ارجن حاسد
شاعري جي ڪنواس جو سڪيلڌو
نج شاعر
ڊاڪٽر سنڌيا چندر
ڪندناڻي
هندستان جي ساهت جي
ٻنهي شاخائن تي جيڪڏهن ساهتڪ چمشو پائي نظم چاهي نثر جي ميدان تي پري پري تائين
نظر وجهبي ت فقط هڪ ئي سڪيلڌو نج سنڌي شاعر ملندو.
شاندار شخصيت جو
مالڪ ، صاف سٿرو ، مشڪندڙ چهرو، ادب، عزت ۽ مان وارو هندستان جو هڪ ئي سڪيلڌو شاعر
مان ڀانيان ٿي سموري هندستان ۾ اهڙو ڪو ب اديب ساهتڪار يا شاعر ڪون آهي جنهن فقط
ساهت جي هڪ ئي صنف تي قلم هلايو هجي. جنهن ڪري مون هن ليک عنوان لکيو آهي شاعري جي
ڪنواس جو سڪيلڌو نج شاعر - ارجن حاسد جنهن جو جنم ۷ جنوري ۱۹۳۰ ۾ سنڌ جي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.
ڪنڊياري شهر ۾ پرائمري تعليم پرايائين ۽ ورهاڱي واري سال ۱۹۴۷ ۾ پنچائتي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.
جڏهن ته ورهاڱي سبب ۴ جنوري ۱۹۴۸۾ ٻين سنڌين جيان ڪٽنب سميت احمدآباد شهر ۾ آيو ۽ تمام گهڻي ڪشمڪش بعد
پنهنجو آشيانو ٺاهيو.
'حاسد' وڌيڪ ڪون
پڙهي سگهيو. جنهن جو آرٿڪ مسئلو مکيه هو. وري ب مالڪ جي مهر سان کيس جلدي پوسٽ
کاتي ۾ نوڪري ملي.
۽ شادي ڪري
گهر ٻار وسايائين. کيس هڪ نياڻي جنهن جو نالو پرميشور آهي.۽ ٽي پٽ، وڏو پٽ لڇمڻ ،گنگارام
۽ موهن. سندس سڀ ٻار پنهنجي ڪٽنبن سميت سکي ستابا آهن.
ارجن حاسد ۱۹۸۸ تي نوڪري تان رٽائر ٿيو.
سندس ڌرمپتني ٽي
سال اول هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جڏهن ت هن وقت ارجن حاسد وڏي پٽ لڇمڻ سان
رهندو آهي.
ارجن حاسد جو سمورو
نالو ڄيٺانند تنواڻي آهي پر ادب جي دنيا ۾ هو 'ارجن حاسد'جي نالي سان سڃاتو ويو
.شاعري جو شونق ته کيس ننڍپڻ ۾ ئي هوس.
پر سندس نوڪدار قلم
۱۹۵۶ کان تيز رفتار سان هليو. هو علم عروض ۾ ماهر ۽ پڪو پختو شاعر آهي. سندس
قلم مان پهريون ڪتاب ۱۹۶۶ ۾ “سواسن جي سرهاڻ” نڪتو. پهرين ئي ڪتاب کيس اديبن جي وچ ۾ اوچ مقام تي
پهچائي ڇڏيو. ڏسندي ڏسندي هو سموري هندستان جي سنڌي شاعريءَ جي کيتر جو وڏو غزل گو
شاعر ارجن ’حاسد‘ تخلص طور مشهور ٿيو. حالانڪ هن شاعري جي هر صنف تي قلم آزمائي ڪئي.
سندس گيت بيت دوها ۽ غزل جنهن جي شاهدي ڀرين ٿا. هن جي قلم مان نج شاعريءَ جا ئي ڪتاب
نڪتا جڏهن ت کيس ۱۹۸۵ ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ‘ مليو.
ارجن حاسد نئشنل
ساهتيه اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو. جڏهن ته مرڪزي
اڪادمي انعام لاءِ پڻ کيس وقت ب وقت جج مقرر ڪيو آهي.
ارجن حاسد جي گيتن
گويا نون ڪلاڪارن کي زبان ڏني.
جڏهن ت سندس گيت وڏن
مشهور ڪلاڪارن ڳاتا آهن ۽ ڳائي رهيا آهن سندس گيت ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيندا
رهن ٿا.
مٿي اڳواٽ ذڪر ٿيل
آهي هن شاعري کانسواءِ ساهت جي ٻئي ڪنهن ب صنف کي ڪون ڇهيو.
ارجن حاسد ، هري
دلگير جي ساهتڪ رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات ' ترتيب ڏنو. جڏهن
ت هندي جي وڏي شاعر ’جئه شنڪر پرساد‘ تي لکيل انگريزي مونوگراف سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
جيڪو ۱۹۹۵ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ طرفان شايع ٿيو.
پر هت هڪ ڳالهه چٽي
ڪري ڇڏجي هن شاعرن ۽ انهن جي شاعري جي ڪتابن کي ئي ڇهيو آهي.
۱۹۹۶ ۾ شيام رام رکياڻيءَ ارجن حاسد جي ادب ۾ خدمتن تي “ادبي ڇنڊڇاڻ” نالي ننڍڙو
ڪتاب ڇپايو
۱۹۹۶ ۾ڊاڪٽر پريم پرڪاش ترتيب ڏئي “ارجن حاسد: هڪاڀياس” جي عنوان سان ڇپايو
ارجن حاسد جو ۲۰۰۸ ۾ “آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي”
ڪتاب ڇپيو
۽ آخر ۾ مان
ارجن حاسد جي دوهن جا مثال ڏيڻ چاهيندس ان کان اول مان پنهنجو ڪجه شخصي راز ٻڌائڻ
چاهيندس
مون ۱۰۰ دوها لکيا آهن.
پر دوهن لکڻ لاءِ
مون تمام محنت ڪئي ڇو جو هڪ ت مان ننڍپڻ کان ئي حسابن ۾ ڪمزور مٿان وري شاعرا ٿيڻ
جو شونق ۽ دوهن ۾ ماترائون منعا وري اهي ساڳيا ننڍپڻ وارو حسابن جو وشيه جنهن کان ڏڪي
ڏڪي مان وڏي ٿيس.
سو مون ارجن حاسد
جو ڪتاب کنيو “ماٺ جي مرڪ” جنهن ۾ سندس کوڙ دوها آهن. ۽ روز انجو مطالعو ڪندي رهيس
من ڪو ڪجه سمجه ۾ اچي
مطالعو ڪندي ڪندي
ماترائون ت هاڻي سمجه ۾ اچي ويون آهي. ماترائن جي ڳڻپ ب هاڻ گهڻو ڪري ڪون
منجهائيندي آهي.
۽ بس ائين
مون ماٺ ۾ ڳجهي نموني ارجن حاسد کي گرو مڃي دوها سکي ورتا.
جيڪا ڳالهه ارجن
حاسد کي ب خبر ڪون آهي.
“ماٺ جي مرڪ”
۾ سندس دوها آهن
ڪاغذ تي چٽ ٿو ڪڍان
، منهنجا پنهنجا ڍنگ،
وڃ لنگهي، پاسو ڪري،
هڻندا توکي ڏنگ.
لُڏن لمن ٿا کيت ۾،
جيئن جوئر جا سنگ،
ٻرن وسامن ٿا ائين،
محبوبن جا انگ،
هوُ آيو ويٺو اچي،
ديهه سڄي ڇڪتاڻ،
ڇيهون ڇيهون من هئو،ڪجه
ب ن پڄندو هاڻ.
سوچيم هُن کي ڪجه
چوان، لهي ڪو دل تان بارُ.
مرڪ اچي ڪن ۾ چيو،
پاڙي ڏس اقرارُ
پل پل ۾ پاڇا ڦرن،
آهن اُسُ جا رنگ،
تکيءَ ڦڪيءَ ٻچڪار
جا، پوندا آهن ونگ.
۽ پڇاڙيءَ ۾
مان پنهنجي دوهن جي گرو کي سر جهڪائي پرنام ڪريان ٿي.
ارجن حاسد جي ساهتڪ
پونجي
سواسن جي سرهاڻ - ۱۹۶۶
پٿر ڪنڊا ڪنڊا - ۱۹۷۴
ميرو سج غزل- ۱۹۸۴
ڳو‘ (غزل - ۱۹۹۲
اُڃ- ۱۹۹۹
ساهي پٽجي ۲۰۰۸
“آزاديءَ کان
پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي” ۲۰۰۸
۽ ماٺ جي مرڪ
.....
افسوس ۽ تمام ڏک ٿيو
اڄ صبوح جڏهن خبر پئي ارجن حاسد......
من تمام ڀرجي آيو
هي ليک مون گهٽ ۾ گهٽ چار مهنا کن اول ڪاغذ تي لکي رکيو هو پر ٽائيپ اڄ ڪيو. ٽائيپ
ڪندي ڪندي ور ور اکين سامهون ڌنڌ پيو نظر اچي.
ڇو جو مونکي انتظار
هو ۷ جنوري جو
مون سڄي زندگي ۾ هڪ
دفعو مس فون تي حاسد سان ڳالهايو هو بس
مون سوچيو هو ستين
جنوري جنم ڏينهن جون واڌايون ڏئي ارجن حاسد کي ٻڌائيندس ت توهين منهنجي دوهن جا
گرو آهيون....
بس وڏو ارمان رهجي
ويو
ارجن حاسد
هند ۽ سنڌ جو ناليوارو
شاعر
حسن پٺاڻ
سنڌي ٻوليءَ جي غزل
جي نامور شاعر ارجن حاسد جو اصل نالو ارجن ڄيٺانند تنواڻي آهي. هو جيڪو ۷ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ڪنڊياري
شهر جي پنچائتي هاءِ اسڪول مان ۱۹۴۷ع ۾ مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪيائين. چوٿين
جنوري ۱۹۴۸ع تي هند لڏي ويو. ۸ ڊسمبر ۱۹۴۸ع کان پوسٽ کاتي، احمد آباد ۾ ملازم ٿيو،
جتان ۳۱ جنوري ۱۹۸۸ع تي رٽائر ٿيو. ۱۹۵۶ع کان شاعري شروع ڪيائين. ’حاسد‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. ’حاسد‘، غزل تمام گهڻا
لکيا آهن ۽ ’غزل گو‘ شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس ڇهه شعري مجموعا ’سواسن جي سرهاڻ‘
(۱۹۶۶ع)، ’پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا‘ (۱۹۷۴ع)، ’ميرو سج‘ (غزل: ۱۹۸۴ع)، ’موڳو‘ (غزل: ۱۹۹۲ع) ۽ ’اُڃ” (۱۹۹۹ع) ۽ “.... ساهي پٽجي” (۲۰۰۸ع) ۾ شايع ٿيل آهن. ۱۹۸۵ع ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيه اڪادمي
اوارڊ‘ مليو. هندي شاعر ’جئه شنڪر پرساد‘ تي لکيل انگريزي مونوگراف پڻ سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو ۱۹۹۵ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ شايع ڪيو آهي. ’حاسد‘ جا سؤ کان وڌيڪ گيت مختلف ڪلاڪارن ڳايا
آهن، جيڪي انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيا آهن. ’حاسد‘ جا شعري مجموعا،
انڊيا جي يونيورسٽين ۾ ٽيڪسٽ بوڪ طور منظور ڪيا ويا آهن.
هُري دلگير جي ساهتڪ
رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات‘، ترتيب ڏنل اٿس. ’حاسد‘ جون
رچنائون گجراتي، هندي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿينديون رهن ٿيون. سندس فن تي “ارجن
حاسد: هڪ اڀياس” (۱۹۹۶ع) ڪتاب پريم پرڪاش ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. ان کان اڳ شيام رام رکياڻيءَ پڻ
ارجن حاسد جي ادب ۾ خدمتن تي “ادبي ڇنڊڇاڻ” نالي ڪتابڙو ۱۹۹۶ع ۾ ئي ڇپائي پڌرو ڪيو هو.’حاسد‘، نئشنل
ساهتيه اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو آهي، جڏهن ته
’مرڪزي اڪادمي اَوارڊس، لاءِ جج طور پڻ فرض نڀائيندو رهيو آهي. تازو “آزاديءَ کان
پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي” (۲۰۰۸ع) ڪتاب ڇپيو اٿس. ارجن حاسد احمد آباد (ڀارت) ۾ رهائش
پذير هو، اڄ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي ديهانت ڪري ويو.
ارجن حاسد
غفار عباسي
ارجن ڄيٺانند تنواڻي
۷ جنوري ۱۹۳۰ تي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو. هن وقت ڀارتي شهر احمد آباد ۾ رهندو هو، ارجن حاسد
غزل جو وڏو شاعر هو، سندس ڪيترا ئي ڪتاب پڻ لکيل آهن. سنڌ ۽ هند جو اھو ناليوارو
شاعر، ارجن حاسد، اڄ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي اسان کان وڇڙي ويو.
سندس غزل، نموني جي
طور تي ھيٺ ڏجي ٿو.
غزل
ڪجهه نه ڳالهايو هو،
موڪلايو ته هو!
ڪنڌ لوڏيو ته هو، هٿ
ملايو ته هو!
آرزو دل ۾ اهڙِ ي ڪا
اُڀري هُئي،
ڪنهن جي آنچل اهو سڀ
ٻڌايو ته هو!
فاصلا ڏسندي ڏسندي
وڏا ٿي ويا،
ڪِئَن الائي ٻنهي
سر جھڪايو ته هو!
پنکڙين جي نزاڪت ڏنيون
دعوتون،
مون به ڳَلُ آرسيءَ
سان لڳايو ته هو!
اولڙن جي تصور کي
چئجي به ڇا،
گنگنايو تو، مون مسڪرايو
ته هو!
ترورن جا ڏيئا، رات
تارن ڀري،
ڪجهه نه هو، وهم دل
جو اجايو ته هو!
وِکَ هڪڙي به حاسد
کَنِئي تو ڪِٿي،
پيچرو ڪنهن نه ڪنهن
هي بڻايو ته هو!
(غفار عباسي
عثمانيه لائبرري چنيهاڻي ڪنڊيارو، فيسبڪ پيج ’ڪنڊيارو؛ نرمل نيارو‘ تان کنيل)
ارجن
حاسد
سندس
ديهانت تي ڇيهون ڇيهون مُن هئو
رکيل مورائي
هنڌ ۾ سنڌي غزل کي
سچ پچ جن شاعرن پنهنجي تخليق ۾ آڪاس تي پهچايو، ارجن حاسد انهن مان هڪ هئو، سنڌي
جديد غزل اڄ اٻاڻڪو ٿي ويو آهي، هند ۾ وري کيس ارجن حاسد نه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ اڄ هو پاڻ ئي سنڌي غزل سان ناتو ڇني هليو ويو آهي.
ايئن ته اها ڪهاڻي
به اداس ٿيندي جيڪا ارجن حاسد جي قلم جو سواد چکي نه سگهي. مجموعي طور سنڌي
شاعريءَ جي هنڌ ۾ رهندڙ پهرئين نسل جو آخري شاعر ارجن حاسد هئو، جيڪو اڄ اسان وٽ
نه رهيو آهي.
ساهتي پرڳڻي جي ڪنڊياري
تعلقي، اڳوڻي نواب شاهه ضلعي ۽ هاڻوڪي نوشهروفيروز ۾ ستين جنوري اوڻيهه سئو ٽيهن ۾
جنم وٺندڙ ارجن حاسد پنهنجي شاعراڻي نالي کان اڳ ڄيٺانند تنواڻي هئو، جيڪو ورهاڱي
جي واءَ ۾ اڏامي، گجرات جي گاديءَ واري شهر احمد آباد ۾ وڃي وسيو ۽ سڄي ڄمار اتي
ئي گذارئين.
ادب ۾ ارجن حاسد ڪيترو
لکيو ۽ ارجن حاسد تي ڪيترو لکيو ويو اهو هڪ ڊگهو داستان آهي، جيڪو اسان جي ڪم اچي
سگهي ٿو پر هاڻ ارجن حاسد ان سڀ کان گھڻو ڏور هليو ويو آهي.
هن جهان ۾ رهندي گھڻي
ئي دوريءَ تان به هڪ ڀيرو هو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي وري ڏسي سگهيو، ان جي مٽي ماٿي
لاتائين ۽ اهو احساس ڏياريائين ته وقت ڪڏهن نه ڪڏهن ويڇا ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۽
انهن ختم ٿيل ويڇن جي وقت هن سموري سنڌ پنهنجي اکين سان ڏٺي، مونکي اهو اعزاز
رهندو ته سنڌ ۾ گذاريل سمورو وقت مان ساڻس گڏ رهيس ۽ سندس شاعريءَ توڻي ويجهڙائي
جو مزو ماڻيم.
ارجن حاسد جيڪو
پنهنجي طبيعت ۾ بيحد خود دار شخص ڪنهن جي به نه ٻڌڻ وارو ۽ نه سهڻ وارو ساڳئي وقت ڪمال
جي مزاح سانڍيندڙ ۽ وڏي ڳالهه ته ڪنهن به نماءُ کان ڪوهين ڏور ۽ اڪثر پوين ڪرسين
تي ويهندڙ، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳيان رکيل ڪرسيون سمورو عرصو سندس ويهڻ لاءِ آسائتيون
رهيون پر هن خوددار شخص ۽ شاعر، پنهنجي نماڻي طبيعت رکندڙ ڪنهن به غير ضروري عمل
کان پاسو ڪيو.
ارجن حاسد جو سنڌي جديد
غزل ۾ ڪيترو حصو آهي، ان جو وچور ڏيڻ لاءِ هي ليک نه آهي سندس جدا ٿيڻ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌ ۽ ڪنڊيارو اڄ سوڳ
۾ آهن ايئن هند جا اديب پڻ پنهنجي هڪ اعليٰ شاعر ۽ هاڻ هن جو هڪ ڪهاڻي ڪتاب به آيو
آهي ان ڪري ڪهاڻيڪار، هڪ اعليٰ مرتب ۽ مرڪندڙ ماڻهوءَ جي وڇوڙي تي ضرور دکي هوندا
جيڪو دک اسان سڀني سنڌين جو گڏيل دک آهي، جيئن سنڌي ا دب اسان سڀني سنڌي اديبن جو
گڏيل ادب آهي ان ڪري ارجن حاسد جو ديهانت سموري سنڌي ادب لاءِ هڪ بيحد ڏکوئيندڙ
خبر آهي.
سندس خال ته ڀرجڻ
جو نه آهي پر اهو اسان جي وَس ڪٿي آهي ته اسان پنهنجي پيارن کي سدائين پاڻ سان گڏ
رکي سگهي. ارجن حاسد هند توڻي سنڌ ۾ بيحد پيار سان پڙهيو ويندڙ هڪ اهڙو شاعر، جنهن
نئين ٽهيءَ کي گھڻو اتسهه ڏنو لکڻ لاءِ. هن اڻيهه سئو ڇاونجاهه کان لڳاتار لکڻ شروع
ڪيو ته زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين سندس قلم بند نه ٿيو. سندس قلم جي نوڪ مان نڪري
نروار ٿيل ڪتاب آهن.
سواسن جي سرهاڻ –
شاعري (۱۹۶۶ع)
پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا – شاعري (۱۹۷۴ع)
ميرو سج – شاعري
(۱۹۸۴ع)
موڳو –
شاعري (۱۹۹۲ع)
اڃ – شاعري (۱۹۹۹ع)
ساهي پٽجي – شاعري
(۲۰۰۸ع)
ماٺ جي مرڪ – شاعري
(۲۰۱۰ع)
هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب
(۲۰۱۷ع)
ان کانسواءِ هن هڪ
کان وڌيڪ ڪتاب مرتب ڪيا، ترجما ڪيا ۽ ايڊٽ ڪيا، ايئن مٿس پڻ هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا
۽ مرتب ڪيا ويا آهن. ڪيئن به ارجن حاسد هڪ تخليقي شاعر هئو، سندس غزل پنهنجي الڳ سڃاڻپ
رکندڙ هئو ايئن شخصيت ۾ به هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ اهڙو شخص، جنهن سان ڪچهري ڪندي دل
نه ڀرجي. کيس ڏسندي اکيون نه ڍاپن ۽ کيس پڙهندي هڪ اتساهه ملي، هند وري اهڙي ليکڪ/
شخص لاءِ گھڻو وقت سڪندي، سنڌ ته پنهنجي هن وڇڙي ويل پٽ لاءِ اوڇنگارون ڏيئي رُني
آهي. جيڪو اڄ کانئس سدائين لاءِ وڇڙي ويو!.
سنڌ جا اديب ۽ شاعر
ارجن حاسد جي وڇوڙي جي ڏک ۾ هند جي ليکڪ برادريءِ سان گڏ آهي. ان ڪري ئي ته نارائڻ
شيام چيو هئو؛
سنڌ سنڌين ۾ وَسي،
سنڌين هتي، سنڌ
هئي.
No comments:
راءِ ڏيندا