الياس رضا
آواز جي دنيا جو خاموش ٿيل
ڪردار
زيب سنڌي
تاريخ ۹ ڊسمبر
۲۰۱۹ع تي، ريڊيو جي دنيا جو اهو شخص گذاري ويو، جنهن کي پنهنجي ڪم سان عشق هو. عشق
به اهڙو، جو ڪم ڪندي هو پنهنجي وجود کي به وساري ويهندو هو. بنا ڪنهن شڪ جي هن پنهنجي
زندگيءَ ۾ اهڙو مثالي ڪم ڪيو، جنهن کي ريڊيو جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهبو.
الياس رضا هو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سائونڊ افيڪٽس مين، پر هو ڪمپيئر ۽ ڊراما
آرٽسٽ کان وٺي پروڊيوسر تائين جا سڀ ڪم ڄاڻندو هو ۽ انهن سڀني شعبن ۾ هن جون ياد
رکڻ جهڙيون خدمتون آهن. حقيقت به اها آهي ته هن پنهنجي ڪم کي عشق ۽ خدمت سمجهي ئي ڪيو،
نه ته عام طور تي ماڻهو سرڪاري نوڪري ايئن ناهن ڪندا، جيئن الياس رضا ڪئي. جڏھن ھو
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پراڻين مشينن تي بيهي ڪم ڪندو هو ته، پنهنجي ڪم ۾ ايئن
گم ٿي ويندو هو، جو هن کان دنيا ئي وسري ويندي هئي. ريڊيو جي ڊرامن توڙي ٻين
پروگرامن جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺي پير ڊبنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪندي، ڄڻ ته هو وقت جي قيد کان
آزاد ٿي ويندو هو ۽ هن کان اهو به وسري ويندو هو ته، هن ماني به کاڌي آهي يا نه. لڳاتار
ڪم ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن هو ڪنهن پروگرام کي فائنل ڪري ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻندو هو، تڏهن
ئي هن کي ٿَڪ جو احساس ٿيندو هو. مشين تان ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن
سندس حالت اهڙي ٿي ويندي هئي، جو هو اتي ئي، مشين جي ڀرسان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي هٿ
مٿي تي رکي فرش تي ويهي رهندو هو.
