اهڙن انسانن کي اُتساهه
ملڻ گھرجي
مولائي ملاح
علم انسان جي ٽين
اک ۽ دنيا ۾ ڪتاب کانسواءِ ٻيو سٺو دوست ۽ تحفو نٿو ٿي سگھي. ڪتاب انسان جي ٻاٽ
اونداهين راهن کي، علم جي روشنيءَ سان منور ڪندو آهي. ڪتابن جي دنيا جا ماڻهو، دنيا
جهان جي گوڙ گھمسان کان ڪٽيل، پنهنجي ماحول ۾ محو هوندا آهن. مسلسل مطالعي واري ڪيفيت
۾ رهندي، سندن مزاج ۾ به سانت ۽ صبر سمائجي ويندو آهي. اهي، ڪچهري ۾ اچي، ماحول کي
پنهنجي نظر سان ڏسندا. ضروري سمجهندا ته مختصر ۽ پراثر ڳالهائيندا، نه ته ٻين کي
خاموشيءَ سان ٻڌندا، اهڙي ڪيفيت ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي عام ماڻهو پنهنجي دنيا جو ماڻهو چوندا آهن، اهڙن ماڻهن جي
دنيا ئي ته، روشن دنيا آهي، جن جي اهڙي عشق ذريعي دنيا ۾ شعور جي لاٽ روشن آهي. اهڙن
عظيم انسانن جي سهڪاري ڪردار سان سنسار ۾ علم، ادب، تاريخ ۽ تخليق ۽ تحقيق جو سلسلو
جاري رهي ٿو.
تخليق ”پئي پراڻو“ ٿيڻ
جهڙو وکر ناهي ۽ تحقيق زندگيءَ جي وک وک تي ڄاڻ جي کاڻ جا خزانا کوليندي اچي. اهڙن
خزانن کي علم، ادب جا جوهري پارکو پنهنجي پيٽ کي مُٺ ڏئي لائيبريري جي صورت ۾ سانڍيندا
اچن. جيڪي جڳ ۾ جرڪندڙ ستارن جيان آهن.
زندگيءَ جي اماس ڳلين
۾ علم، ادب جا ديپ جلائيندڙ انسان، ترقي پذير ملڪن ۾ ته ڳاڻيٽي کان گھڻا آهن پر سنڌ
جي ننڍڙن ڳوٺن ۽ واهڻ وستيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جيڪي بنا ڪنهن سرڪاري سهڪار
جي، ڪتابن سان عشق جو سفر جاري رکيو اچن، اهڙن عاشقن مان سنڌ جي سِري سان تعلق
رکندڙ، سنڌ جو پنهل به هڪ آهي.
پرفيسر محمد پنهل ڏهر،
ڏهرڪيءَ جي ريتي روڊ تي قائم قديم ڳوٺ غلام علي ڏهر ۾ ٻانهون خان ڏهر جي گھر، جون
جي جهولن ۾ پهرين جون ۱۹۵۹ع تي جنم ورتو. جيڪو پرائمريءَ کان ئي علم، ادب جو پياسو هو. جواني چڙهيو
ته، تاريخ کي پنهنجو پنهل سمڌائين، اهڙي عشق کيس ماستر مان محقق بڻائي ڇڏيو. علم،
ادب ۽ لکڻ پڙهڻ سان گھرو چاهه رکندڙ ڪتابن جو عاشق، گھر، خاندان ۽ اولاد کان اڳ ڪتابن
کي اوليت ڏيندڙ پروفيسر محمد پنهل ڏهر، جي ديده دليري اها آهي جو هن سنڌ جي سِري
واري علائقي ۾ پيرن، وڏيرن ۽ سردارن جي سامهون ويهي، پنهنجي ڪکائين گھر ۾ هڪ وڏي
لائيبريري سنڌ ريسرچ جي نالي سان قائم ڪئي آهي، جنهن کي علم، ادب کان علاوه پنهنجن
علائقن ۾ الڳ (سماجي) سڃاڻپ رکندڙ ماڻهو به هلي ڏسڻ آيا آهن. لائيبريري سنڌ جي
مشهور ڪتب خانن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. ڪيترا ئي ڀيرا وٽس ڪتب خانن جا وڏا واپاري آيا.
هن وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
هن ‘سنڌ ريسرچ’
لائيبرري ۾ ناياب قسم جي ڪتابن ۽ اخبارن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، جن ۾ ڪيترا ئي
مذهبي ۽ تاريخي قلمي نسخه پڻ موجود آهن. هن خزاني کي سانڍڻ لاءِ هاڻ هي ڪمرو ناڪافي
آهي، جنهن لاءِ کيس هڪ وڏي پڪسري هال جي ضرورت آهي. پيشي جي حوالي سان تعليمي کاتي
سان واڳيل اهو به اِجھو رٽائر ٿي آيو. هاڻ هيڻي حال آهر هن قيمتي خزاني کي هن ڪچي
گھر جي ڪمري ۾ ڪيترو سنڀالي سگھندو، انهيءَ لاءِ ڪجھه چئي نه ٿو سگھجي. اهو سوال
سنڌ جي سڄڻن ۽ علم، ادب جي پارکن جيان کيس به کائي وڃي ٿو. شل! اسان جي سرڪار،
ثقافت کاتي جي سجاڳ ذهن وزير جي ذهن ۾ سنڌ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيل
لائيبررين کي سنڀالڻ ۽ سهڪار جهڙي ڪائي ڳالهه اچي. محمد پنهل ڏهر جهڙن مخلص اديبن
جي اجھن ۾ قائم قيمتي لائيبررين کي اڄ انٽرنيٽ دور ۾ به نه سنڀاليو ويو ته، هڪ
قيمتي خزانو ضايع ٿي ويندو. محمد پنهل ڏهر جهڙن
عظيم ماڻهن جي سهائتا ڪري کين اُتساهه ڏنو وڃي. هر ماڻهو به صاحبِ حيثيت ناهي
هوندو، جن اهڙي علائقي ۾ هي عملي ڪم ڪيو آهي. جتي پيرن، سردارن ۽ رئيس وڏيرن جو وڏو
ڏهڪاءُ آهي. جتي هندو سنڌي نياڻيون بنا ڪنهن مذهبي ڪتاب پڙهڻ جي ڪلمو پڙهي مذهب مٽائين
ٿيون. ماڻهو عورتاڻي آواز تي هرکجي وڃن ٿا. ڪارو ڪاري جهڙن واقعن سبب ويڙها ويران
۽ ڪارين جا ڪوٽ ۽ قبرستان آباد ٿين ٿا. جهالت جي انڌ ورتل اهڙي علائقي ۾ همت
۽حوصلي سان شعور جي شمع روشن ڪندڙ جاکوڙي جو عملي ڪردار ساراهه جوڳو آهي جنهن تي
جس لهڻي.
محمد پنهل ڏهر جو
پرائمري کان ئي ڪتابن سان نينهن جو ناتو جڙي ويو هو. هن پهرين اسلامي ڪتاب پوءِ
ناول، داستان ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪيون. سندس
پسند جو موضوع تحقيق ۽ تاريخ آهي.
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ‘مسلم هسٽري’ ۾ ايم اي ڪيائين. ۱۹۹۲ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پهرين لکڻي پير
حسام الدين راشدي جي ادبي خدمتن تي لکيائين. ۱۹۹۳ع کان ڪميشن پاس ڪري ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻيو،
نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ پروفيسر جي عهدي
تان ۳۱ مئي ۲۰۱۹ع تي رٽائر ٿيو. سنڌ ريسرچ لائيبريري جو بنياد ۱۹۸۲ع ۾ رکيو. جنهن ۾ هر قسم جا ڪتاب رکيل آهن،
جن ۾ ۱۰۰ اصل ۽ ۱۰۰ فوٽو ڪاپي ناياب قلمي نسخه موجود آهن. لائيبريري ۾ ڪتابن جو ڳاڻيٽو ڏهه
هزار کان مٿي آهي. هن لائيبريريءَ ۾ ڪيترن ئي ٻولين وارا ڪتاب جن ۾ سنڌي، اردو،
انگريزي، عربي، فارسي، گجراتي، سرائيڪي، بلوچي، براهيوي، هندي ۽ سنسڪرت وغيره
موجود آهن. سندس سنڌي ٻولي ۾ ڇپيل ڪتاب، معارف حافظ الملت، ڪلام صوفي عثمان فقير
لغاري، سرمست ببليو گرافي، ڀڳت ڪنور رام مسلمانن جي نگاهه ۾ (مرتب ڪيل) آهي. ان
کان علاوه ٽيهه ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهن. هن وقت ڪتاب ضلعي گھوٽڪيءَ
جي عزاداري، تي ڪم ڪري رهيو آهي. ۶۱ ورهين جي عمر کي پهچڻ بعد به، سندس لکڻ پڙهڻ وارو جذبو،
عشق اڳ کان به وڌيڪ آهي. ڪتابن خريد ڪرڻ جو سلسلو رڳو سنڌ، ملڪ تائين محدود نه پر،
مسقط، ايران، عراق ۽ سعودي عرب تائين جڙيل اٿس. جتان دوستن جي معرفت ڪتاب گھرائي پڙهندو
۽ پڙهائيندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته سرڪار يا سماجي ادارو، هن کاهوڙيءَ سان
سهڪار ڪري ته جيئن هن قيمتي خزاني کي گھر کان ٻاهر آڻي اهڙي ترتيب ڏجي، جيئن عام
ماڻهو به فائدو حاصل ڪري سگھي. هن وقت به پاڻ ڪيترن ئي علم پرور ماڻهن جي مدد ڪري،
کين علم جي زيور سان آراستا ڪري چڪو آهي. پاڻ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادبي ڪانفرنس ۽
ميڙاڪا وس ڪندي ڪونه ڇڏيندو آهي. هر هنڌ پهچي تاريخ تي مقالا ۽ مضمون پڙهي داد سان
گڏ نالو ۽ ناڻو ڪمائيندو آهي. جن مان واپسيءَ تي ڍير ڪتابن جا خريد ڪندو آهي. ڪتابن
جو قدردان ايترو آهي جو تحفي طور مليل ڪتابن جا به فل پئسا ٻانهون ٻڌي ادا ڪندو آهي.
ٻين اديبن جيان پاڻ اعزازي ڪاپيءَ جي آسري نه هوندو آهي. شل نه ڪٿي ڪتاب ڇپجڻ جي
خبر پڙهي، ان مهل ئي پبلشر کي ڪتاب VP)) موڪلڻ لاءِ چوندو. سندس چواڻي ته؛ ”ڪتاب
خريد نه ڪبا ته، ڇپجڻ جو سلسلو بند ٿي ويندو، اهو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقصان
هوندو.“ محمد پنهل ڏهر، ڪتابن سان گڏ، تاريخي ماڳ مڪان گھمڻ ۽ انهن کي پنهنجي
عقابي نظر سان ڏسڻ جو شوقين آهي. شال سندس ڏات ۽ ذات سلامت رهي.
کرِڪِڻا لاهي، سک
مَ، سُتا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين
کي پنڌ جو. (شاهه)
No comments:
راءِ ڏيندا