; سنڌي شخصيتون: مير عبدالرسول مير، رکيل مورائي، رياض ڪلهوڙو،
Showing posts with label مير عبدالرسول مير، رکيل مورائي، رياض ڪلهوڙو،. Show all posts
Showing posts with label مير عبدالرسول مير، رکيل مورائي، رياض ڪلهوڙو،. Show all posts

29 December, 2019

مير عبدالرسول مير

مير عبدالرسول مير
رکيل مورائي
ڪالهه اڌ ڏينهن گذريو ئي مس هئو جو ڏهاڙي جيان موبائيل جي گھنٽي تي توجهه ويو اسڪرين تي نوجوان اديب ۽ منهنجي پياري دوست محمد حنيف سومري جو نالو اڀري آيو ۽ کن ۾ جيڪو مون ٻڌو اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ هئو.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر مير عبدالرسول مير ڪالهه ٻنپهرن جو هن جهان کي گڊباءِ چئي ان جهان ڏانهن راهي ٿيو، جنهن جهان کي دنيا جي سمورن مذهبن اهڙو جهان ڪوٺيو آهي جيڪو سدائين رهڻو آهي، جيتوڻيڪ اهو جهان جن ڏٺو آهي، انهن مان ڪنهن به اهڙي شاهدي نه ڏني آهي شاهدي فقط دنيا جي مذهبي ڪتابن ڏني آهي ۽ اسان هن جهان ۾ رهڻ وارا ماڻهو انهن ڪتابن کي آسماني ڪتاب سمجهندا آهيون، ان ڪري انهن ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو انهيءَ تي اسان جو يقين آهي، جنهن کي عقيدو چئبو آهي اسان جو بهرحال اهڙو عقيدو آهي.