رياض سومرو
سنڌ جو سريلو ٻيجل
آصف رضا موريو
اڄ فيس بڪ تي ڪجهه
دوستن جي اسٽيٽس تان خبر پئي ته منهنجو پيارو دوست، رياض سومرو ڪنهن مسئلي سبب
اسپتال ۾ داخل آهي.
گهٽ ماڻهن وٽ سهڻي
شڪل سان گڏ ڪرت سهڻي ۽ سهڻن لڇڻن سان گڏ ساڃاھ هوندي، مخلوق دوستي ۽ مثالي اخلاق
هوندو آهي. منهنجو دوست رياض انهن سڀني مڻيائن سان مالا مال آهي. سندس جنم لاهوري
محلي لاڙڪاڻو ۾ ۲۲ نومبر ۱۹۷۲ع ۾ ٿيو. پنجين جماعت پرائمري اسڪول لاهوري مان پاس ڪري، مئٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ
هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪري ۲۰۰۲ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ايم اي انگريزي ادب مان ڪيائين.
