; سنڌي شخصيتون: ڪوڙل قربدار

30 December, 2019

ڪوڙل قربدار

ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو
ڪوڙل قربدار سماجي ناانصافين، وطن جي حُب ۽ پيار بابت شاعري ڪري پيو. سندس شاعريءَ جو لهجو عام فهم آهي. هُو پيار جو پرچارڪ آهي، جنهنڪري قربدار تخلص رکيو اٿائين ۽ کيس سماجي ناانصافين جي تلخين ڪوڙل بنايو آهي.


ڪوڙل قربدار جو ڇٺيءَ نانءُ ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون آهي. هُو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۱ع تي، ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ۲۰۰۲ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري تعليم جي استاد طور پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهائي رهيو آهي.
زوردار آواز سان شعر پڙهندڙ ڪوڙل قربدار، ۱۹۸۹ع ۾، شاعريءَ جي شروعات نعتيه شاعريءَ سان ڪئي. هن چَوسٽا، غزل، ڪافيون، وايون ۽ نظم وغيره سرجيا آهن. شاعريءَ ۾ سندس استادَ پيرل قنبر، خير محمد ’سوز‘ ٻرڙو ۽ سرمد چانڊيو آهن. نوجوان ڪهاڻيڪار سيف الحق سيف جي چوڻ موجب: ”ٻُوساٽيل ماحول ۾ جنم وٺڻ باوجود ڪوڙل قربدار پنهنجي فطري سڀاءَ ۾ باشعور، سُلجهيل ۽ کليل ذهن جو مالڪ آهي. هُو ادبي تعصب ۽ گلا غيبت کان پرتي رهندڙ، اتساهيندڙ ۽ جاکوڙي ڪردار آهي.“
جساف يونٽ ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي (۹۸-۱۹۹۷ع) ۽ بزم-پيرل قنبر شهدادڪوٽ (۹۸-۱۹۹۷ع) جو ميمبر رهندڙ ڪوڙل قربدار، س.ا.س. قنبر سان لاڳاپي ۾ ته ۹۳-۱۹۹۲ع کان وٺي رهيو آهي، پر ميمبر جنوري ۲۰۰۳ع ۾ ٿيو.
ڪوڙل قربدار جي رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.



ڪوڙل قربدار
سنڌي ٻوليءَ جو پورهيت شاعر
عيسيٰ ميمڻ
سنڌي ادب جي شروعات شاعريءَ کان ٿي آهي. دنيا جو قديم ترين ڪتاب رگويد سنڌوءَ ڪناري تي لکيو ويو جيڪا خود شاعريءَ جي صورت هيو. سنڌي سماج فطرت پسند رهيو آهي جنهن ڪري ان جي مزاج ۾ شاعريءَ ڏانهن جهڪاءُ گهڻو ڀاسجي ٿو. “بيت” اسان جي ڪلاسيڪي شاعري جي نج ۽ مقبول ترين صنف رهي آهي. جيتوڻيڪ “بيت” هندي ڪلاسيڪي شاعري جي مقبول ترين صنفن “دوهي” ۽ “سورٺ” مان متاثر نظر اچي ٿي. سومرن جي دورکان ڪجھ اڳ ۾ سنڌيءَ ۾ “بيت” لکڻ جو گهڻو رواج ملي ٿو. سمنگ چارڻ بيت جو مقبول ترين شاعر هو جنهن “واقعاتي بيت” تمام گهڻا لکيا. شروعاتي دور ۾ ٻن سٽن جا بيت ملن ٿا سمنگ چارڻ جا بيت وڌ ۾ وڌ ٽن سٽن جو ملي ٿوهاڻي ته بيت جي بندن جي آخري حد بندي نه رهي ته موضوع جي ڏس ۾ پڻ “بيت” جي ڪا حد بندي نه رهي آهي. رومانس کان وٺي انقلاب تائين سماج جا هر پهلو بيت جي جهوليءَ ۾ سمائي سگهجن ٿا.
ڪوڙل قربدار جو اصل نالو ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون آهي. هن جو جنم ۱۵ فيبروري ۱۹۷۱ع ۾ تعلقي قنبر جي ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي ۾ ٿيو. هن شاعري جي شروعات ۱۹۸۹ع کان نعتيه شاعري کان ڪئي. هن شاعري جي پيچرن تي پنڌ ڪندي بزم پيرل قنبر شهداد ڪوٽ جو ۱۹۹۷ع ۾ باضابطه ميمبر ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو ۲۰۰۳ع ۾ ميمبر ٿيو، ۲۰۱۱ع ۾ سنگت قنبر جو ڪائونلسر ۽ ۲۰۱۹ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو سيڪريٽري ٿيو. هن پنهنجي سموري ادبي سفر۾ هڪ متحرڪ ڪارڪن طور تي گذاري آهي. بظاهر شوخ نظر ايندڙ ڪوڙل قربدار طبيعت ۾ محبتي ماڻهو آهي. ڪوڙ ۽ منافقت کان بلڪل پري رهندڙ ڪوڙل اصل ۾ اسان سڀني جو مٺل آهي. جنهن وٽ محبتون آڇڻ کان سواءِ ڪجھ به نه آهي.
ڪوڙل قربدار سنڌي شاعري ۾ جتي ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو اتي هن بيتن تي پڻ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندو رهي ٿو. شاعريءَ جي ڏس ۾ ڪوڙل قربدار “گيت”، “غزل” ۽ “نظم” ۾ ڀرپور اظهار ڪيو آهي جنهن ڪري شاعري ۾ سندس سڃاڻپ جو حوالو به مٿيون صنفون رهيون آهن. اهوئي سبب آهي جو ڪوڙل قربدار جي بيتن ۾ پڻ غزل، نظم ۽ گيت جو اثر جهلڪندي نظر اچي ٿو. ڪوڙل قربدار جو تعلق پورهيت گهراڻي سان هجڻ جي ڪري هن ادب جي ميدان تي پڻ ساڳي ڪرت جاري رکي آهي. جنهن ڪري ڏک سک ۾، اڃ بک تي، سردي گرمي ۾ سدائين متحرڪ رهي ٿو. جنهن ڪري هن پنهنجو الڳ تعارف ٺاهيو آهي. بيت جي حوالي سان هن جون هي ڪوششون پڻ گهڻي عمر نه ٿيون رکن پر هن جي بيت جو انداز پنهنجو آهي خصوصن موضوعاتي حوالي سان هن وٽ وطن دوستي کان سماج جي اهنجن تائين هر قسم جا موضوع بيت ۾ ملن ٿا. جيئن هيٺين بيت ۾ شاه لطيف سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
سهڻو شاھ لطيف آ، پرھ جو پيغام،
بخشيندو دوام، توکي پنهنجي سوچ جو.
ڪوڙل اصل ۾ نالي جي آخري حصي “قربدار” جو هوبهو تصوير آهي. هن وٽ هرانسان لاءِ مانُ آهي. نالي ۾ “ڪوڙل” باقي هن وٽ محبتون ئي محبتون آهن. جيڪڏهن هي ڪوڙل آهي ته صرف وطن ۽ سماج جي دشمنن لاءِ ڪوڙل آهي. باقي پنهنجن لاءِ محبتن کان سواءِ هن وٽ ڪجھ به نه آهي. جنهن ڪري هي پنهنجي محبتن جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
جيئي پيار پوڄا، جيئي سونهن سچ.
چڏي ڪڙايون ڪچ، ته نوان لايون نينهن.
ڪوڙل قربدار پنهنجي بيتن جي وسيلي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هن اندر ۾ هڪ خوبصورت شاعر ويٺو آهي جنهن وٽ تڙپ به آهي ته ان تڙپ کي اظهارڻ جو زبرست ڏانءُ به آهي.



ڪوڙل قربدار

املهه انسان - سلسلو :۱۷۶

حفيظ چانڊيو

۱۵ فيبروريءَ ۱۹۷۱ع اهو ڏينهن هيو، جڏهن سنڌ جو سهڻو شاعر ڪوڙل قربدار ڳوٺ فيض محمد بجيراڻي /حاجي گولو خان چانڊيو ضلعي قمبر ۾ ڄائو. هن جو خاندان انتهائي مسڪين هو. هارپو سندن زندگيءَ گذارڻ جو واحد وسيلو هو. شروع کان ئي ھو انسان دوست ۽ ملنسار رهيو آهي. مزاجن محبوب قسم جو ماڻهو رهيو آهي. محبت جو پيڪر آهي. تعميري سوچ جو مالڪ، ڀلجي به ڪنهن لاءِ برو نه سوچيندو. پڄندس ته چڱائي ڪندو. کيس سکن بدران زندگيءَ جي هر موڙ تي ڏکن ۽ ڏوجهرن ئي ڀليڪار ڪئي آهي.هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان جنجهه پرائمري اسڪول مان پرائي گورنمينٽ هاءِ رئيس ڀنڀي خان چانڊئي مان ڏهين جو امتحان پاس ڪيو. مسڪين گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري هن لاءِ انٽر تائين ڪنهن ڪاليج ۾ وڃڻ ڪنهن امتحان کان گهٽ ڪو نه هو. ريگيولر پڙهي نه سگهيو. انٽر لاءِ هن هِتان هُتان ٻه چار ڏوڪڙ هٿ ڪري اورينٽل ڪاليج شاهه لطيف قنبر ۾ داخلا ورتي جتي فرسٽ ايئر ۽ انٽر جا هڪ ئي سال پرچا ڏنائين. پڙهائي سان سندس گهري دلچسپي هئي. کيس پيار ۾ مٽ مائٽ ڪوڙل سڏيندا هئا ادبي دنيا ۾ آيو ته ان ڪوڙاڻ پٺيان قربدار اضافو ڪيو ته ڪوڙل به قربدار ٿي پيو. سندس اصل ڇٺيءَ جو نالو ذوالفقار آهي، سندس ذات سمون آهي. سندس شاعريءَ ۾ جن شاعرن اصلاحيو ۽ اتساهيو تن ۾ استاد پيرل قمبر ۽ سائين سرمد چانڊيو آهن. مٿس ڪوڙل قربدار نالو به استاد پيرل قمبر صاحب ئي رکيو. پيشي جي لحاظ کان هو هڪ پرائمري استاد آهي. استاد اڪثر شاعر ٿين ٿا ائين ڪوڙل قربدار پڻ شاعري ڪرڻ لڳو. استاد ٿيڻ کانپوءِ هن کي پروفيشنل ڊگرين جي ضرورت محسوس ٿي. بي ايڊ ۽ ايم ايڊ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ڪري ورتائين. هن سموري ڄمار نڙيءَ ۾ ڪتي جو چڪ محسوس ڪيو آهي، تڪليفن ۾ رهي به هن سڀني کي اڻ ميو پيار ارپيو ته جيئن سندس قرب کي ٻيا ماڻهو محسوس ڪري سگهن ۽ سندس مثبت ڪردار سنڌي ادبي ويڙهي ۾ ڪوئي مقام ماڻي سگهي ۽ ٻين ۾ نمايان پڻ رهي.

ڪوڙل قربدار، سنڌي ادب جو انتهائي متحرڪ ڪارڪن رهيو آهي. سنڌ دشمن ڪوئي به معاملو ٿيندو، نئين ڪنهن نظم سان هو انهي موڙ تي پهچندو، اهڙو جذباتي انداز ۾ نظم ٻڌائيندو جو دشمنن جو هنيانءُ ئي ڦاٽي پئي. سندس سنڌ سان بي انتها محبت وارو باب سنڌي ادب ۾ سندس لازوال ۽ سچيت جذبن جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. مسلسل سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ نور نچوئيندو رهي ٿو. سٻاجهو مهمان نواز اوطاقي يار ويس، ملنسار، انتهائي حساس، سينئر هوندي به ورڪر طور سدائين جذباتي انداز ۾ سرگرم عمل رهيو آهي.

ڪوڙل قربدار، پيار ۽ پنهنجائپ جو هڪ شاندار حوالو آهي جنهن ادبي دنيا ۾ پنهنجي ڏات وسيلي نه صرف ادبي دنيا ۾ عزتون ماڻيون آهن پر عوامي طور پڻ مشهوري ماڻي آهي. هو اڄ به ڪنهن معصوم ٻار جيان بنهه سچيت ۽ سادو لڳندو آهي. دنيا جي چالاڪين کان بنهه بي بي خبر سنڌ جو هيءُ ارڏو شاعر روايتن جو امين بڻيل آهي. هن سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ ۽ امن جي قيام لاءِ ڪيترائي گيت ۽ غزل لکيا آهن هو امن جو پرچارڪ شاعر آهي. هو پيار جو اهو پکي آهي جنهن کي نفرتن جي "نون" کان سدائين ناراضپو رهيو آهي. سندس شاعريءَ سچيت جذبن تي آڌاريل آهي. سندس شاعري سادي سودي اظهار جو سهڻو نمونو آهي جنهن کي پڙهڻ سان ائين لڳندو جهڙوڪ شاعر پڙهندڙ جي اندر کي گهمي سندس احساسن کي جهٽي شعري روپ ڏنو هجي. هو ادبي اسٽيج جو شهزادو شاعر آهي. سدائين سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن تي واويلا ڪندي نظر آيو آهي بدامني جي باه ۾ وڪوڙيل سنڌ ۾ هن امن جي واپسيءَ جا نظم لکيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ خوشحال ۽ امير سنڌ جو اجڙيل حال بيان ڪيو آهي. هو پرماريت جي خلاف رهيو آهي استحصال ڪندڙن جي اک ۾ ڪنڍو ٿي ڇڀندو رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته سندس ديس جا ماڻهو ڊگرين هوندي به بک، بيروزگاريءَ جي ڌٻڻ ۾ غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گھارين پيا. هو سماج ۾ ڦهليل اره زوراين تي تڙپي تڙپي لکندو رهي ٿو. امن جي امامت ڪندڙ هڪ خوشحال خطي کي ڀڙڀانگ ٿيندي ڏسي سندس نيڻ آلا ٿيو پوندا آهن.

هو پورهيت آهي، پورهيتن جي نمائندگي ڪندڙ شاعر آهي. هو قومپرست شاعر آهي، ڌرتيءَ جي دشمنن لاءِ سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي روپ ۾ بڻڇيون ۽ ڀالا هوندا آهن جيڪي هو جيڪڏهن ڪنهن اسٽيج تي پڙهندو ته ڌارين ۽ سنڌ دشمنن جي سيني ۾ وڃي کپندا آهن. هو بيباڪ ليکڪ آهي. جي ايم سيد جو حقيقي پوئلڳ شاعر آهي. هو محبتن جو هڪ امين شاعر آهي. ويلن جا ويلا ويٺو هوندو، پر ڪوڙل ڪڏهن به سنڌ سان بي وفائيءَ جو ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو. هو امن جي امامت ڪندڙ شاعر آهي جنهن لاءِ ديس جي خوشحالي ۽ معاشي ترقيءَ جو راز امن ۾ لڪل آهي. هو قبيلائي جهيڙن جي خلاف رهيو آهي. پراڻين ۽ دقيانوس رسمن خلاف مسلسل لکندو رهيو آهي. قبيلائي جهيڙا جنهن ۾ انائن جو هروڀرو جو اڀار ٿئي ٿو. دشمنيون نسل در نسل تائين برقرار رهن ٿيون، وقتي انائن سبب صدين تائين ويڙهن جا ويڙها ۽ قبيلن جا قبيلا رتوڇاڻ ۾ پنهنجي ڪونڌرن کي گولين سان پروڻ ٿيل پسندا رهن ٿا. انهن نفرتن سبب پوري سنڌ کي سڙندي رک ڏسي ڪوڙل امن جا گيت لکندو رهي ٿو. هو چاهي ٿو ته نفرتن کي ڪوئي بچاءُ بند ٻڌي جنهن سان امڪاني بيواه ٿيندڙ ونين ۽ يتيم ٿيندڙ ٻارڙن کي سندن والدين جي گهاٽي ڇانوري کان محروم ٿيڻو نه پئي. ڪوڙل قربدار، قبيلائي جهيڙن جي روڪٿام لاءِ منٿ ميڙ قافلن ۾ شاهه جا رسالا ۽ ڪلام پاڪ مٿي تي کڻي، جهيڙيندڙ ڌرين کي صلح لاءِ گذارشون ڪيون آهن، ڇسي انائن جي خاتمي لاءِ کين پر زور اپيلون پئي ڪيون آهن، انهن ٻهراڙين جي ماڻهن کي ڌارين جي سازشن بابت آگاهي ڏني آهي ته هو پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن.

ڪوڙل قربدار، لکڻ جي شروعات ۱۹۸۹ع ۾ ڪئي. سندس ادبي پورهئي ۾ ٻه ڪتاب

استاد پيرل قمبر تخليقڪارن جي آئيني ۾ ترتيب ڏنل آهي، جڏهن ته سندس شاعريءَ جو ڪتاب "احساس عاشقي جو “ تازو ڇپجي آيو آهي جيڪو بخاري پبليڪيشن طرفان ڇپيو آهي. چئن اهڙن شاعريءَ جي ڪتابن ۾ سندس شاعري ڇپيل آهي، جيڪي ٻين ترتيب ڏنا ۽ سهيڙيا آهن. وٽس اڃان ايترو مواد آهي جو هو اڃان نثر ۽ نظم جا اڃان چار ڪتاب ڇپائي سگهي. هن کي جتي به ڪا رڪاوٽ محسوس ٿي آهي ته هن تخليق ۾ پناه ورتي آهي سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي تاريخ سمايل آهي جنهن مان سموري قوم جي نفسيات، انتشار ۽ اتحاد، خودغرض ۽ اجتماعي مفادن تي گهور ٿيڻ، سوچ ۽ فڪر عيان ٿين ٿا. سندس شاعريءَ جو محور سنڌ ڌرتي آهي ۽ اتي وسندڙ لکين ماروئڙا آهن جن سان هو ماءُ جي پيار وانگر پاڻ ارپيندو رهي ٿو. سندس شاعراڻو جهان نهايت حسناڪ آهي، جنهن ۾ دلفريب نظارا آهن ته نفاست جا نوان جهان پڻ موجود آهن. هن هميشه شعرن ۾ سماجي ڀڃ ڊاهه خلاف لکيو آهي، سماج اندر سندس مثبت ڪردار ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. فني توڙي فڪري حوالي سان سندس شعري ڀرپور آهي. هو عام کي اجارڻ لاءِ سندن احساسن جي ترجماني ڪندو رهي ٿو. سندس شاعري جيئن به آهي، جهڙي به آهي سچ پڇو ته بامقصد ۽ عاسقيءَ جو احساس ڏيندڙ آهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال اتن ۱۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي  کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا