علي انور قمبراڻي
گھڻن کي روئاري وينداسين
– پهرين ورسي جي مناسبت سان
سليم جتوئي
”ڪو نه بچسان،
درد تيڏي وچ، رو رو مرويسان“ ۽ ”اسان جڏهن گذاري وينداسين، گھڻن کي روئاري
وينداسين“ جهڙن شاهڪار ڪلامن کي سرجيندڙ شاعر، مرحوم حاجي علي انور قمبراڻي کي سنڌ
جي ڀلوڙ شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري ڳوٺاڻن ماڻهن جي دل جي ارمانن وٽان
هوندي هئي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان اُڪير توڙي معاشري جي حالتن پٽاندڙ لفظ
توري تڪي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيل هوندا هئا، هر ڪو ائين ڀائيندو هو ڄڻ ته سندس دل جي
ڳالھ پئي هلي. سو ذڪر شاعر حاجي انور قمبراڻي جو جيڪو هن وقت اسان وٽ موجود ته ناهي
پر سندس شاعري صدين تائين ماڻهن کي ياد رهندي.
