; سنڌي شخصيتون: الياس رضا

31 December, 2019

الياس رضا


الياس رضا
آواز جي دنيا جو خاموش ٿيل ڪردار
زيب سنڌي
تاريخ ۹ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي، ريڊيو جي دنيا جو اهو شخص گذاري ويو، جنهن کي پنهنجي ڪم سان عشق هو. عشق به اهڙو، جو ڪم ڪندي هو پنهنجي وجود کي به وساري ويهندو هو. بنا ڪنهن شڪ جي هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو مثالي ڪم ڪيو، جنهن کي ريڊيو جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهبو. الياس رضا هو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سائونڊ افيڪٽس مين، پر هو ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ کان وٺي پروڊيوسر تائين جا سڀ ڪم ڄاڻندو هو ۽ انهن سڀني شعبن ۾ هن جون ياد رکڻ جهڙيون خدمتون آهن. حقيقت به اها آهي ته هن پنهنجي ڪم کي عشق ۽ خدمت سمجهي ئي ڪيو، نه ته عام طور تي ماڻهو سرڪاري نوڪري ايئن ناهن ڪندا، جيئن الياس رضا ڪئي. جڏھن ھو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پراڻين مشينن تي بيهي ڪم ڪندو هو ته، پنهنجي ڪم ۾ ايئن گم ٿي ويندو هو، جو هن کان دنيا ئي وسري ويندي هئي. ريڊيو جي ڊرامن توڙي ٻين پروگرامن جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺي پير ڊبنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪندي، ڄڻ ته هو وقت جي قيد کان آزاد ٿي ويندو هو ۽ هن کان اهو به وسري ويندو هو ته، هن ماني به کاڌي آهي يا نه. لڳاتار ڪم ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن هو ڪنهن پروگرام کي فائنل ڪري ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻندو هو، تڏهن ئي هن کي ٿَڪ جو احساس ٿيندو هو. مشين تان ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سندس حالت اهڙي ٿي ويندي هئي، جو هو اتي ئي، مشين جي ڀرسان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي فرش تي ويهي رهندو هو.


الياس رضا سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۸ع ۾ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد مان ٽريننگ پوري ڪري، مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر جي حيثيت سان اچي جوائن ڪيو هو. تڏهن ناميارو شاعر عنايت بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. پروڊيوسر جي طور تي مون ٽي مهينا ”سڀ رنگ“ پروگرام ڪيو هو، جيڪو اڄڪلهه ”سڳنڌ“ جي نالي سان نشر ٿيندڙ آهي، جنهن کان پوءِ عنايت بلوچ صاحب ڊراما سيڪشن منهنجي حوالي ڪيو هو ته مان پريشان ٿي ويو هئس. هونئن ته ڊرامو منهنجي پسند جو سبجيڪٽ هو ۽ اڪيڊميءَ ۾ مون ڊراما پروڊڪشن ۾ پهرين پوزيشن به حاصل ڪئي هئي، پر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ريپروڊيوسرس (ڊبنگ ۽ ايڊيٽنگ مشينن) جي اهڙي حالت هئي، جو مون کي ممڪن ئي نه ٿي لڳو ته، انهن ڪاٺَ ڪٻاڙ جهڙين دٻي نما مشينن تي ڪنهن ڊرامي جي ايڊٽنگ ٿي سگهندي! مان بلوچ صاحب جهڙي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي اڳيان ته ڪجھه ڪُڇي نه سگهيس پر سندس آفيس منجهان نڪري نصير مرزا ۽ ڪوثر ٻرڙي جي ڪمري ۾ ويس. منهنجو مُنهن لٿل ڏسي نصير پڇيو هو؛ ”ڇا ٿيو، خير ته آهي؟“ وراڻيو هئم؛ ”هتي جيڪي پراڻن دٻن جهڙيون مشينون آهن، انهن تي ڪنهن عام پروگرام جي ايڊيٽنگ ئي مشڪل سان ٿيندي آهي ته ڊرامي جي ايڊيٽنگ ڪيئن ٿيندي!“ نصير جي جواب کان اڳ ۾ ڪوثر ٽهڪ ڏئي چيو هو؛ ”تون انهيءَ ڳالھه جو فڪر نه ڪر، انهن مشينن سان الياس رضا پاڻهي مُنهن ڏيندو!“
ريڪارڊنگ پينل نئون هو، جنهن ڪري ڊرامي جي رڪارڊنگ ۾ ته مون کي ڪابه مشڪل نه ٿي پر ڊبنگ ۽ ايڊيٽنگ لاءِ الياس رضا سان گڏ وڃي پراڻين مشينن وٽ بيٺس، تڏهن به مون کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته انهن دٻي نما مشينن تي ايڊيٽنگ ڪيئن ٿي سگهندي! اهو ته بس الياس رضا جو ئي ڪمال هو، جو هن ڪم شروع ڪيو ته، ڪا مهل ته مان هن ڏانهن حيرت منجهان ڏسندو رهيس. ڪنهن مهل مشينن ڪم ڪيو ٿي ته، ڪنهن مهل ٽن مشينن منجهان ڪا هڪ بيهي پئي رهي. اهڙي حالت ۾ هن ڪنهن مهل انهيءَ مشين جي ڪنهن پرزي ۾ هٿ پئي وڌو ته ڪنهن وقت وري مشين کي پاسي ۾ زور سان ڌَڪُ وهائي پئي ڪڍيو. بلڪل ايئن ئي، جيئن ڪنهن پراڻي ٽرانزسٽر کي نه وڄڻ جي صورت ۾ ڌڪ هڻبو هو ته اهو وري وڄڻ شروع ٿي ويندو هو! مون جيڪو پهريون ريڊيو ڊرامو پروڊيوس ڪيو هو، اهو ماڪن شاهه رضويءَ جو لکيل هو، جنهن کان پوءِ نثار حسينيءَ جو ”زندگيءَ جا واڌو ڪاٽو پل“، سليم قريشيءَ جو ”تلاش“، محمود مغل جو ”پروگريس ڪارڊ“ پنهنجو لکيل ڊرامو ”سمجهوتو“ ۽ ڪجهه ٻيا ڊراما به رڪارڊ ڪيا هئم. انهن ئي ڏينهن ۾ ڊرامي سان گڏ ڪيتريون ئي گيتن ڀريون ڪهاڻيون پڻ رڪارڊ ڪيون هئم، جن ۾ ”اڌوري تصوير“ ۽ ”جن کي سُور سرير ۾“ (شگفته شاهه)، ”سمنڊ ڪناري“ (نثار حسيني)، ”ڀورائيءَ جي ڀُل“ (زيب نظاماڻي)، ”وڻ تان پکي“ (زرينه بلوچ)، ”اجڙيل اکيون روشن خواب“ ۽ ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ (شبنم گل)، ”ساٿي ٿيئڙا سُور“ (ماڪن شاهه رضوي) جهڙيون گيتن ڀريون ڪهاڻيون شامل هيون. اهي سڀ ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون الياس رضا جي ساٿ سان ئي مان پروڊيوس ڪري سگهيو هئس. هڪ ڏينهن هڪ آفيس آرڊر مليو ته بجيٽ جي کوٽ سبب هاڻي گيتن ڀريون ڪهاڻيون نه ٿينديون. مان اهو آفيس آرڊر کڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب وٽ ويس ۽ کيس چيم، ”’گيتن ڀريون ڪهاڻيون جو سلاٽ ختم نه ڪيو، جو ڊرامي کان گهٽ بجيٽ جي باوجود گيتن ڀري ڪهاڻي ڊرامي کان وڌيڪ ٻُڌي وڃي ٿي.“ بلوچ صاحب منهنجي ڳالهه ته مڃي ورتي پر ٿورو حيرت سان چيائين؛ ”ڪيترا ماڻهو پاڻ اچي ڪم جو بار گهٽ ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ۽ توهان تان ڪم جو بار گهٽ ٿا ڪيون ته، توهان انڪار ٿا ڪيو!“ تڏهن مون مُرڪي چيو هو؛ ”ان ڪري ته الياس رضا جو مون سان گڏ آھي!“ الياس رضا هيو به اهڙو محنتي، جو هڪ ڀيري مون پنجويهن منٽن جي مختصر ڊرامي جي ايڊيٽنگ لاءِ هن کان لڳاتار اَٺَ ڪلاڪ ڪم ورتو. ڪم پورو ڪري هن ٽيپ منهنجي هٿ ۾ ڏني ۽ ھڪدم مشينن جي ڀرسان ويهي رهيو. مون هن جي پاسي ۾ ويهي هٿ جوڙي چيو، ”معاف ڪجانءِ يار، اڄ مون توکي ڏاڍو ٿڪايو آهي.“ هن مُرڪي مون کي ڀاڪر پائي چيو هو، ”سٺي ڪم جي ٿڪاوٽ به سڪون ڏيندي آهي.“ پنهنجي ڪم سان اهڙو عشق ڪندڙ اهو الياس رضا اڄ اسان سان گڏ ناهي!
ڪالهه هن جي وفات بابت مون فيس بڪ تي اسٽيٽس رکيو ته، انهيءَ تي نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ پنهنجي ڪمينٽ ۾ لکيو، ”الياس رضا آواز جي دنيا ۾ نرالي ذھانت ۽ صلاحيت رکندڙ شخص هو، جيڪو ڊرامن، فيچرس ۽ دستاويزي پروگرامن جي پس منظر ۾ اهڙا صوتي رنگ ۽ روپ ڏيندو هو، جن سان ٻڌندڙ جي ذهن ۾ دلڪش تصوراتي صورت جُڙي پوندي هئي. هن وٽ هزارين صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقي جا ٽڪرا گڏ ٿيل هئا، جيڪي هو ڊرامي يا فيچر جي گهربل ماحول موجب هڪدم ڪڍي وٺندو هو. هو ريڊيو پاڪستان ۾ اهڙو واحد ٽيلنٽ هو.“ حقيقت به اها ئي آهي ته، الياس رضا ريڊيو جو اهڙو ٽئلنٽ هو، جنهن سان ڪنهن جي به ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، بنا ڪنهن شڪ جي هو بي مثال هو.

No comments:

راءِ ڏيندا