ارجن حاسد
شاعري جي ڪنواس جو سڪيلڌو
نج شاعر
ڊاڪٽر سنڌيا چندر
ڪندناڻي
هندستان جي ساهت جي
ٻنهي شاخائن تي جيڪڏهن ساهتڪ چمشو پائي نظم چاهي نثر جي ميدان تي پري پري تائين
نظر وجهبي ت فقط هڪ ئي سڪيلڌو نج سنڌي شاعر ملندو.
شاندار شخصيت جو
مالڪ ، صاف سٿرو ، مشڪندڙ چهرو، ادب، عزت ۽ مان وارو هندستان جو هڪ ئي سڪيلڌو شاعر
مان ڀانيان ٿي سموري هندستان ۾ اهڙو ڪو ب اديب ساهتڪار يا شاعر ڪون آهي جنهن فقط
ساهت جي هڪ ئي صنف تي قلم هلايو هجي. جنهن ڪري مون هن ليک عنوان لکيو آهي شاعري جي
ڪنواس جو سڪيلڌو نج شاعر - ارجن حاسد جنهن جو جنم ۷ جنوري ۱۹۳۰ ۾ سنڌ جي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.
ڪنڊياري شهر ۾ پرائمري تعليم پرايائين ۽ ورهاڱي واري سال ۱۹۴۷ ۾ پنچائتي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.
جڏهن ته ورهاڱي سبب ۴ جنوري ۱۹۴۸۾ ٻين سنڌين جيان ڪٽنب سميت احمدآباد شهر ۾ آيو ۽ تمام گهڻي ڪشمڪش بعد
پنهنجو آشيانو ٺاهيو.
'حاسد' وڌيڪ ڪون
پڙهي سگهيو. جنهن جو آرٿڪ مسئلو مکيه هو. وري ب مالڪ جي مهر سان کيس جلدي پوسٽ
کاتي ۾ نوڪري ملي.
