علي انور قمبراڻي
گھڻن کي روئاري وينداسين
– پهرين ورسي جي مناسبت سان
سليم جتوئي
”ڪو نه بچسان،
درد تيڏي وچ، رو رو مرويسان“ ۽ ”اسان جڏهن گذاري وينداسين، گھڻن کي روئاري
وينداسين“ جهڙن شاهڪار ڪلامن کي سرجيندڙ شاعر، مرحوم حاجي علي انور قمبراڻي کي سنڌ
جي ڀلوڙ شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري ڳوٺاڻن ماڻهن جي دل جي ارمانن وٽان
هوندي هئي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان اُڪير توڙي معاشري جي حالتن پٽاندڙ لفظ
توري تڪي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيل هوندا هئا، هر ڪو ائين ڀائيندو هو ڄڻ ته سندس دل جي
ڳالھ پئي هلي. سو ذڪر شاعر حاجي انور قمبراڻي جو جيڪو هن وقت اسان وٽ موجود ته ناهي
پر سندس شاعري صدين تائين ماڻهن کي ياد رهندي.
دادو ضلعي جي جوهي
تعلقي جي ڳوٺ ڦلوءَ قمبراڻي ۾ ميوو خان قمبراڻي جي گھر ۾ ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۶۲ع ۾ جنم وٺندڙ عوامي شاعر انور قمبراڻي
بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ پنج درجا پاس ڪرڻ بعد ٻني ٻاري جي ڪم ۾ پنهنجي
والد سان هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، کيس ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪري سان عشق ٿي پيو ۽ ان عشق علي
انور کي اندران جھوري وڌو، سندس دل مان جيڪا دانهن نڪتي، ان شاعريءَ جو روپ ڌاري
علي انور کي مشهور شاعر انور قمبراڻي ڪري بيهاريو، تڏهن ته انور قمبراڻي جي شاعري
جو گھڻي ڀاڱي محور محبت ۽ وڇوڙو رهيو. انور قمبراڻي جڏهن باقائدي شاعري شروع ڪئي
ته ان زماني ۾ انور قمبراڻي ڪافي ڪلام لکيا هئا، جيڪي اڃان ڪنهن ڳائڻي ڳايا نه
هئا، جڏهن هو پنهنجي شاعري کڻي مرحوم جلال چانڊيو ڏانهن ويو ته ان کيس تمام گھڻو
مايوس ڪيو، نه رڳو اهو پر ان وقت جي ٻين وڏن ڳائڻن پڻ سندس شاعري ڳائڻ کان جواب ڏئي
ڇڏيو هو، هونئن به اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته اسان نالي واري جي پٺيان هلندا
آهيون ۽ ڪنهن کي ٽيلنٽ ڏيکارڻ جو موقعو نه ڏيندا آهيون. بهرحال انور قمبراڻي همت
نه هاري ۽ شاعري جي سر موڙ شاعر سائين احمد شاھ بخاري المعروف استاد بخاري کان
شاعري جا وزن بحر سکڻ لڳو، ۱۹۸۳ ڌاري سندس پهريون ڪلام ”منهنجي يار لاتي
ميندي، منهنجي يار پاتو ڳاڙهو ڳانو“ جيڪو غلام حسين ميراثي ڳايو، جنهن ايتري عوامي
مقبوليت نه ماڻي جو انور قمبراڻي کي ماڻهو شاعر ڪري مڃين پر جڏهن استاد بخاري کان
شاعري جي سکيا جي بٺي ۾ پچي راس ٿيڻ بعد انور قمبراڻي پهريون ڪلام ”ڪون بچسان درد
تيڏي وچ رو رو مرويسان“ لکيو جيڪو استاد بخاري جي ئي چوڻ تي منظور سخيراڻي ڳايو ته
رات پيٽ ۾ انور قمبراڻي سڄي سنڌ جو مقبول عوامي شاعر بڻجي ويو، بس پوءِ انور قمبراڻي
پوئتي مڙي ڪڏهن به نه ڏٺو ۽ ايئن هزارين ڪلام لکيا جيڪي هڪ سو کان مٿي فنڪارن ڳايا.
پڙهندڙن جي دلچسپي
لاءِ هڪڙو واقعو بيان ڪندو هلان ته جنهن زماني ۾ ڄام صادق سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ته
ان دوران سنڌ جي سدا حيات آفاقي ۽ روحاني شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي وارين تقريبن ۾ ڄام صادق
کي خاص مهمان طور گھرايو ويو، مرحوم ڄام صادق کي درگاھ تي حاضري ڀرڻ بعد آڊيٽوريم
اچڻو هو، ڇاڪاڻ ته عرس مبارڪ جا ٽيئي ڏينهن رات جو روزانو آڊيٽوريم ۾ راڳ رهاڻ جي
محفل ٿيندي آهي، جتي سنڌ جا چوٽي جا صوفي توڙي ٻيا راڳي پنهنجو راڳ پيش ڪندا آهن ۽
عرس جي آخري ڏينهن تي انهن راڳين منجهان ڪجھ خوش نصيبن کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو
ويندو آهي، جيڪي سنڌ جي وڏي وزير هٿان ڏياريا ويندا آهن، جيڪا روايت اڄ ڏينهن تائين
برقرار آهي. سو ڳالھ پئي هلي مرحوم ڄام صادق جي، ان زماني ۾ عبدالحميد آخوند ثقافت
کاتي جو سيڪريٽري هو ۽ ممتاز مرزا ڊائريڪٽر جنرل ثقافت هو، انهن ٻنهي ڄڻن وڏي وزير
جي آڊيٽوريم ۾ آمد کان اڳ آڊيٽوريم جو معائنو ڪيو ته سندن ٺپ ئي ٺري ويا ته هال بلڪل
خالي پيو آهي ۽ وڏو وزير جيئن ئي هال ۾ داخل ٿيندو ته عوامي ميڙ نه ڏسي ناراض ٿيندو،
تنهن ڪري ڪيئن به ڪري هال کي ماڻهن سان ڀرڻ گھرجي، سو کين سمجھ ۾ ڪجھ ڪين ٿي آيو، انهن
ٻنهي کي پريشان ڏسي تڏهوڪي ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد در محمد ڪمال (جنهن
سان سرڪاري نوڪري جي ڪري ليکڪ پڻ گڏ هو) کانئن پريشاني جو سبب پڇيو، ڇاڪاڻ ته
اطلاعات کاتو سنڌ سرڪار جي ترجمان طور ڪم ڪري ٿو، تنهن ڪري هر سرڪاري سرگرمي تي نظر
رکڻ ڊائريڪٽر اطلاعات جي بنيادي ذميداري هجي ٿي، سو در محمد ڪمال جي پڇڻ تي ٻنهي
کيس پوري ڳالھ ٻڌائي، جنهن تي در محمد ڪمال کين بي فڪر ٿي ويهڻ جو چئي نه ڪا ڪئي
هم نه تم، هال ۾ پاڻ اچي اعلان ڪيائين ته ٿوري دير ۾ اوهان جي سامهون جلال چانڊيو راڳ
ڳائيندو، جڏهن اهو اعلان ماڻهن جي ڪنن تي پهتو ته ماڻهن جو ڄڻ ته عوامي سمنڊ اٿلي
پيو پر جلال چانڊيو جيئن ته ثقافت کاتي وٽ شايد رجسٽر ٿيل نه هو، تنهن ڪري کيس
گھرايو ئي نه ويو هو سو جڏهن جلال چانڊيو جو اعلان ٿيو ته ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري
عبدالحميد آخوند حيرانگي مان درمحمد ڪمال کان پڇيو ته ڪٿي آهي جلال؟ جنهن جي ڪمال
صاحب کيس ڪا به ورندي نه ڏني ۽ تڪڙو هال مان ٻاهر نڪري ويو. در محمد ڪمال صاحب ڇاڪاڻ
ته لطيف سائين جو نه پارکو هو پر کيس راڳ سان وڏي دلچسپي هوندي هئي ۽ راڳ جي قسمن
توڙي راڳين بابت وڏي ڄاڻ هوندي هئس، ان سبب کيس ان وقت به اها ڄاڻ هئي ته ماڻهو ڪيئن
ٿا گڏ ڪري سگھجن، سو مرحوم در محمد ڪمال کي اها خبر هئي ته عرس مبارڪ يا ميلي تي
جلال چانڊيو به آيل آهي، هتي اهو به واضح ڪندو هلان ته جلال چانڊيو ۽ در محمد ڪمال
صاحب هڪ ئي تر جا هئا، جنهن ڪري ٻنهي ۾ هجت ۽ احترام وارو رشتو قائم هيو. ميلي ۾ ڪنهن
هنڌ جلال چانڊيو مرحوم ڳائي رهيو هو ۽ جڏهن در محمد ڪمال تي نظر پيس ته ڪلام اڌ ۾
روڪي وڏي نوڙت ۽ نياز سان ڪمال صاحب سان مليو، جنهن کيس هوٽل بدران سرڪاري راڳ جي
محفل ۾ هلي ڳائڻ جو چيو ۽ ايئن جلال چانڊيو مرحوم جڏهن هال ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ماڻهن
جا انبار لڳي ويا جن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نيٺ پوليس کي گھرائڻو پيو. ان مان پڙهندڙ
عوامي راڳين ۽ شاعرن جي مقبوليت جي حد جو اندازو پاڻ لڳائي سگھن ٿا. هي مضمون ڇاڪاڻ
ته مرحوم شاعر انور قمبراڻي تي لکيو پيو وڃي، ان ڪري ان تي فوڪس رهڻ گھرجي پر
معذرت سان پڙهندڙن کي ڪيسٽ ڳائڻ ۽ شاعرن جي عوامي مقبوليت بابت آگاهه ڪرڻو هو تنهن
ڪري مضمون کي ٿورو ٻئي رخ ۾ کڻي ويس سو ڳالھ پئي هلي انور قمبراڻي جي، اهو واحد سنڌي
شاعر آهي، جنهن کي سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ ڳائڻ ڳايو، اندازي موجب انور قمبراڻي ۱۵ هزار مٿي ڪلام لکيا، جن کي ۱۰۰ کان وڌيڪ ڳائڻ ڳايو آهي، جن مرحوم جلال چانڊيو،
منظور سخيراڻي، انور حسين وسطڙو، سرمد سنڌي، ثمينا ڪنول، حميرا چنا، فوزيا سومرو،
الله داد زرداري سميت ٻيا سوين نالي وارا فنڪار شامل آهن. انور قمبراڻي مرحوم سنڌ
جو واحد عوامي شاعر آهي، جنهن سمورن شاعرن کان وڌيڪ سرائيڪي ۾ شاعر ڪئي، هن ڏوهيڙا،
ڪافيه، ڪلام، بيت ۽ چوسٽا پڻ لکيا، هن پنهنجي هڪڙي ڪلام ۾ سنڌ جي ۱۴۰۰ ذاتين کي شامل ڪيو ۽ پي ٽي وي تي هڪڙو ڪلام
پيش ڪيو جيڪو هن ريت هو ته: ”اتر ۾ ڳوليم، ڏکڻ ۾ ڳوليم، اوڀر ۾ ڳوليم، اولھ ۾ ڳوليم
پر پوءِ به محبوب نه مليو“ ان ڪلام ۾ انور قمبراڻي سڄي دنيا جي ملڪن جو ذڪر ڪيو
آهي، انور قمبراڻي کي فني مڃتا طور ۱۹ نومبر ۱۹۹۷ ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ سونو تاج پڻ پارايو ويو، ان کان علاوه انور
قمبراڻي ٻيا ڪيترائي ايوراڊ پڻ ماڻيا. انور قمبراڻي ۱۵ هزار جي لڳ ڀڳ ڪلام لکيا ”هڪ شاعر ۱۰۰ فنڪار“ جي نالي سان سندس هڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ
پڻ آهي. مرحوم انور قمبراڻي ڪافي شاگرد پڻ پيدا ڪيا، جن ۾ محمود مسافر، سراج
ساريو، غريب گل بهار، مٺل پنهور، مينهن ملاح، اجڙيل ايوب جمالي ۽ ٻيا شامل آهن.
انور قمبراڻي مرحوم جون ٻه شاديون ٿيل هيون، انور قمبراڻي کي ۱۰ ڊسمبر ۱۹۱۸ تي سندس ڪراچي واري گھر ۾ دل جو دورو پيو ۽ اسپتال ويندي
رستي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري پنهنجي سوين شاگردن ۽ هزارين چاهيندڙن کان هميشه لاءِ
وڇڙي ويو، سندس ان وقت عمر ۵۶ سال هئي، سندس وصيت موجب دادو جي درگاھ بخاري قبرستان ۾
دفنايو ويو. انور قمبراڻي کي چاهيندڙ صدين تائين ياد رکندا. ثقافت کاتي کي گھرجي
ته سندس وسيع شاعري جيڪا سندس پٽن وٽ موجود آهي، ان کي سهيڙي ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائڻ
گھرجي.
No comments:
راءِ ڏيندا