; سنڌي شخصيتون: آغا محمد علي، جبار آزاد منگي، ريڊيو پاڪستان، خاور قبولائي،
Showing posts with label آغا محمد علي، جبار آزاد منگي، ريڊيو پاڪستان، خاور قبولائي،. Show all posts
Showing posts with label آغا محمد علي، جبار آزاد منگي، ريڊيو پاڪستان، خاور قبولائي،. Show all posts

31 December, 2019

آغا محمد علي


آغا محمد علي
ريڊيو جي دنيا ۾ مونکي متعارف ڪرائيندڙ، منهنجو محسن!
جبار آزاد منگي
Image result for ‫آغا محمد علي‬‎
ناميارو براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي ۱۵ جولاءِ ۱۹۵۸ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم شڪارپور جي ڳوٺ ڪِڙي عطا محمد مان ورتي. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بي اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۸۴ع ۾ سکر لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ايم اي (ايڪانامڪس) ڪيائين. پهريائين روينيو کاتي، جيل کاتي ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام واري کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ جون ۱۹۸۸ع کان ريڊيو پروڊيوسر خيرپور، لاڙڪاڻي، مڪران ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشنن تي رهيو.