح بيرسٽر جي ڊگري حاصل ڪري سنڌ واسين، ڳوٺ واسين، تر واسين، پنهنجي والدين، شاهاڻين ۽ اسان سڀني جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي.
اسان جي ديس کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي سنڌ جي رواجي، لٻاڙي، تعليم دشمن ۽ قبضي گير ڪامريڊن جي نه پر بشير احمد شاهاڻي جهڙي انقلابي ۽ جهدِ مسلسل جي پانڌيئڙن جي ضرورت آهي جيڪي پنهنجي ايندڙ نسل جي ذهني، سماجي، نفسياتي ۽ اقتصادي تندرستي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپن ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي ريت اسان کي سندس نياڻي عارفه شاهاڻي جي محنت، ڏاهپ، فضيلت ۽ همٿ تي پڻ ناز آهي جنهن پنهنجي ڳوٺاڻي پيءُ جي جدوجهد کي مان ڏئي کيس هڪ بهترين حاصلِ محنت دان ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا