ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
جنم ڏينهن مبارڪ
رکيل مورائي
ان کان اڳ سندس
نالو سنڌ ۾ پهتل هو، نه رڳو سندس نالو پر سندس ڪتاب پڻ منهنجي نظرن مان نڪتل هئا،
ان سڀ کان اهم ڳالهه اها ته سندس ذڪر سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر سائين تاجل بيوس اڪثر
مون سان ڪندو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ان وقت تاجل سائين ئي اهڙو اديب هو، جيڪو ڊاڪٽر
جگديش لڇاڻيءَ کي بنهه ويجهو هو، ڇاڪاڻ
سائين تاجل گذريل صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي
۾ جڏهن ممبئي ويو هو ته سندس شناسائي ڊاڪٽر صاحب سان ٿي هئي، اها شناسائي اڳتي هلي
اهڙي ادبي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي، جيڪا ادب کان اڳتي وڌي، ڀائپيءَ تائين وڌي، سائين
تاجل ڊاڪٽر صاحب کي دوست جي درجي ڏيڻ کان وڌيڪ هڪ ڀاءُ جو درجو ڏيندو هئو. اهو ڊاڪٽر
صاحب جو درجو تاجل سائين جي اکين ٻوٽڻ تائين ساڳئي مرتبي سان موجود رهيو.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن
پهريون ڀيرو سنڌ آيو، تڏهن به هن کي تاجل سائين گهڻو پيار ۽ احترام ڏنو ۽ ڊاڪٽر
صاحب سان منهنجو شخصي تعلق به سائين تاجل جي ڪري ئي ٿيو ۽ ادبي تعلق ۾ اسان جي
پهرين اسهمتي ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”ڏور به اوڏا سپرين“ هو، جنهن ۾ ڪن ننڍين ڳالهين
جو ذڪر هو. مون هڪ تنقيدي خط ڊاڪٽر صاحب ڏانهن لکي، سائين تاجل کي ڏنو هو ته هُو پنهنجي
پوسٽ سان گڏ اهو خط به موڪلي ڏئي، مون کي اڄ تائين خبر نه پئي آهي ته اهو تنقيدي
خط ڊاڪٽر صاحب تائين پڳو يا نه! خير!
ڊاڪٽر لڇاڻي صاحب
سان اهو علمي ادبي تعلق جيئن جڙيو اڄ تائين قائم آهي، مون کي محسوس ٿيو ته ڊاڪٽر
صاحب سائين تاجل جي هلئي وڃڻ کانپوءِ ساڳيو تعلق مون سان جوڙيو هو، جيڪو هڪ اديب
کان وڌيڪ شخصي پڻ آهي. مون وٽ شخصي طور ڊاڪٽر صاحب لاءِ اهو ساڳو ئي احترام رهيو
آهي، جيڪو سائين تاجل لاءِ هئو. ٻيءَ طرح لڳ ڀڳ ڊاڪٽر صاحب جا سڀ ڪتاب منهنجا پڙهيل
آهن، نه رڳو پڙهيل آهن پر انهن مان جيڪو لاڀُ پرايو آهي، اهو مان ئي ڄاڻان ٿو. ڇو
ته اهي سڀ ڪتاب سنڌي ادب لاءِ لاڀائتا آهن.
ٻيو ڀيرو جڏهن ڊاڪٽر
صاحب دلبر هيري ٺڪر سان گڏ سنڌ آيو ته سائين تاجل هن دنيا ۾ نه رهيو هو ۽ ڊاڪٽر
صاحب جيترو وقت سنڌ ۾ رهيو هو سمورو وقت ڄڻ سندس اکيون سائين تاجل کي ڳولينديون
رهيون، هُو موجود نه هئو پر ڊاڪٽر صاحب جي اکين مان گهڙي پل به دور نه ٿيو.
اسان ڪراچيءَ کان
حيدرآباد پوءِ اُتان کان موري آياسين. رات جو دلبر دوست عبدالله خان جيسر وٽ رهياسين،
صبح جو دادا ٺاڪر چاولا جون هاٺيون سنڌوءَ حوالي ڪيون سين، جن ۾ اسان کانسواءِ تاج
جويو، ادل سومرو، احمد سولنگي ۽ ٻيا اديب گڏ هئا، ڊاڪٽر صاحب ۽ دلبر ڀاءُ هيرو ٺڪر
ته هئا ئي.
اتان کان منهنجي
جنم واري ڳوٺڙي حاجي مالڪڏنو سولنگيءَ ۾ منهنجي اصل گهر آياسين پر هن جي دل ۾ ڪا
تانگهه هئي، جيڪا جيئن جو تيئن رهجي وئي، هن کي ڪٿي به سائين تاجل نظر نه آيو ۽
پوءِ شايد هن سنڌ منهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي.
هن پنهنجي هر نئين ڪتاب
جي پهرين ڪاپين مان هڪ ڪاپي مون ڏانهن موڪلي. فون، موبائل، اي ميل رستي اسان جو رابطو
رهندو آيو ۽ رهندو اچي، پڪ سان اهو ناتو رشتو شايد موت ڇني!
ڊاڪٽر صاحب جو هڪ
تنقيد/تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“ سنڌ ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ هو ڀاڳن وارو
آهي جو سندس شاهه سائين تي لکيل ٻه اهم ڪتاب ”آڇيندي لڄ مران ۽ تون ڏاتار آءُ ڏڏ“
سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي پاران ڇپايا ويا. هن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سنڌ ڏٺي، سنڌ
جي عالمن، اديبن سان ميلو، ڪچهريون ڪيائين، انهن جي محبت ماڻيائين، کيس سنڌ جي
اديبن ڪيترو پڙهيو آهي، ان جو ردعمل ڏٺائين، ڀٽائيءَ جي زيادت ڪيائين ۽ ٻيو به گهڻو
ڪجهه!
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي هڪ ليکڪ/اسڪالر طور جيترو سنڌي ادب کي ڏنو
آهي، اوترو ٿورن ئي اديبن ڏنو هوندو. ادب جي اها ڪا به شاخ نه هوندي، جنهن ۾ ڊاڪٽر
صاحب جي دين نه هوندي، سندس تحقيق، ادبي تاريخ، تنقيد، اسڪرپٽ، شخصيتن تي لکيل آتم
ڪٿا، انٽرويوز، هن ڇا نه لکيو آهي.
منهنجي خيال ۾ هڪ اسڪالر
طور ڊاڪٽر صاحب کي جنهن ليول تي لکڻ کپي، ان تي ئي لکيو آهي، جنهن جو مثال اهي ڪتاب
ئي آهن، جيڪي ٽن درجنن کان وڌيڪ آهن ۽ جن ۾ ادب جون لڳ ڀڳ سڀ صنفون اچي وڃن ٿيون،
شاعريءَ کانسواءِ.
ائين به ممڪن آهي
ته ڊاڪٽر صاحب شاعري به ڪئي هجي، منهنجي علم ۾ نه هجي، ڇو ته بظاهر ائين لڳي ٿو ته
ڊاڪٽر صاحب عمر جي ڪنهن حصي ۽ ضرور شعر لکيو هو ۽ سچ پچ منهنجو هيءُ لکڻ ڊاڪٽر
صاحب جي هڪ عالم طور/ليکڪ طور پرک ڪرڻ بنهه نه آهي. شخصي طور جيئن مون ڊاڪٽر صاحب
کي ڏٺو آهي. ساڻس ممبئي ۾ اڻ ڳڻيون ڪچهريون سنڌ جي دورن وقت ساڻس ڪيترو ئي وقت گڏ
هجڻ، سفر ڪرڻ سڀ اکين اڳيان ڦري رهيا آهن.
خاص طور الهاس نگر
جي هڪ ڏينهن واري ياد ته مون کان ڪڏهن به وسري نه سگهندي، وسندڙ مينهن ۾ سنڌي ٻوليءَ
نامياري نقاد ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر هيري شيوڪاڻي، پياري نند ڇڳاڻي ۽ ڊاڪٽر صاحب سان
گڏ سنڌي لوڪ ادب تي سند رکندڙ سدا حيات ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ جي سنڌي ٽائمس جي آفيس
۾ ڪچهري ۽ ان کانپوءِ ڊاڪٽر لڇاڻي صاحب جي گهر تي ڪچهري ۽ ٻاهر وسندڙ زوردار مينهن
۽ منهنجي الهاس نگر کان ممبئيءَ واپسي، هڪ خواب هو، جيڪو گذري ويو، هاڻ ته فقط
يادگيريون ئي آهن، جيڪي ساڻ رهڻيون آهن پر جڏهن اهي يادگيريون سنڌي ادب جي هنن وڏن
شخصن سان گهاريل گهڙين جون هجن ته انهن تي فخر ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ پڪ سان مون لاءِ
ته اهي يادگيريون فخر ڪرڻ جهڙيون آهن، ڇو ته انهن جي وچ ۾ اڄ سنڌي ٻوليءَ جي اسڪالر
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جهڙي شخصيت موجود آهي. جنهن جو اڄ اسي جنم ڏينهن آهي کيس سنڌ
پاران جنم ڏينهن جو گھڻيون مبارڪون!
(ڏيھاڙي عوامي آواز، ۴ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا