; سنڌي شخصيتون: مير عبدالرسول مير

29 December, 2019

مير عبدالرسول مير

مير عبدالرسول مير
رکيل مورائي
ڪالهه اڌ ڏينهن گذريو ئي مس هئو جو ڏهاڙي جيان موبائيل جي گھنٽي تي توجهه ويو اسڪرين تي نوجوان اديب ۽ منهنجي پياري دوست محمد حنيف سومري جو نالو اڀري آيو ۽ کن ۾ جيڪو مون ٻڌو اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ هئو.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر مير عبدالرسول مير ڪالهه ٻنپهرن جو هن جهان کي گڊباءِ چئي ان جهان ڏانهن راهي ٿيو، جنهن جهان کي دنيا جي سمورن مذهبن اهڙو جهان ڪوٺيو آهي جيڪو سدائين رهڻو آهي، جيتوڻيڪ اهو جهان جن ڏٺو آهي، انهن مان ڪنهن به اهڙي شاهدي نه ڏني آهي شاهدي فقط دنيا جي مذهبي ڪتابن ڏني آهي ۽ اسان هن جهان ۾ رهڻ وارا ماڻهو انهن ڪتابن کي آسماني ڪتاب سمجهندا آهيون، ان ڪري انهن ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو انهيءَ تي اسان جو يقين آهي، جنهن کي عقيدو چئبو آهي اسان جو بهرحال اهڙو عقيدو آهي.


اسين سمجهون ٿا اسان جا اهي سڀ شاعر ۽ اديب جيڪي هن جهان کان هُن جهان ڏانهن هليا ويا آهن اهي پڪ سان سڀ خوش ٿيا هوندا جو سندن ڪچهرين ۾ هڪ بيحد سهڻي شاعر جي سنگت جو واڌارو ٿيو آهي، اسين جيڪي هن جهان ۾ جيئرا آهيون، انهن لاءِ هيءَ اهڙي خبر آهي جنهن گھڻو ڏکويو آهي ڇو ته اسان جي سنگت مان هڪ اهڙي شاعر جو وڇوڙو ٿيو آهي، جنهن کي جڏهن به ٻڌو يا پڙهيو ته روح ۾ هڪ تازگي محسوس ٿي.
اڄ جڏهن ڀاءُ حنيف سومري واتان مير عبدالرسول مير جي وفات جي خبر ٻڌي ته ڪيتريون يادون دل تي تري آيون، ساڻس گذاريل ڪيترا ئي الڳ الڳ ڏينهن ۽ راتين جون ڪچهريون جيڪي ان ڪري به گھڻي خوشي ڏينديون هيون جو اسان ننڍپڻ کان سندس شاعري ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان ٻڌي وڏا ٿيا هئاسين ان شاعر کي جڏهن پاڻ سان ويٺل ۽ ڪچهري ڪندي ٻڌندا هئاسين ته پاڻ کي معتبر سمجهڻ لڳندا هئاسين، اها الڳ ڳالهه آهي مير صاحب جي طبيعت ۾ ڪڏهن به وڏائيءَ جو عنصر نه اڀريو، هُو شاعر ته خوبصورت هئوئي پر ماڻهو به لاجواب هُئو، هن سنڌي ڪافيءَ کي خاص طور جديد دور ۾ جيڪو مرتبو عطا ڪيو اهو سندس نثر ۾ ظاهر ٿيو ته نظم ۾ به.
جڏهن سندس پهريون شاعراڻو ڪتاب ”سُونهن ورونهن“ ڇپجي آيو ته اهو وڌيڪ اڀري بيٺو، جيڪي سنڌي کيس فقط ريڊيو تي مختلف راڳين جي آواز ۾ ٻڌندا هئا، انهن کيس ڪتاب ۾ پڙهڻ به شروع ڪيو ۽ ٻنهي حلقن جي زبان تي سندس ئي سٽ تري آئي ته!
تنهنجو ناهي جواب،
تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو.
سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جيان مير عبدالرسول مير به خوشنصيب شاعر هو جنهن کي سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن راڳين پنهنجي وڻندڙ آواز ۾ ڳايو پر سچ هيءُ آهي ته ماضي جي مرڪندڙ راڳيءَ ۽ وڻندڙ آواز جي مالڪ انور حسين وسطڙي پيار مان سندس شاعري ڳائي.
انور حسين وسطڙي جو آواز ۽ مير عبدالرسول مير جي شاعري منهنجي واتان به اچارجي رهيو آهي ته؛
ٻنهي جو ناهي جواب
مير عبدالرسول مير وڏي ڄمار نواب شاهه ۾ رهيو. هو بنيادي طور تعلميدان هئو. آخري ڏينهن ۾ گھڻو وقت پنهنجي طبيعت جي ناسازيءَ سبب، اباڻي ڳوٺ ۾ رهندو هئو ۽ علاج لاءِ ڪراچيءَ ايندو ويندو هئو.
اڄ لڳي رهيو آهي ته مان به انهن ڀاڳن وارن مان آهيان جن کي مير صاحب سان ايتري ويجهڙائي هئي، جو هو جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هئو ته فون ڪندو هئو، پوءِ ڪڏهن روبرو ملي وٺبو هئو ۽ ڪڏهن کيس وقت نه هوندو هئو ته واپس ويندي فون تي ئي ڪچهري ڪري وٺبي هئي.
سچ اهو به آهي ته مير عبدالرسول مير کي جيترو سندس شاعري راڳين جي زباني ٻڌي ٻڌندڙ ساڻس پيار ڪندا هئا ايترو ئي سندس ڪتاب ”سُونهن ورونهن“ ڇپجڻ کانپوءِ کيس پڙهندڙ وٽان پيار مليو. هو استاد بخاري، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم ۽ ٻين انهن شاعرن مان هئو جن کي گھڻو ڳايو ويو. هڪ اهڙو شاعر هئو جنهن کي ڀل شهري لوڪ وساري ويهن پر سنڌ جي انهن ماڻهن کان هو ڪڏهن به نه وسري سگهندو، جن زندگي جي شروعاتي عرصي ۾ ريڊيو ٻڌو ۽ نئين نئين آيل پي ٽي پي ڏٺي.
مير عبدالرسول مير سنڌ جو گھڻو وقت وسري ويل شاعراڻي صنف ڪافيءَ کي نئون جيئندان ڏنو هُن نه رڳو سنڌي ڪافي لکي پر ويجهي عرصي ۾ هن ڪافيءَ تي هڪ اهم ڪتاب پڻ لکي ورتو هئو جنهن ۾ سنڌي ڪافيءَ جي بڻ بنياد کان وٺي اڄ تائين جي سفر بابت اهڙي معلومات آهي، جيڪا ايتري جامع آهي جو اڳ شايد ئي ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ ملندي هجي، ڪالهه ٻن پهرن جو هو سند کان وڃڻ لاءِ هليو ويو وري نه اچڻ لاءِ.
هڪ سٺي تخليقڪار ساڳئي وقت هڪ سٺي شخص جي هليو وڃڻ سان گھڻو ڪجهه هليو وڃي ٿو. ايئن مير عبدالرسول مير جو هليو وڃڻ سنڌ مان سنڌي شاعريءَ مان، تعليم مان مجموعي طور سنڌي ادب مان گھڻو ڪجهه هليو وڃڻ آهي. جنهن جي کوٽ گھڻو وقت محسوس ٿيندي رهندي.
سندس ويجهن دوستن جي دلين ۾ هو، سدائين ياد رهندو، مان پاڻ کي انهن ۾ شامل سمجهان جيڪي سندس وفات تي گھڻو ڏکي ٿيا آهن. ساڻس ڪيل ڪچهريون ڏينهن واريون، شامن واريون شامن کان راتين ٿيڻ جي وچ وارين گھڙين ۾ ۽ جيڪي گھڙيون صبح جي آذان تائين پوريون نه ٿينديون هيون. مان سمجهان ٿو ته سنڌي ٻولي اڄ هڪ وڻندڙ شاعر/شخص کان محروم ٿي آهي.
ان شاعر/ شخص کان جيڪو سردين ۽ گرمين جي وچ واري موسم ۾ ست اپريل اڻويهه سئو پنجاهه ۾ سچل سائين جي شاعراڻي ڇانو هيٺ ٽالپر حڪمرانن جي باقيات مير مهر علي خان ٽالپر جي گھر ۾ تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شاعريءَ جي شروعات اڻيهه سئو ستر کان ڪيائين. ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيائين، عملي زندگيءَ طور هڪ تعليمدان هئو، نواب شاهه جي سچل سرمست ڪاليج جي پرنسپال جي پد تان رٽائر ڪيائين، سندس ڪتابن سان چاهه آخري گھڙيءَ تائين رهيو. مشاعرن ۾شعر پڙهڻ جو ڏانءُ کيس ايندو هئو. اڄ محسوس ٿيو ته هو گھڻين وصفين اهڙو شخص/ شاعر/ نثر نويس ۽ تعليمدان هئو جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته.
تنهنجو ناهي جواب
ڪنهن به اداس رات ۾ هو ياد ايندو ته دل تان سندس سٽ لهي زبان تي اچي ويندي
تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو
تنهنجو ناهي جواب!



مير عبدالرسول مير

تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو

رياض ڪلهوڙو

سبعت المرجان لکيو آهي ته: ”حضرت آدمعه ۽ بيبي حواعه سنڌ ۾ لٿا“. هزارين سالن کان دنيا جي نقشي تي نروار سنڌ جي قدامت موهن جي دڙي مان معلوم ٿئي ٿي. موئن جي دڙي مان  هٿ آيل ڪپڙي ۽ چرخي (ائٽ) کي بنياد بڻائي چئي سگھجي ٿو ته دنيا جي گولي تي سڀ کان پهرين ڪپهه پوکڻ، ڪپڙو ٺاهڻ ۽ انگ ڍڪڻ جو اعزاز سنڌي ماڻهن کي حاصل آهي. راجه رياض احمد سومري لکيو آهي ته: ”حضرت عيسيٰ کي صليب تان لاهڻ وقت سنڌ جي ڪپڙي جي چادر ڍڪائي وئي“. هونئن به موئن جي دڙي کان وڌيڪ پراڻي تهذيب دنيا ۾ ڪا ٻي ناهي. سنڌي قوم، نه فقط پراڻي پر هڪ مهذب ۽ ايندڙ صدين جي اڳواٽ رٿابندي تي يقين ڪندڙ قوم رهي آهي. سنڌي سماج نه صرف ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪيون آهن پر ڌرتيءَ جي گوليءَ تي هڪ اعليٰ ۽ منفرد مقام به ماڻيو آهي. سائنسي علم سان گڏ ادبي دنيا ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. شاعريءَ جي پنڌ ۾ ته رگ ويد کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادب شاهڪار رهيو آهي. تاريخ جي دريءَ ۾ جھاتي پائڻ سان پتو پوي ٿو ته سنڌ، هر دور ۾ سالڪ، سخي، ڏاها ۽ ڏاتار ڏنا آهن. شاهه جي رسالي ۾ به اهڙن وينجھارن جو ذڪر ملي ٿو. اڄ جنهن ودوان جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، سو آهي مير عبدالرسول مير.

خستوريءَ جي خوشبوءَ جيان پوري ديش کي واسي ڇڏيندڙ مقبول عوامي شاعر مير عبدالرسول ”مير“ جو جنم ۷ اپريل ۱۹۵۰ع تي ٿيو. اپريل مهيني کي لاطيني ٻوليءَ ۾ Aprilis چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، وڻن، گلن ۽ ٻوٽن جي کلڻ جي موسم. بلڪل  هي مهينو گلن جي پيدا ٿيڻ جو مهينو آهي. سنڌ جي ادبي چمن ۾ مهڪندڙ مير عبدالرسول ولد رئيس مهر علي خان ٽالپر، ضلعي خيرپور، تعلقي گمبٽ جي ننڍڙي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر ۾ تولد ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ايم ايس سي (فزڪس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. مير عبدالرسول مير ادبي دنيا ۾ عوامي شاعر سان سان گڏ هردلعزيز اديب ۽ علمي دنيا ۾ هڪ سٺي تعليمدان طور سڃاتو وڃي ٿو. مختيار احمد ملاح مير عبدالرسول مير جي باري ۾ لکيو آهي ته: ”مير عبالرسول مير جا ڪيترائي ڪلام ريڊيو ۽ ڪيسٽ جي دنيا ۾ مشهور ٿيا آهن. سندس شاعري، سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل ورثي جي اپٽار جي ڪري وڏي اهميت رکي ٿي. ان کان علاوه نج ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ۽ عوامي اظهار سندس شاعريءَ جي مقبوليت جو وڏو سبب آهي“

هيلن ڪيلر ساري حياتي بي نور گذاري، پر حسن جي گھڻي دلداده هئي. پاڻ لکيو اٿائين ته: ”آءٌ حسن کي هٿن سان محسوس ڪري وٺندي آهيان“.سونهن اهو عظيم مظهر آهي، جنهن ۾ ڪائنات جون سموريون وسعتون سمايل آهن. بنيادي طور سونهن چئن جزن تي مشتمل آهي، هڪ جلال، ٻيو جمال، ٽيون رنگ ۽ چوٿون نور. چار ئي عنصر ڌار ڌار يا هم آهنگ تي سونهن جي لافانيت کي تخليق ڪن ٿا. عام چوڻي آهي ته ”خوبصورت شين کي محبت جي موٽ ڏيڻ گهرجي.“ مير صاحب خوبصورت شين سان محبت جو اظهار ڪندي ايترو لکيو، جو ڪائنات جو حسن سندس اهم موضوع بڻجي ويو. سندس شاعريءَ مان هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ سونهن ۽ حسن جو ذڪر آهي.

سونهن کي سينگارجي ڇا جي ڪري

عطر گل تي هارجي ڇا جي ڪري

کير جھڙي رات ۾ اي دوستو،

ڪنهن ڏيئي کي ٻارجي ڇا جي ڪري

مير“ مدهوشيءَ ۾ گذري زندگي

هوش هاڻي ڌرجي ڇا جي ڪري.

مير عبدالرسول مير لکڻ جي باقائده شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. ”سونهن ورونهن“ سندس شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو ۲۰۰۷ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان شايع ٿيو. هي ڪتاب، مير صاحب جي خوبصورت تخليقن تي مشتمل هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ ڪائنات جي خوبصورت تشبيهن سان گڏ مير صاحب جا مشاهدا پڻ موجود آهن. مجموعي طور ڪتاب ۾ ۱۲۴ بيت، ۲۱ وايون، ۴۳ ڪافيون، ۵۲ غزل، ۱۰ گيت، ۴۷ ننڍا وڏا نظم، ۵۰ ٽه سٽا ۽ چوسٽا شامل آهن. امداد حسيني صاحب ڪتاب جو مهاڳ لکي کير ۾ کنڊ وجھڻ جو ڪم ڪيو آهي. مير عبدالرسول مير، موجوده دور جو اهو سنجيده شاعر آهي، جنهن جا لفظ سنڌي ادب جي آسمان ۾ چمڪندڙ ستارن جيان سدائين جيئرا رهندا. مير جي شاعريءَ جي حوالي سان تاج جويي لکيو آهي ته: ”مير صاحب جا بيت ثقافتي سونهن جا اعليٰ مثال آهن ۽ انهن ۾ خيال جي جامعيت به ثقافتي سونهن جيتري موجود آهي.“

مير عبدالرسول مير جي شاعريءَ ۾ فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش نمايان نظر اچي ٿو. مير صاحب بخوبي واقف هو ته لفظن کي ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪهڙي جڳهه تي ڪتب آڻجي. مير جي شاعري، فن جي لحاظ کان هڪ شاهڪار، خوبين، خاصيتن ۽ خصلتن سان ٽمٽار آهي. فن اصل ۾ جذبن ۽ احساسن جو نالو آهي. احساسن ۽ جذبن جي اثرائتي بيان کي فن چئبو آهي. مطلب ته فن فرد جي اهڙي سرگرميءَ کي چئجي ٿو، جنهن جي وسيلي هو پنهنجي تخيلاتي ڪائنات قائم ڪري. شاعريء جي فن ۾ مير کي مهارت حاصل هئي. مير جي شاعري هڪ پاسي درد ۽ فراق جي دانهن آهي ته ٻئي پاسي جمالياتي معراج. سندس شاعريءَ ۾ سماج جون حقيقتون لڪل آهن. ڊاڪٽرشير مهراڻي لکيو آهي ته: ”شاعر انسان جون سڀ جبلتون شاعريءَ ۾ بيان ڪن ٿا، پر اهو شعر وڌيڪ اثر رکندڙ ثابت ٿئي ٿو، جنهن ۾ درد جو اظهار سگھاري انداز سان ٿيل آهي. ڇاڪاڻ ته اها انسان جي فطرت آهي ته هو خوشيءَ کان وڌيڪ درد جو اثر جلد قبول ڪري وٺندو آهي“. مير صاحب به پنهنجي شاعريءَ ۾ خوشين کان وڌيڪ درد، ڏک ۽ پيڙا کي لکيو آهي. سندس اهڙي شاعريءَ جو مثال هيٺ ڏجي ٿو.

هڪڙو ناهيان آنءُ

سنڌ سموري سور آ

ڪان ڪان ڪري ڪانءُ

سنڌ سموري سور آ

يا

ڀيڄ ڀٽائي ڀيڄ!

تون ئي دارون درد جو

تون ئي منهنجو ويڄ.

يا

توکي ياد ڪري ساري رات رنم

سج اڀري ويو اک ڪا نه لڳم

مير عبدالرسول مير ڪافين جي باري ۾ خود لکيو آهي ته: ”هونئن ته شاعري، شاعر جي اندر جو اولڙو هوندي آهي، پر ڪافي شاعراڻي ادب جي اهڙي ته انوکي صنف آهي، جنهن ۾ شاعر پاڻ ئي موجود هوندو آهي!“ ڪافين (قافين) جي دنيا ۾ مقبوليت ماڻيندڙ مير عبدالرسول مير جي شاعري، سنڌ جي سدا بهار ۽ صدين تائين گونجندڙ امر آوازن ۾ ڳائي وئي آهي، اهڙن ڪوئل جهڙن آوازن ۾ محمد يوسف، انور حسين وسطڙو، ڦوٽو زرداري، ممتاز لاشاري، برڪت علي ڀٽ، وحيد علي، اياز علي، منظور سخيراڻي، مصري فقير، عابده پروين، حميرا چنه ۽ ٻين جا آواز شامل آهن. ريڊيو، ڪيسيٽ، مختلف ٽي وي چينل ۽ سوشل ميڊيا سندس شاعري ٻڌڻ جا اهم ۽ جاندار ذريعا آهن. مير عبدالرسول مير جي ڪتاب ”سونهن ورنهن ۾، سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز گل لکيو آهي ته: ”سندس غزلن ۾ نوان سر ۽ ساز سمايل آهن. ڀرپور ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ شاعريءَ جا اولڙا چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پيار ان جو ڦهلاءُ، انفرادي ۽ اجتمائي پيڙائون، ڌرتيءَ وارن جا دک، ملڻ، وڇڙڻ ۽ وڇڙي ملڻ جذبن جي هڪ انڊلٺ آهي، جيڪا مير جا غزل پڙهي ذهن جي اڀ تي ٺهي ٿي وڃي.“

مير عبدالرسول مير هڪ پورهيت هو، جنهن قلم کي هٿيار بڻائي، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين لکيو. پاڻ تعداد ۽ ڳاڻيٽي کان وڌيڪ معيار تي يقين رکندو هو. مير جي شاعريءَ ۾ سونهن، حسن، قدرت، وطن دوستي، سماج ۽ سماجي براين خلاف، مختلف سنيها، پيام ۽ پيغام ۽ سماج جون تلخ حقيقتون سمايل آهن. ريڊيو جي دنيا جي بيتاب بادشاهه مختيار ملڪ مير عبدالرسول مير جي شاعري بابت لکيو آهي ته: ”مير جي شاعري دل جي تار سان ڳنڍيل آهي، ان ڪري مون ان جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ کي ٽڙندي، مرڪندي ۽ ڪجھ ڪندي ڏٺو آهي.“

مير عبدالرسول مير کي ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سندون مليون، جن ۾ بردو سنڌي اوارڊ ۲۰۰۵ع، جمال الدين ڀٽي اوارڊ ۲۰۰۵ع، پوئٽ آف دي ييئر ۲۰۰۶ع، ۽ لطيف اوارڊ ۲۰۰۵ع ۽ ٻيا شامل آهن. ڪتابن سان چاهه رکندڙ مير عبدالرسول مير ۱۹ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي وفات ڪئي. سندس شاعري توڙي نثري ادب ۾ ڪيل خدمتون تاريخ ۾ زنده رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا