ڊاڪٽر نياز سومرو
دوستن کي مالها ۾ جوڙيندڙ
مهيش ڪمار
ڇڙوڇڙ دوستن کي جوڙيندڙ
دلبر دوست ڊاڪٽر نياز سومرو جي ياد ۾ اڄ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي تي تعزيتي ريفرنس
منعقد ٿي رهيو آهي. اهو ڪيترو ڏکائيندڙ مرحلو آهي، ڊاڪٽر نياز ڪيترن سالن کان پوءِ
حيدرآباد آيو تمام تڪڙ ۽ جلدي ۾ ڇڙوڇڙ دوستن کي هڪ مالها ۾ جوڙي پنهنجا حالات قابو
۾ نه رکندي موڪلائي به ويو. ڊاڪٽر نياز سومرو جي ڪهاڻي نرالي آهي. راڻيپور جهڙي
گرم علائقن مان ڄامشورو جهڙي سرد عاشق موسم ۽ ماحول ۾ اچي ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڇا ڪيو.
پاڻ سڀني جو معشوق بڻجي ويو. راڻيپور ۾ سندس حالات قابو ۾ هئا يا نه پر ڄامشورو ۾ ڊاڪٽري
پڙهندي حالات سندس مڪمل قابو ۾ هئا. ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڪورس مڪمل ڪرڻ واري عرصي جي ڪهاڻي
جو ذڪر به عاليشان آهي. پهريائين سندس لاهور ياترا جو ٿورو قصو ڪري ٿا وٺون.
