رياض سومرو
سنڌ جو سريلو ٻيجل
آصف رضا موريو
اڄ فيس بڪ تي ڪجهه
دوستن جي اسٽيٽس تان خبر پئي ته منهنجو پيارو دوست، رياض سومرو ڪنهن مسئلي سبب
اسپتال ۾ داخل آهي.
گهٽ ماڻهن وٽ سهڻي
شڪل سان گڏ ڪرت سهڻي ۽ سهڻن لڇڻن سان گڏ ساڃاھ هوندي، مخلوق دوستي ۽ مثالي اخلاق
هوندو آهي. منهنجو دوست رياض انهن سڀني مڻيائن سان مالا مال آهي. سندس جنم لاهوري
محلي لاڙڪاڻو ۾ ۲۲ نومبر ۱۹۷۲ع ۾ ٿيو. پنجين جماعت پرائمري اسڪول لاهوري مان پاس ڪري، مئٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ
هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪري ۲۰۰۲ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ايم اي انگريزي ادب مان ڪيائين.
۱۹۹۳ع ۾ پهرين نوڪري دوائن جي هڪ امريڪي ڪمپني Mark Sharp & Dhome (MSD) ۾ ميڊيڪل
انفارميشن آفيسر طور ڪئي. ۱۹۹۶ع ۾ اسان جي قومي سانحي بيروزگاري سبب بيزار ٿي ملڪ کان ٻاهر
هليو ويو. ڪوريا، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا وغيره قسمت آزمائڻ لاءِ نڪتا جتي ڪوريا
۾ ڪجهه عرصو هڪ پرنٽنگ ۽ اليڪٽرڪ ڪمپني فوڪس ۾ نوڪري پڻ ڪئي. واپس پاڪستان موٽي
وري دوائن جي هڪ ڪمپني HOECHST
۾ نوڪري ڪئي. ان کان علاوه ڪافي عرصي تائين پنهنجو ڪاروبار پڻ ڪيائين جنهن ۾ زندگي
ڀر لاها چاڙها ڏٺائين.
رياض کي ننڍڙي
هوندي کان موسيقي سان شوق هوندو هيو جنهن ۾ پڻ هن جوان ٿيندي ئي قسمت آزمائڻ لاءِ
۽ اندر جي فنڪار جي اساٽ اجهائڻ لاءِ هن لاهوري محلي ۾ رڌم ميوزڪ هائوس کوليو جتي
هن پنهنجي ذوق ۽ شوق آڌار انتهائي شاندار گائڪن جون انتهائي ڪلاسيڪل ۽ ناياب ڪيسٽيون
رکيون پر ان وقت تائين اسان جا سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ ڪوڙ ۽ چوري ٻڌڻ جاعادي ٿي چڪا
هئا. ڪاپي خور ڪيسٽي شاعرن ۽ گلوڪارن جي طلب وڌڻ سبب ميوزڪ سينٽرن جي مالڪن جي
مزاج به مجرماڻو ٿي چڪو هيو. جنهن جي ڪري ٻڌندڙن ۾ ڪلاسيڪيت جا عنصر نه هئڻ سبب
پراڻي ۽ اصلوڪي موسيقي سنڌ ۾ ڪو به سامع ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه بچيو هيو ان لاءِ ٻه اڍائي
سال گهڻو نقصان کائيندي کائيندي جڏهن کيس وڌيڪ خساري جي سگهه ڪونه رهيس ته رياض کي
نه چاهيندي به پنهنجي ميوزڪ سينٽر بند ڪرڻو پيو.
عمر ۽ وقت سان گڏ
رياض جي اندر جي فنڪار به بلوغت ڏانهن وک وڌائيندو رهيو
رياض سومرو پهريون ڀيرو
اسٽيج تي ۱۹۸۳ع ڌاري تڏهن ڳايو جڏهن هو اڃان ڇهين جماعت ۾ پڙهندو هيو تنهن کي ٻڌندڙن جي
هڪ وڏي حلقي تمام گهڻو ساراهيو جنهن سان پنهنجي اندر جي فنڪار تي سندس ويساهه وڌيو
ته کيس هن فيلڊ ۾ ضرور مان ملندو. لاهوري محلي ۾ ئي الياس ميمڻ، الطاف ڀٽي ۽ امتياز
منگي نالي دوست هڪ ننڍڙي گروپ جي صورت ۾ ڳائيندا وڄائيندا هيا جيڪي وت ۽ وس آهر
شهر جي محفلن ۽ منڊلين جي رونق وڌائيندا رهندا هيا. رياض جڏهن مئٽرڪ ۾ پڙهندو هيو
تنهن دوران دوستن جو اهو گروپ پنهنجي بينڊ واري سازو سامان سان گڏ سندس اسڪول ۾ پرفارمنس
ڪرڻ آيو جتي موسيقي سان عشق ڪندڙ پانڌيئڙي طور رياض سومرو جي انهن سان پهرين ملاقات
ٿي جيڪا هڪ سوچ، رستي ۽ منزل هئڻ سبب جلد ئي دوستي ۾ بدلجي وئي. انهن سڀني دوستن ڪجهه
وقت کان پوءِ گڏجي لاڙڪاڻو شهر جي لاهوري محلي ۾ ئي ۱۹۸۸ع ۾ بلومنگ آرڪيسٽر ميوزڪ بينڊ ٺاهيو.
بلومنگ نالي گروپ
کان موسيقي جي سريلي سفر جي شروعات ڪندڙ رياض سومرو ان ڏينهن کان پوءِ ورائي پٺتي ڪونه
ڏٺو ۽ ڪيسٽي ڪلچر جي گندگي جي هزارين گلوڪارن جي انبوهه جي باوجود سنڌ ۾ موسيقي جي
شوقين طبقي لاءِ بهترين گيت اڻيندو رهيو جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري و ساري آهي.
رياض سومرو جي گيتن جا هن وقت تائين پنج البم اچي چڪا آهن جڏهن ته پي ٽي وي، ڪي ٽي
اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، ڌرتي ٽي وي وغيره تي سندس ۳۰ کان مٿي وڊيو هليندا رهندا آهن.
رياض سومرو کي ننڍپڻ
کان ئي اداڪاري جو پڻ تمام گهڻو شوق هوندو هيو ۽ تنهن شوق جي آبياري ڪرڻ ۾ به هڙان
وڙان ڪونه گهٽائيندو هيو پر باظابطه طور تي مرحوم سردار ياسين۱۹۸۷ع ۾ کيس پهريون دفعو هڪ مزاحيه اسٽيج ڊرامي
۾ متعارف ڪرايو جتان باقاعده هن فنِ عظيم ۾ به پنهنجا پر پکيڙيندو رهيو. سندس
پهريون ٽي وي ڊرامو انتظارگاهه هيو جيڪو ۲۰۰۱ع ۾ ايوب گاد جي هدايتڪاري ۾ ٺهيو ۽ سنڌي چينل ڪي ٽي اين
تي هلندو رهيو. جنهن کان پوءِ رياض سومرو لاڙڪاڻو ۾ اسٽيج ۽ مني اسڪرين جو بادشاهه
ٿي ويو جنهن کي اسان جو مرحوم دوست عثمان فليش مين “لاڙڪاڻو جي سپر اسٽار” چوندو
هيو.
رياض سومرو هن وقت
تائين قريبن ۲۵ کن اسٽيج ڊراما، ۵ سيريئل، ۱۰۰ کان مٿي سولو پليز ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو
آهي ڪيا آهن جن مان بيشمار ۾ بهترين اداڪار طور کيس ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. اسان
جو سماج پنهنجي هيروز لاءِ ڪهڙا به پيمانا رکندو هجي پر سچ اهو آهي ته رياض سومرو
جهڙا سهڻا، سٻاجها ۽ جهدِ مسلسل جا قائل مانجهي مرد نه رڳو اسان لاءِ پر دنيا جي
تمام قومن جي اخلاقي ۽ انساني پيمانن ۾ ماڻڪ موتي لال ڀانئيا ويندا آهن جيڪي نه رڳو
پنهنجي فن ۽ گيان کي عام انسانن لاءِ ارپي ڇڏيندا آهن پر جن جو اسان جي آس پاس هجڻ
وارو احساس ئي سماجن ۾چڱ ڀلائي، ماڻهپي ۽ انسان دوستي جي پرچار جي اولڙو رهندي
محبت جي مڃيل معيارن جي خوشبو پکيڙيندو رهندو آهي.
رياض سان توڙي جو جڏهن
به سالن کان پوءِ ئي ملڻ ٿيندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪالهه مليا هياسين. ۽ اڪثر
ملڻ مهل ڪجهه نه ڪجهه بهتر ڪرڻ لاءِ ڪچهريون ٿينديون آهن. ساڻس آخري ملاقات ان وقت
ٿي جڏهن پاڻ علي روشن سان گڏ منهنجي گهر ملڻ آيو ۽ پروگرام کڻي آيو هيو ته سندس
ويب چينل آهي لاڙڪاڻو جي تاريخي ماڳن ۽ ماڻهن تي ڪي ڊاڪيومينٽريون ٺاهي رکون.
اسان جو هي سپر
هيرو دوست ۽ محسن ڀاءُ جيڪو پنهنجي دماغ کي سدائين پاڻ جهڙي انسانن، پنهنجي جنم ڀومي،
موسيقي ۽ دوستن لاءِ جوکم ۾ وجهندو رهندو هيو ۽ جنهن کي ڏسندي، محسوس ڪندي ۽ ياد ڪندي
مون جهڙا لوفر قسم جا ماڻهو انسانيت ۽ اپنائيت جي واٽ مان نگاهون ڪو نه هٽائيندا
ته هن سماج ۾ اڃان رياض جهڙا ماڻهو رهن ٿا ته مطلب اڃان هي سماج رهڻ جي قابل آهي.
سو اسان جو سائين دماغ جي ڪنهن پرزي جي پريشاني سبب ھن وقت سائوٿ سٽي هاسپيٽل ڪراچي
۾ داخل آهي.
ساڻس موبائل تي ڳالهائڻ
ٿيو ته ٻڌائين ته دماغ ۾ ٽيومر ٿيو آهي جنهن لاءِ داخل ٿيڻو پيو آهي. اهو پڻ ٻڌايائين
ته بيماري جي معاملي ۾ هن وقت تائين سموري يا کڻي گهڻي کان گهڻي پرگهور اڪبر لغاري
صاحب جن ڪري رهيا آهن تنهن لاءِ مان لغاري صاحب لاءِ پڻ تمام گهڻو دعاگو آهيان جيڪو
ڏکئي سکئي وقت ۾ اسان جي فنڪار دوستن جي سهائتا ڪندو رهندو آهي.
دوستن کي گذارش آهي
ته اسان جي سهڻي دوست رياض جي صحتمندي ۾ بارگاهه خداوندي ۾ التجا ڪن ته جيئن هو
جلدي صحتياب ٿي پنهنجي ماڳين موٽي اچي جو بيماري جي سلسلي ۾ جلد ئي سندس آپريشن ٿيڻ
واري آهي. رياض ڀاءُ الله جي مهرباني سان جلد ملاقات ٿيندي جو پنهنجا اهي پروگرام ته
اڌورا آهن جيڪي پاڻ سوچيا هيا لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي تاريخ متعلق ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ
وارا. الله جي امان ۾ سدائين جنهن جي وس ۾ اسان جو سڀ ڪجهه آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا