; سنڌي شخصيتون: عارفه بشير احمد شاهاڻي، آصف رضا موريو،
Showing posts with label عارفه بشير احمد شاهاڻي، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label عارفه بشير احمد شاهاڻي، آصف رضا موريو،. Show all posts

29 December, 2019

عارفه بشير احمد شاهاڻي


عارفه بشير احمد شاهاڻي
اسان کي پنهنجي نياڻي تي فخر آهي جنهن تازو لنڊن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي
آصف رضا موريو
اسان جي ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ موريو ۽ شاهاڻي ذات جا لوڪ صدين کان ڀائيچاري، محبت ۽ مروت جي لڙي ۾ پوئيل رهندا اچن ٿا. جيڪي پنهنجي تر ۾ انتهائي امن پسند، سٻاجها، مهمان نواز، ٻني ٻاري، اوکي پوکي، مال متاع ۽ باغن واڙن وارا خوشحال ماڻهو آهن. زرخيز زمينن، ٻيلن، چراگاهن، باغن ۽ کوهن جي هنج ۾ اوتيل هن شاندار وستي ۾ رهندڙ شاهاڻي ذات جي ماڻهن جو اسان جي سانڀر ۾ چڱيرڙو زميندار، معتبر ۽ نيڪ مرد مرحوم چاچو غلام علي شاهاڻي هوندو هيو جيڪو اسان جي پياري دوستن مظفر علي، نثار علي، اياز علي ۽ نادر علي شاهاڻي جو والد پڻ هيو.