; سنڌي شخصيتون: آغا محمد علي

31 December, 2019

آغا محمد علي


آغا محمد علي
ريڊيو جي دنيا ۾ مونکي متعارف ڪرائيندڙ، منهنجو محسن!
جبار آزاد منگي
Image result for ‫آغا محمد علي‬‎
ناميارو براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي ۱۵ جولاءِ ۱۹۵۸ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم شڪارپور جي ڳوٺ ڪِڙي عطا محمد مان ورتي. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بي اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۸۴ع ۾ سکر لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ايم اي (ايڪانامڪس) ڪيائين. پهريائين روينيو کاتي، جيل کاتي ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام واري کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ جون ۱۹۸۸ع کان ريڊيو پروڊيوسر خيرپور، لاڙڪاڻي، مڪران ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشنن تي رهيو.


ريڊيو پاڪستان تان ڪيترا ئي نوان ۽ بهترين پروگرام پيش ڪيائين، جن کي ٻڌندڙن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان غريب شاگردن لاءِ پروگرام ’جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي‘ نشر ڪيو. جنهن ذريعي ڪيترن غريب شاگردن کي مفت ڪتاب ۽ ڊريسون مليون. ساڳيءَ اسٽيشن تان هن جي پيش ڪيل پروگرام’سوچ ۽ لوچ‘ کي به گهڻي مقبوليت ملي. ان پروگرام ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو ٻڌندڙن جا انٽرويو نشر ڪيا ويا.
مڪران ريڊيو تي سندس معلوماتي ۽ تفريحي پروگرام ’ڪيچ رنگ‘ گهڻو مشهور ٿيو.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي هن ’لطيف رنگ‘، ’نئين سوچ‘، ’اوهان جي خدمت ۾‘، ’عوامي آواز‘، ’هڪ شعر هڪ نغمو‘ ۽ ٻيا پروگرام پيش ڪيا، جن کي ٻڌندڙن طرفان ڀرپور موٽ ملي.
ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي هن موسيقيءَ جي شعبي کي ترقي وٺرائي ۽ ڪيترن ئي نون فنڪارن کي متعارف ڪرايو.
براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو هي ناميارو شخص ۳۰ نومبر ۲۰۱۳ تي، دل جي دوري پوڻ سبب حيدرآباد ۾ اسان کان هميشہ لاءِ موڪلائي، سنڌ امڙ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو.



آغا محمد علي

خاور قبولائي

بھترين انسان، ناميارو براڊڪاسٽر آغا محمد علي (مرحوم) جنھن ۱۹۹۶ ۾ مون کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي متعارف ڪرايو، انھن ڏينھن ۾ F M جي نشريات ڌڙاڌڙ ھلندي ھئي، ٻڌندڙن جو تعداد تمام گھڻو ھوندو ھو.

ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي جي ھڪ مقامي ھوٽل تي ڪو ادبي پروگرام ھو، اتي منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ٿي، چيائين ادبي پروگرام •رسالو• نشر ٿي رھيو آھي، ان ۾ سلسلي •اڄ جو شاعر• ۾ توھان ھڪ شاعر طور شرڪت ڪيو. ڏاڍي خوشي ٿي، ريڊيو تي ويس، منھنجي شاعري رڪارڊ ڪيائين پوء چيائين ته توھان جو انٽرويو به رڪارڊ ڪجي، مون چيو جي ھا بلڪل، اتي سندس ھڪ دوست عبدالستار عباسي نالي موجود ھو ان کي چيائين توھان انٽرويو وٺوس، پاڻ به گڏ ويٺو رھيو، جڏھن سوال جواب شروع ٿيا ته سندس چھري جا تاثرات پڙھي ورتم، ڀانيم ته منھنجي گفتگو وڻيس ٿي، منھنجي جوابن دؤران ٻيا سوال جلدي ۾ پني تي لکندو انٽرويو وٺندڙ دوست کي ڏيندو ٿي ويو....

تمام سٺو انٽرويو رڪارڊ ٿي ويو، آچر جي ڏينھن تي منجھند جو اڍائي وڳي پروگرام نشر ٿيو، سلسلو ھڪ شاعر ته نشر ٿيو پر الائي ڪھڙي سبب انٽرويو نشر نه ٿيو، ٻئي ڀيري ريڊيو تي وڃڻ ٿيو، ساڻس ملاقات ٿي، پڇيائين توھان پنھنجو انٽرويو ٻڌو ھو، چيم سائين نشر نه ٿيو، عجب مان چيائين نشر نه ٿيو........؟؟؟ چيم نه سائين، چيائين خاور ڀاء.... ان ڏينھن مونکي توھان جو آواز ۽ گفتگو جو انداز ڏاڍو وڻيو ھو، انٽرويو نشر نه ٿيڻ جي ڏنڊ ۾ مان توھان کي توھان جي ئي شھر جي رہڊيو اسٽيشن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيان تہ؟؟؟؟؟؟

بيحد خوشيءَ مان وراڻيم؛ سائين اھا ته منھنجي لاء اعزاز جي ڳالھ آھي.

چيائين، بس ھن ئي ھفتي کان توھان ادبي پروگرام رسالو ۾ •ادبي خبرنامي• سان پنھنجي ريڊيائي سفر جو آغاز ڪيو. ائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان منھنجو ھڪ آرٽسٽ طور رشتو ناتو جڙي ويو ۽ رہڊہو پاڪستان لاڙڪاڻي مونکي اڄ تائين تمام گھڻي عزت بخشي ۽ ملڪان ملڪ مشھور ڪري ڇڏيو.

اڄ منھنجي ان مھربان محسن نامياري براڊڪاسٽر آغا محمد علي جي ورسي آھي، ان موقعي تي کيس دل سان ياد ڪندي رب پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا جا ھٿ بلند ڪندي ڌڻيء التجا ٿو ڪريان ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس عطا ڪري آمين يارب العالمين.

 

(خاور قبولائيءَ جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا